Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
سنڌ سلامت سٿ پاران مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون جهڙ نعري جي خالق ۽ عظيم سپهه سالار شهيد هوش محمد شيد ي جي ورسيء تي کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
سن 1801ع ۾ جنم وٺندڙ شهيد جنرل هوش محمد شيدي 23 مارچ 1843ع تي مياڻي جي جنگ ۾ انگريزن سان وڙهندي شهادت ماڻي. اها جنگ دُٻي جي جنگ جي نالي سان به مشهور آهي. جنهن ۾ هوش محمد شيدي اهو مشهور نعرو هنيو هو ته مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون
23 مارچ 1843ع جو ڏينهن، سنڌ جي حاڪميت ۽ وراثت لاءِ هڪ نڀاڳي ڏينهن هو، اُن ڏينهن هڪ پاسي مير شير محمد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي وحدت بچائڻ لاءِ سنڌ جي فوج هئي ته ٻئي پاسي جديد هٿيارن سان برطانوي فوج، جيڪا سنڌ تي قابض ٿيڻ خاطر جنگ لاءِ تيار هئي. دٻي جي ميدان تي سنڌ جي فوج ۽ انگريزن جي فوج ۾ زبردست جنگ لڳي، جنهن ۾ سنڌ جي تقدير جو فيصلو ٿيڻو هو. هن جنگ ۾ سنڌ جو سپه سالار جرنيل هوش محمد شيدي انگريزن فوج سان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيو. جنگ ۾ جنرل هوش محمد شيدي جي بهادري ۽ بهتر جنگي حڪمت عملي جي ڪري، هڪ موقعي تي انگريز فوج کي شڪست ٿي رهي هئي پر ڌرتي جي غدارن جي مخبري سبب، سنڌ جي فوج جي جنگي بارود کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو، ان موقعي تي جرنيل هوش محمد شيدي پاڻ سنڌ جي فوج جي ڪمان سنڀالي ۽ اهو امر نعرو بلند ڪيو ته ”مر سون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جيڪو تاريخ جو حصو بڻجي ويو. سنڌ جا تاريخدان لکن ٿا ته شهيد هڪ حبشي غلام هو. شهيد جو والد مير فتح خان ٽالپر وٽ ڪم ڪندو هو ۽ ايران جي منڊي کان ڪراچي جي بندرگاهه ڏانهن موڪليو ويو هئو، وليم نيپيئر پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته شهيد هوشو فوجي سکيا فرينچن کان حاصل ڪئي هئي. هڪ محقق مهرڪا ڇيلوي لکي ٿو ته شهيد هوشو آفريڪي ملڪ تنزانيه جو رهاڪو هو. شهيد هوشو نيپولين جي فوج سان گڏ مصر جي جنگ ۾ به انگريز فوج خلاف وڙهيو هو. دٻي جي جنگ جي شام سنڌ لاءِ هڪ ڪاري شام هئي، جڏهن سنڌ جو هي بهادر سپه سالار شهيد ٿي چڪو هو ۽ آزاد سنڌ جو جهنڊو لاٿو ويو هو. شهيد هوشو شهيد ٿيڻ باوجود تلوار کي هيٺ نه ڪرڻ ڏنو. جنهن تي کيس سموري انگريز فوج سلامي به ڏني ۽ جهڪي سلام ڪيو. شهيد هوش محمد شيدي اڄ به سنڌ واسين جي دلين ۾ ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جي امر انقلابي نعري سان زنده آهي.
جواب: سنڌ جي عظيم سپهه سالار شهيد هوش محمد شيدي جي ورسيء تي ڀيٽا
سلام سنڌ جا شهيدو ... اسانجو ڪنڌ اڄ به هيٺ آهي، تنهنجي شهادت سان شروع ٿيندڙ غلامي اڃان اسانجي نصيب ۾ آهي ... ڪيترن ئي رنگن مٽائڻ کان پوءِ اڄ به سنڌ سڏڪن ۾ آهي ... اڄ به سنڌ جا جوڌا سنڌ جي نالي تي شهيد ڪيا وڃن ٿا ... اڄ به سنڌ جا وسيلا سنڌين جي هٿ ۾ ناهن ... اڄ به سنڌ پڪاري پئي ... اڄ به ڪراچيءَ جي روڊن تي سنڌي سٻاجهڙا سنڌ سنڌ ويٺا پڪارين ....
آهي ڪو هوش محمد شيدي، آهي ڪو دودو سومرو ... آهي ڪو دولهه دريا خان جيڪو ڌارين جي لوڌ کي سنڌ لٽڻ ۽ ڦرڻ کان روڪي سگهي ....؟؟؟؟
بيوگل جو آواز ٻڌي، سندس اُتاولو روح ساوڻ جي سنڌوءَ وانگر بيقابو ۽ شهزور ٿي پيو. هن کاٻي ٻانهن وڌائي، هڪ ڪهاڙي کڻي ورتي. ڪهاڙيءَ جي ڳن کي قابو ڪري، کوڙي، آهستي آهستي، هو ڪارڙو ۽ ڪوجھڙو، طاقتور ۽ قدآور جوڌو، لاشن جي وچ ۾ آُٿي بيٺو. هن جو سڄو جسم رت جي کنهبي ۾ رڱيل هو. وارن کان پيرن تائين، عضوو عضوو زخمن کان چچرجي چور ٿي چڪو هوس. ماس لڱن کان ڌار ٿي ويو هوس. ساڄي ٻانهن ڪلهي کان ڪپجي، مشڪن جي هڪ تند ۾ لٽڪي رهي هيس. تيرن ۽ تلوارن، بڙڇين ۽ ڀالن، بندوقن ۽ سنگينن سندس سنَڌ سَنڌ پرڻ ڪري ڇڏيو هو. هن جي جسم تي چونجاهه گَهرا گهاءُ هئا.
هو اٿي بيٺو، ته عذاب جو احساس هيري جي ڪڻ وانگر سندس وجود مان پار ٿي ويو. ڪنڌ ۾ ڪُنڍي تير جي هيٺان تلوار جو اونهو گهاءُ هوس، جيڪو مشڪن کي ڪپيندو، مغزي ڏوريءَ تائين وڃي پهتو هوس.
هن آهستي آهستي اکيون کوليون. پنبڻين ۾ سڪل رت جا ذرڙا ياقوت جي داڻن وانگر پوتل هئس. تڪليف جي ڦيٿي وانگر ڦرندو محسوس ٿيس. اکين آڏو اونداهه اچي ويس. ڇپر ڇِپُن وانگر ڪِري پيس. گوڏا وڃي رت ــ هاڻيءَ مٽيءَ سان لڳس. هن نرڙ ڪهاڙيءَ جي ڳن تي رکي ڇڏيو، ۽ سندس رڳ رڳ مان رت ٽمندو رهيو.
پوءِ، گهڙي کن رکي، سگهه ساري، ڪهاڙيءَ جي ڳن تي زور ڏيئي، ٻيهر اٿي بيٺو. ڦٽ کُلي پيس. اندر ۾ عذاب جا آرا هلڻ لڳيس، پر هن آه کي دل جي قيدخاني مان نڪري چپن تي اچڻ نه ڏنو ــــــــــــــــ دانهن نه ڪيائين. گُهنڊ وجهي، ميجر جيڪب جي ڪيمپ ڏانهن ڏٺائين. سنڌ جي آزاد هوائن ۾ انگريزن جو رنگارنگي جھنڊو جھولندو ڏسي، سندس وجود ۾ نفرت ۽ حقارت جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. وڙهڻ لاءِ وک واڌايائين، پر وڌائي نه سگهيو. هو نهائينءَ وانگر کامندو، جيءَ ۾ جلندو رهيو.
ڪئپٽن رچرڊسن، پنهنجي جنگجو پهلوان ڊيميٽرس کي وٺي، ميدان ۾ ڪاهي پيو. هو ٻيئي لاشن کي اورانگهيندا، ڀڳل هٿيارن کي لتاڙيندا، وچ ميدان ڏانهن ڌوڪيندا ويا، جتي هوشو هماليا جبل وانگر ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو هو.
اڃا هو ٻيئي هوشوءَ کان ڪجھ پرڀرو هئا ته زرهه ۾ جهنجهيل ڊيميٽرس چيو، ” ڪئپٽن رچرڊسن، هوشوءَ جي بهادريءَ جو ذڪر منهنجي بزدليءَ جو اعتراف ته نه آهي.“
هوشوءَ ڪهاڙيءَ جي ڳن تي مٺ مضبوط ڪري، رهيل سهيل طاقت بدن ۾ ڀري، ٻانهن اُڀي ڪري، ڪهاڙي ڊيميٽرس کي اُڇلائي هنئي. ڪهاڙي کنوڻ وانگر کِوندي، زرهه کي ڪاغذ وانگر ڪپيندي، ڦَڙَ سميت، اڌ ڳن تائين ڊيميٽرس جي سيني ۾ لهي وئي. ڊيميٽر جي هٿ مان تلوار ڇڏائجي ويئي. وات وحشٽ مان ڦاٽي پيس، پر رڙ نه نڪتس. هو ڪري پيو. مٽيءَ جي بوتي وانگر ڀُري پيو.
ڪئپٽن رچرڊسن بنا دير جي، اک ڇنڀ ۾ ، زهريلو ڀالو زخمي ۽ بي هٿيار هوشوءَ کي سموريءَ سگهه سان اُڇلائي هنيو. ڀالو هوشوءَ جي سيني کي چيريندو، پٺيءَ تائين پار ٿي ويو. ڀالو هوشوءَ جي سيني ۾ کپي پيو.
هوشوءَ جي وات مان صدا بلند ٿي: ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون!“
ڪئپٽن رچرڊسن جو ساهه خوف کان سڪي ويو. هن هوش نه سنڀاليو هو جو هوشوءَ اُهو چتائي ۽ کپائي، ڪئپٽن رچرڊسن جي کوپريءَ تي وهائي ڪڍيو. ڪئپٽن جي ڪيپراٽي ذريون ذريون ٿي ويئي. هو رڙ ڪري، پهڻ وانگر ڌرتيءَ تي ڪريو ۽ برف وانگر ٺري ويو.
هوشوءَ اُجهامندڙ اک سان آسمان ڏانهن ڏٺو. آسمان تي لهندڙ سج رت ـــ هاڻي لام ڇڏي ڏني هئي.
هوشوءَ ڌرتيءَ تي دان ڏنو. سندس هانءَ مان وهندڙ ۽ ٽمندڙ رت ڏسي، لڪيءَ جا چشما بند تي ويا. سنڌو نديءَ جو وهڪرو ماٺ ۾ ۽ سانت ۾ سڪندو ويو. کير ٿر جون سربلند چوٽيون جھڪنديون ويو ـــــــــ هڪ طويل رڪوع ۾ نمنديون ويون.
هوشوءَ ٿڙندو، ٿاٻڙندو، وک کن وڌيو. اکين اڳيان اونداهه اچي ويس. اکين آڏو ماحول ڌنڌ ۾ ٻڏندو ويس. هو آهستي آهستي، گوڏا کوڙي، رت ڀِنيءَ ڌرتيءَ تي ويهي رهيو. روح اڻ ــ ڪٿ پولار ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳس، ڪائنات جي بي انت پکيڙ ۾ پکيءَ وانگر پرڙا هڻندو رهيس. ڪرنگهو ڪمان ٿيس. هو ابدي سجدي ۾ ڌرتيءَ تي جھڪي آيو. پنهنجا رت ــ هاڻا چپ سنڌ جي مِٽيءَ سان ملائيندي چيائين،
”سنڌڙي منهنجي ماءُ،
جيجل منهنجي ماءُ،
تنهنجي سڏ تي سر ڏيئي،
مون پيتو جامِ شهادت پيتو.
اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي،
جتان وري مان ورندس:
صدين جا رُخ موڙي،
حق جو جھنڊو عرش تي کوڙي،
۽ واڳ وقت جي موڙي،
مان تنهنجي سڏ تي ايندس.
جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهجي ماءُ،
جڏهن به تو تي اونداهه ايندي،
ظلم جي نگري ٿيندي،
رات ڏينهن کي اُڳري ويندي،
۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
۽ مان سر جو صدقو ٿيندس.
جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهنجي ماءُ،
مان تنهنجي خاطر ڏاڍ ڏمر سان وڙهندس،
سر جي سَين هڻي مان ايندس،
حق تان صدقي ٿيندس:
مان ايندو رهندس،
مرندو رهندس،
مري، وري مان جِيئندس،
جتان وري مان ورندس.“
هوشوءَ پنهنجيءَ بيپناهه بهادريءَ ۽ بيمثال حب الوطنيءَ سان دُٻي جي شڪست کي سنڌ جي سڀ کان وڏيءَ فتح ۾ بدلي ڇڏيو.
جنهن وقت ڪائنات مڪمل اونداهه ۾ گم ٿي رهي هئي، ۽ جنهن وقت انگريزن جي ڪيمپ مان ڪئپٽن رچرڊسن ۽ جنگجو ڊيميٽرس جي موت تي ٽرمپيٽ جي دردناڪ صدا بلند ٿي رهي هئي، تنهن وقت جرنيل هوش محمد شيديءَ پنهنجي زندگي جا آخري ساهه کنيا. . . . . . ۽ پوءِ، ٿڪل ٽُٽل ٻار وانگر، جيجل سنڌ جي هنج ۾ منهن رکي سمهي پيو.