خوبصورت شاعر ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي مجيب سنڌي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت سٿ پاران خوبصورت شاعر ، پياري دوست، سماجي ورڪر، ادب دوست، فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم مجيب سنڌي ڪورائي کي جنم ڏينهن جون واڌايون۔ مجيب سنڌي سان ملاقات ته ٻه دفعا ٿي آهي پر پهرين ملاقات ۾ هن سادي ۽ سچي انسان سان ملندي ايئن لڳو ڄڻ هن سان ڪو جنمن جو واسطو آهي۔

    مجيب سنڌي جو اصل نالو مجيب الرحمان ڪورائي آهي جڏهن ته سندس ادبي نالو مجيب سنڌي آهي۔ مجيب سنڌي جو جنم 5 مارچ 1982ع تي دوڙ شهر ضلع شهيد آباد (نوابشاهه) ۾ ٿيو. مجيب سنڌي جو شروع کان ئي ادب ۽ شاعريء ڏانهن لاڙو رهيو ۽ هن 1998 ع کان ٻاراڻي ادب ۽ ٻاراڻي نظم لکڻ جي شروعات ڪئي. خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت دوڙ جي بنياد ۾ سندس وڏو هٿ رهيو آهي ۽ هو سنگت دوڙ جو ڪافي سالن تائين سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.

    مجيب سنڌي تمام سٺو شاعر آهي خاص ڪري وائي ۽ غزل جي صنفن ۾ هن سٺو نالو ڪمايو آهي. مجيب شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا آهن جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن.

    ادبي سرگرمين سان گڏ مجيب سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي. سماج سڌار سنگت، سنڌي ادبي فورم . گرين ويلفيئر ايسوسئيشن ۽ ٻين مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن ذريعي سنڌي عوام جي خدمت ۾ اڳڀرو رهيو آهي. مجيب سنڌي جي هڪ ٻي سڄاڻ سوشل ميڊيا ، خاص ڪري فيسبوڪ ۽ ٻين سنڌي ويبسائيٽس تي سنڌي شاعري کي سهڻي رنگن سان پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ڏاهي شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ آهي. هو صحافت سان به لاڳاپيل آهي ۽ دوڙ ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪري گذر سفر ڪري رهيو آهي. سندس سهيڙيل ادبي ڪم جلد ڇپائي جي مرحلي مان گذري اسان جي هٿن ۾ هوندو.

    دعا آهي ته سنڌ جو نوجوان ادب دوست سدا خوش رهي ۽ هي جنم ڏينهن سندس زندگيء ۾ هڪ نئين بهار جو پيغام آڻي.

    سندس شاعريء مان هڪ چونڊ غزل پيش آهي:


    نيڻ تنهنجا ٻئي مئخانا
    چپ تنهنجا آهن پيمانا

    تنهنجو ٿو مرڪڻ وڻي
    ٿي پيا آهيون ديوانا

    قرب جو ڪو جام پيار
    يار ڪيون ڪي شڪرانا

    ناهي پيتو ناهي پيتو
    گذري ويا آهن زمانا

    پيار ڏئي پيار تون وٺ
    ڏي ڇڏي هاڻي بهانا

    پيار ڏي مجيب کي تون
    ڪين گهرجن ٻيا خزانا

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 مارچ 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خوبصورت شاعر ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي مجيب سنڌي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    مجيب سنڌي حب الوطن آهي، ادب دوست آهي، پاڻ به شاعر آهي ته شاعرن جو قدردان به آهي، سنڌي ٻوليءَ سان پيار سندس نس نس ۾ سمايل آهي ...

    مجيب سنڌي ڪوسي تتي هوا ۾ بهار جي هوا آهي ... پت ڇڻ جي موسم ۾ گلابن کلائڻ جو فن رکي ٿو ..

    قرب جو ڪو جام پيار
    يار ڪيون ڪي شڪرانا

    رب العالمين کيس نظر بد کان بچائي ۽ هميشه سکيو ۽ سهڻو رکي ... آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    جواب: خوبصورت شاعر ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي مجيب سنڌي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    محترم سائين محمد سليمان وساڻ صاحب اوهان جو پيارو ڪارڊ ، مون لئه سهڻا لفظ ، ۽ جنم ڏڻ جي موقعي تي اوهان جو پيار ڪڏهن به وساري نٿو سگهان ، اوهان شفقت ، محبت ۽ پنهنجائپ جنم ڏڻ جون مبارڪون قبول پيم ،
    اوهان لئه ساڳيو پيار ۽ دعائون ۔

    محترم سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جا کوڙ قرب ۽ مهربانيون ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پياري مجيب کي جنم ڏينهن جون واڌايون ۔ پاڻ اڄڪلهه ڪراچي ۾آهن ۽ سنڌيڪا ۽ روزانه هلچل سان وابسطه آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم دوست جي لا دعاڳو آهيان ته شال مولا ڪريم سندس کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني عطا فرمائي آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پياري مجيب کي جنم ڏڻ جون واڌايون ....

    سدا سلامت هجي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    مجيب سنڌي

    تنهنجون مـڌ ڀريـون هـي پيـاريـون اکـيـون
    لـڄــاريـون لـڄـاريـون پـيـاريـون اکـيــون

    هي پنبڻيون بـه ڪيڏيون نـه سهڻيون اٿئي
    ۽ تــن ۾ ڪـجــل ڌار ڪــاريـون اکـيــون

    منجهن ڇـڪ چـڪـ مـڪ جـي آهـي رکـيـل
    خــدا ڄــڻ تــه ويـهـي سـنـواريــون اکـيـون

    ڀــــرون ڀـنـوئـــر تـنـهـنـجـا گــلــن جـي مـٿــان
    اکـيـون ڄـڻ تــه دنـيـا هـي سـاريـون اکـيـون

    اُٿــن مـنـهـنـجـا جــذبــا ٿــا مــوهــي انــدر
    ڏسـي تنهنـجـون بـي حــد پـيـاريـون اکـيـون

    اکـيـون آڏو آيـون ڪي اهـڙيـون “مجـيـب “
    جــو منـهنـجـون بــه آهـن خـمـاريـون اکـيـون

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وائي

    مجيب سنڌي

    هاڻي آءُ هلي
    آيا سانوڻ مينهنڙا
    ٿر بر آ سائو ٿيو
    مهڪي مند ڀلي
    آيا سانوڻ مينهنڙا
    موسم ڏس ملهار جي
    کنوڻين ساڻ کلي
    آيا سانوڻ مينهنڙا
    رنگ نرالا مينهن جا
    ڌرتيءَ جهول جهلي
    آيا سانوڻ مينهنڙا
    ” مجيب “ تو لئه ٿو سڪي
    اڄ مل تون به کلي
    آيا سانوڻ مينهنڙا

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو