ٻُڏندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ هَٿَ وِجَهنِ، پَسو لَڄَ، لَطِيفُ چئي، ڪيڏِي کي ڪَکَنَ، توڻي ڪَنڌِيءَ ڪَن، ناتَ ساڻنِ وَڃنِ سِيرَ ۾۔ شاهه سائين
جواب: سر سهڻي سر سهڻي محب حاصل ڪرڻ لاءِ هن رنگين ۽ دل لڀائيندڙ دنيا مان پاڻ بچائي وڃڻ واري روش سان ٽمٽار آهي ۔۔۔ محب ڏانهن ويندي دهشت دم درياهه ۔۔۔۔درياهه جي پاڻيءَ جون لهرون ۔۔۔۔ درياهه ۾ موجود خطرناڪ جانور ۽ ڪچو گهڙو کڻي ان درياه مان پار پوڻو آهي ۔۔۔ هن ڪائنات مان انسان پنهنجي هن ڪچي مٽيءَ جي جسم سان گذري ٿو، ۽ هن دنيا جو پاڻي ان جسم کي ڳاري ڇڏي ٿو، پر سالڪ ۽ ڪامل انسان پنهنجو جسم ۽ روح ان دنيا کان بچائي صاف پنهنجي محبوب تائين پهچائي ٿو۔ مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾، اڀا! ائين چون، متان پاند پسائين۔
جواب: سر سهڻي لطيف سرڪار ڪکن کي به ڪيڏو مان ڏنو آهي،، اسان انسان محض هڪٻئي سان تعلقات رکڻ ۾ به لالچ ۽ ڪنهن نه ڪنهن مقصد کان بنا رهي نٿا رهون۔۔۔لطيف سائين جو اهو بيت تمام وڏي سمجهاڻي آهي اسان انسانن لاء ته لوڀ ۽ لالچ ڪڍو ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا ٻانهه ٻيلي بڻجي انسانذات جي اشرف المخلوقات هئڻ جوثبوت ڏيو۔