ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي ادب ۾ خدمت عيوض صدارتي اوارڊ “تمغه امتياز” ملڻ تي واڌايون

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت سٿ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي ادب ۾ خدمتن عيوض صدارتي اوارڊ “تمغه امتياز” ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا۔


    [JUSTIFY]ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي ملازمت جي شروعات 1973 کان ليڪچرر طور ڪئي، 1985ع کان 1990ع تائين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ايڪٽنگ ڊائريڪٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيو۔ ان عرصي ۾ پاڻ سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر، ضلعي تعليمي آفيسر ۽ مختف ادارن ۾ پنهنجون خدمتون ادا ڪيون۔ جهڙوڪ:

    سابق پرنسيپل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
    ڊائريڪٽر نان فارمل ايڊيوڪيشن سنڌ
    ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڄامشورو
    پرنسپل زيبسٽ انٽرميڊئيٽ ڪاليج لاڙڪاڻو
    باني گل حيات انسٽيٽيوٽ
    باني ميمبر لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
    صدر سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو
    شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي تعليمي ڪائونسل جو رڪن
    سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر
    انٽرميڊييٽ بورڊ لاڙڪاڻو جي تعليمي ڪائونسل جو ميمبر
    ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽر جو ميمبر ۽ صلاحڪار رهيو آهي۔

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين سان گڏ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ايم ڦل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن جو رهنما ۽ ممتحن پڻ رهيو آهي۔ ڊاڪٽر پٺاڻ هميشه تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ سان گڏ ادارن کي ٺاهڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي۔ هن پنهنجي ڳوٺ آريجا ۾ گُل حيات جي نالي سان ادبي ادارو ۽ لائبريري پڻ جوڙي آهي۔ سندس ويب سائيٽ گُلِ حيات قيمتي معلومات جو اهم ذريعو آهي۔

    سندس ادبي ميدان ۾ ڪيل ڪم ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔ سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد 30 کان مٿي آهي جن ۾ ؛ ”اسانجا اديب“،”آئينا ۽ اولڙا“ ، ادب ۽ ماحول“، ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“، موتي مور ملوڪ جا، جو ڪيو مطالعو مون، شامل آهن۔ سندس لکيل ڊراما ”اونداهيءَ جا اولڙا“ ۽ ٻيا ڊراما پي ٽي وي تان نشر ٿيا آهن۔ ڊاڪٽر در محمد ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکڻ سان گڏ تنقيد نگار پڻ رهيو آهي۔

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس ڪيل ادبي ڪم تي ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن جهڙوڪ سنڌ مدرسه سلور ميڊل اوارڊ، وائيس چانسلرس ميڊل، سگا گولڊ ميڊل اوارڊ، لاڙڪاڻو اوارڊ ۽ تازو اڄوڪي ڏينهن يعني 23 مارچ 2012 تي کيس ادب ۾ ڪيل خدمتن عيوض صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي ”تمغه امتياز“ سان نوازيو ويو آهي۔

    سنڌ سلامت پاران کيس مبارڪباد ڏيڻ لاء اڄ مان ، ذوالفقار بهڻ ۽ سائين شفيق جوکيو ساڻس ملاقات ڪئي ۽ واڌايون پيش ڪيون۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي ادب ۾ خدمت عيوض صدارتي اوارڊ “تمغه امتياز” ملڻ تي واڌايو

    محقق، اديب ، ڏاهو، تعليمي ماهر ۽ سنڌ دوست انسان آهي

    محترم در محمد پٺاڻ جن کي سندس سڀني حاصلات تي واڌايون ... صدارتي ايوارڊ ته اهڙن ماڻهن لاءِ تمام گهٽ ڳالهه آهي۔ جن جون خدمتون سون ۽ هيرن کان به قيمتي هجن انهن کي ڪير ٿو انعام ڏئي سگهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي اوطاق جي سڀني دوستن پاران کيس لک لک واڌايون ۽ دعا آهي ته سندس سونهن ۽ چمڪ سان سنڌ ۽ سنڌيت روشناس ٿيندي رهندي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو