غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
شاه سائين جو بيت انگريزي ترجمي سان۔
محترم ميمبرس شاه عبدالطيف ڀٽائي جن جي سُر ليلان جي داستين ٽيئن مان هڪ خوبصورت ۽ وڏي رمز وارو بيت انگريزي ترجمي سان آوهان جي نظر:-جي ليلائي نه لَهين ته پّڻُ ليلائيجِ
آسَرَ مَ لاهيجِ ، سَڄڻَ سٻاجها گهَڻو۔
If you are unable to please Allah even after begging,Still beseech
۔Don't be disappointed.Allah is very kind
سُر ليلان جي تشريح اوهان جي لاء:-
چينسر ۽ ليلان جو پاڻ ۾ ور ۽ وني وارو رشتو هو۔چينسر جو ليلان تي پيار ۽ ڪلي طور تي اعتبار هو۔ليلان جو به پنهنجي وَر سان سچائي وارو ناتو هو۔پر هو خود خيال ٿي خطا وار ٿئي ٿي۔چينسر سندس خطائون ڍڪي ٿو۔تان جو ليلان هار تي هرکي ڪونروء کان هار وٺي ٿي ۽ کيس چينسر جي پيار ۾ ڄڻ پاڻ سان گڏ ڀائيوار ڪري ٿي۔اُن تي چينسر ليلان کي ڏُهاڳ ڏئي ٿو ۽ پاڻ کان پري ڪري ٿو۔جڏهن ليلان ڏهاڳ ڏسي ٿي تڏهن پشيمان ٿئي ٿي ۽ منٿون ڪري ٿي ته من چينسر راضي ٿئي!
شاه سائين هن سُر ۾ ،ور ۽ وني واري رشتي جي پيار ۽ اعتبار واري ماحول ۾ ،ڪانڌ جو وڙائتو ۽ وڏو کاند وارو هجڻ ۽ ونيءَ جو هر حال ۾ ور جي اعتماد تي پورو ثابت ٿيڻ واري اعلئ فڪر جي اهڃاڻ ڏنا آهن۔داسڙو دليون پرکيندڙ آهي; متان ڪا ليلان وانگر دل ڏيڻ بدران ٻاهرئين هار سينگار سان پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪري۔
تصوف جي اعلئ فڪر جي لحاظ سان،خطاوار ليلان ۽ خطا بخشيندڙ چينسر،يا رضا جي طالب ليلان ۽ رضا جو مالڪ چينسر جي تمثيل الاهي رضا جي طالب خطاوار بندي ۽ رضا جي مالڪ جي خطا بخشيندڙ مولاء(الله سائين) واري آهي۔ بندي توڙي سالڪ لاء ضروري آهي ته الاهي رضا لاء پنهنجو عمل توڙي نيت صاف رکي ڇاڪاڻ جو ڌڻي تعالئ دليون پرکيندڙ آهي۔خطاوار بندي لاء ضروري آهي ته مولاء مهربان(الله سائين) کي ٻاڏائي ته جئن خطائون معاف ٿين۔شاه صاحب جي ترغيب ته انسان ڪنهن به حالت ۾ مولاء مهربان(الله پاڪ) جي رحم ۽ ڪرم کان نا اميد نه ٿئي ۽ ٻاڏيندو رهي۔اهو سڀ ان مٿين بيت مان صاف صاف ظاهر آهي۔
اميد ته مٿين تشريح مان شاه صاحب جي سُر ليلان جي مرڪزي ۽ باطني روح کي چڳي طرح پروڙي،پنهنجي اندر جي غلطين کي سڌاري سگهنداسين ۽ ڪائنات جي مالڪ (الله پاڪ) جي رحم ۽ ڪرم مان ڪڏهن به مايوس نه ٿينداسين۔