سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران حيدرآباد ۾ يوم مادر وطن ملهايو ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    حيدرآباد سنڌ ۾ يوم مادر وطن ملهايو ويو جنهن ۾ لکين سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن شرڪت ڪري ثابت ڪيو ته سڀ سنڌي هڪ آهن ۽ سنڌ جي خلاف ڪا سازش هُو ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا۔​


    رپورٽ: نثاراحمد ناز
    تصويرون رحمان مصطفى سمون​


    [JUSTIFY]21 مارچ 2012ع تي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران يوم مادر وطن ملهايو ويو، جنهن ۾ پوري سنڌ مان پارٽي جا ڪارڪن ۽ هزارين سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون شريڪ ٿيا،جيئن ته سنڌ سلامت جي عيوضيءَ جي حيثيت سان مونکي به هن يوم مادر وطن ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ملي هُئي سو پنهنجي شرڪت يقيني بنائي پنهنجي ڀاڻيجي رحمان مصطفي سمون کي ساڻ ڪري انهي عظيم الشان جلسي ۾ شريڪ ٿيس، سنڌ جي تاريخي جلسن مان سنڌ ترقي پسند جو يوم مادر وطن جي سلسلي جو هي عام جلسو به تاريخي اهميت جو حامل هو، هن جلسي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران قرار دادون پيش ڪيون ويون جنهن جي تفصيل هتي لکان ٿو:[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]1. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاڪستان کي گهڻ قومي مُلڪ سمجهندي پاڪستان ۾ شامل پنجن قومين سنڌي، بلوچ، سرائيڪي،پختون ۽ پنجابي کي تاريخي پس منظر ۾ علحيده قومون تسليم ڪندي پاڪستان قوميت ۽ مذهبي رياست واري تصور کي رد ڪري ٿي. يوم مادر وطن جو هي ميڙ گهر ڪري ٿو ته مُلڪ ۾ شامل سمورين قومن جي آزاد ۽ خود مختيارحيثيت تسليم ڪندي ملڪد جي نئين سر تشڪيل ڪئي وڃي جنهن ۾ سمورين قومن کي برابري واري حيثيت حاصل هُجي ملڪ کي سيڪيولرزم جي بنياد تي نئي سر تعمير ڪري ملڪ جو نالو سلامي جمهوريه پاڪستان (Islamic Republic of Pakistan) بجاءِ عوامي جمهوريه پاڪستان (Peopls Republic of Pakistan) رکيو وڃي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]2. 1973ع جي آئين ۾ پاڪستان ۾ شامل تاريخي قومن جي وجود کي تسليم نه ڪيو ويو آهي. هر دور جي فوجي توڙي سول حڪمرانن پنهنجن اقتداري مفادن لاءِ 1973ع جي آئين ۾ تمام گهڻيون ترميمون ڪيون آهن، 18 هين ترميم ڪرڻ باوجود 1973ع جو آئين پنهنجي اهميت ۽ افاديت وڃائي چُڪو آهي . يوم مادر وطن جو هي ميڙ گهر ٿو ڪري ته قومن جي برابري جي بنياد تي نئين آئين ساز اسيمبلي جون چونڊون ڪرائي ملڪ کي هلائڻ لاءِ نئون آئين جوڙيو وڃي. جيڪو سمورين قومن لاءِ قابل قبول هُجي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]3. يوم مادر وطن جو هي عظيم الشان ميڙ گهر ٿو ڪري ته سنڌ سنڌين جو هزارن سالن کان تاريخي مادر وطن آهي. ان تي حڪمراني جو حق صرف ۽ صرف سنڌين جو آهي. مادر وطن سنڌ تي ڪنهن به ڌارين دهشتگرد نسل پرست ٽولي، پناهگير پنجابي ۽ پٺاڻ کي حڪمراني ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي. سنڌ تي صرف سنڌين جي حق حاڪميت کي تسليم ڪيو وڃي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]4. سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ڌارين جي آبادڪاري ڪرائي سنڌين کي اقوليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ته جيئن سنڌي حق حاڪميت سميت پنهنجن سمورن تاريمي حقن کان محروم ٿي وڃن. يوم مادر وطن جو هي ميڙ گُهر ٿو ڪري ته 1954ع کان پوءِ سنڌ ۾ آيل سمورن ڌارين جا سُڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ ، ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ سنڌ ۾ جائيداد خريد ڪرڻ جو حق ختم ڪيو وڃي، ۽ 1954ع کان پوءِ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بهارين ، بنگالين، هندستانين ، برمين، افغانين سميت مختلف ملڪن ۽ صوبن کان روزگار لاءِ آيل سمورن ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]5.يوم مادر وطن جو هي ميڙ اڙدو ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي واري تصور کي رد ڪندي مطالبو ڪري ٿو ته مُلڪ ۾ شامل پنجن تاريخي قومن جي مادر زبانن کي قومي ٻوليون قرار ڏيئي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيئي سنڌ ۾ سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪئي وڃي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]6. سنڌ ۾ رهندڙ هندو سنڌي قوم جو اڻٽُٽ حصو آهن. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ يا پوءِ سنڌي هندن جو سنڌ جي سماجي ۽ معاشي تعمير ۽ ترقي ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي سنڌ کي سماجي ۽ معاشي طور تباهه ڪرڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ مان سنڌي هندن سان کي لڏائڻ جون باربار سازشون ٿينديون رهيون آهن، سڄي سنڌ ۾ هندن سان وڏي پيماني تي ٿيندڙ ڦُرن ، اغوائن، ۽ قتل جي واقعن کان پوءِ سنڌي هندن جي نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذهب مٽائي شاديون ڪرائڻ وارن وڌندڙ واقعن تي اڄوڪو هي ميڙ سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اهڙن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ گُهر ڪري ٿو ته سنڌي هندن کي سنڌي قوم حصو سمجهندي هن ملڪ جو برابر جو شهري تسليم ڪندي سنڌي هندن جي جان مال ۽ عزت جي تحفظ کي هر حالت ۾ يقيني بنايو وڃي. سنڌي هندن جي اغوا ٿيل نياڻين کي واپس ڪرائي سنڌي هندن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]7.سنڌ قدرتي ، معدني، ۽ مالياتي وسيلن سان مالا مال ۽ خوشحال وطن آهي. ملڪ جو 70 سيڪڙو روينيو سنڌ ادا ڪندي آهي. يوم مادر وطن جو هي ميڙ ستين اين ايف سي ايوارڊ واري مالياتي ورڇ کي سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو ۽ سنڌ جو معاشي استحصال قرار ڏيندي گهر ٿو ڪري ته سنڌ سنڌ جي ڪوئلي،تيل ، گئس سميت سمورن قدرتي معندني وسيلن ۽ ٻين ملياتي وسيلن تي سنڌ جي مالڪي جو حق تسليم ڪيو وڃي . سنڌ مان پيدا ٿيندڙ روينيون جي وصولي ۽ خرچ جا سمورا اختيار سنڌ جي حوالي ڪيا وڃن.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]8. سنڌو درياهه سنڌ جي هزارن سالن جي تارخ ۽ تهذيت جو نه رڳو اهڃاڻ آهي پر ڪروڙ سنڌين جي جياپي جو بنيادي وسليو آهي. سنڌو درياهه جي پاڻي تي سنڌ جو بنيادي ۽ دائمي حق آهي . پنجاب گُذريل ڏيڊ صدي کان وٺي مختلف ڪئنال ۽ ڊئم ٺاهي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي. گُذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب هڪ طرف زرعي معيشيت تباهه ۽ سرسبز زمينون بنجر بڻجي ويو آهن ته ٻي طرف ڊائون اسٽريم پاڻي نه ڇڏڻ سبب پلي ۽ مڇيءَ جي نسلن سميت جنگلي جيوت ۽ تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن ۽ سمنڊ جو کارو پاڻي مٿي چڙهڻ سبب ٺٽي ۽ بدين جون زمينون تباهه ٿي رهيون آهن. اڄوڪو هي ميڙ مطالبو ٿو ڪري ته پنجاب ۾ هلندڙ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ، تونسه پنج ند ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال فوري طور بند ڪري سنڌو درياهه تي ڪالا باغ ڊيم سميت ڪو به ڊئم نه ٺاهيو وڃي.[/JUSTIFY]


    [JUSTIFY]9.يوم مادر وطن جو هي ميڙ گُهر ڪري ٿو ته بلوچستان ۾ جاري فوج ڪشي فوري طور تي بند ڪري بلوچ نوجوانن کي گُم ڪري انهن جا تشدد ٿيل لاش ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. بلوچستان تي بلوچن جي حق حاڪميت ۽ وسيلن تي مالڪي جو اختيار تسليم ڪيو وڃي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]10. اڄوڪو هي ميڙ سنڌ مان قومپرست سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گُم ڪرڻ وارن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ٿو ڪري ته سنڌ مان گُم ڪيل قومپرست سياسي ڪارڪنن کي فور طور ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]11. ٿر جو اربين ٽن ڪوئلو جيڪو سنڌ جي ملڪيت آهي. ماضي توڙي وفاق موجوده حڪومت پاران غير قانوني ۽ غير آئيني ادار جوري سنڌ جي ڪوئي کي ڦٻائڻ جون سازشون ڪيون ويون آهن . يوم مادر وطن جو هي ميڙ گهر ٿو ڪري ته ٿر جي حوالي سان وفاقي سرڪار جي مداخلت ختم ڪري ٿر ۽ انرجي بورڊ کي ٽوڙي ٿر جي ڪوئلي جا سمورا اختيار سنڌ ڪول اٿارٽي جي حوالي ڪيا وڃن. هي ميڙ ٿر ڪول منصوبي ۽ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪري ڌارين جي ڀرتين ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گُهر ڪري ٿو ته ٿر ڪول منصوبي مان ڌارين کي نيڪالي ڏيئي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]12. يوم مادر وطن جو هي ميڙ ذوالفقار آباد نالي سان ٺٽي جي سامونڊي پٽيءَ تي نئون شهر اڏڻ واري رٿا کي سنڌ دشمن رٿا قرار ڏيندي مطالبو ڪري ٿو ته ذوالفقار آباد جي نالي ۾ سنڌ تي غير مُلڪين ۽ ڌارين کي مسلط ڪرڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي. ذوالفقار آباد تي خرچ ٿيندڙ سمورا پيسا سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽڪچر روڊن ۽ رستن جي تعمير ۽ ٻهراڙيءَ جي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪيا وڃن.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]13. يوم مادر وطن جو هي ميڙ گُهر ٿو ڪري ته مختلف هائوسنگ اسڪيمن ۽ پراجيڪٽس جي نالي ۾ ايم ڪيو ايم پاران قيمتي زمينن تي ڪيل قبضا ختم ڪرايا وڃن، ڪراچيءَ ڪميونٽي پوليس جي نالي ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشت گردن تي ٻڌل فورس ختم ڪيو وڃي. ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ داخلائن ۽ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۾ نوڪرين لاءِ مقامي ڊوميسائل وارو قانون ختم ڪري سنڌي شاگردن کي داخلائون ڏنيون وڃن. سنڌين لاءِ ڪراچيءَ ۾ روزگار جي بندش ختم ڪئي وڃي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]14.اڄوڪو هي ميڙ گُهر ٿو ڪري ته موجوده دور حڪومت ۾ سياسي جدوجهد دوران شهيد ٿيل ايس ٽي پي جي ڪارڪنن براد ڪلمتي، حسن مگسي، جمن گُهٽڪو، دلشاد ابڙو، سجاد چانڊيو ۽ عمران ٿهيم جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]مٿيئن سموري قراردادن کي جلسي گاهه ۾ موجود لکين ماڻهن جي ميڙ کان هٿ مٿي ڪرائي منظور ڪرايو ويو. دوستو جيئن ته سنڌ سلامت جي ڪئميرا ڪنهن ٽيڪنيڪلي خرابي سبب خراب ٿي پئي هُئي ان ڪري ڪافي تصويري احوال جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي جو جلسي کي خطاب ۽ ڪافي قومي فنڪارن جي پرفارمنس کي ۽ جلسي گاهه ۾ موجود ڀائرن ۽ڀينرن جي ميڙ کي ڪوريج ڪري نه سگهياسين. ان هوندي به جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان ڪيو اٿئون اميد ته اسان جي هي غريٻاڻي ڪوشش توهان کي ضرور پسند ايندي.[/JUSTIFY]

    هاڻي پيش آهي هن يوم مادر وطن جي جلسي جوڪجهه تصويري احوال

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    يوم مادر وطن واري جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سوين گاڏين جو قافلو ٽنڊو محمد خان مان روانو ٿيو جنهن ۾ هزارين سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون شريڪ ٿيا ۔جنهن جي سرواڻي ڊاڪٽر احمد نوناري، رضا خاصخيلي، سارنگ شاهه ، اقبال هاليپوٽو، محترما ثمينه خاصخيلي، محترما فرزانه شاهه ۽ شهنيلا نظاماڻي ڪري رهيا هُئا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    يوم مادر وطن جي سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران هڪڙو شاندار اسٽيج تيار ڪرايو ويوجنهن تي هي بينر لڳايو ويو جيئن ته بينر جي ويڪر ۽ ڊگهائي تمام وڏي هُئي ان ڪري حصن ۾ هن بينر جون تصويرون توهان سان ونڊ ڪيون ويون آهن۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو