منهنجي ڪمپيوٽر ۾ ايواسٽ اينٽي وائرس انسٽال ٿيل آھي هوُ ڪنهن به شي ۾ وائرس ڏسندو آھي ته ان کي چڪنا چوُر ڪري ڇڏيندو آھي اڄ مونسا به ڪجھ ائين ئي ٿيو اڄوڪي آزادي مارچ جي ڪوريج بعد گھر پهچي جيئن ئي فوٽو وجهڻ جي ڪوشش ڪيم ته ميموري ڪارڊ ۾ وائرس هجڻ سبب سڀ تصويرون وڊيو اڏامي ويون، هاڻي اچي پريشان ٿيو آهيان، الله واستي ڪو ڊيٽا ريڪور سافٽ ويئر ٻڌايو جنهن مان سڀ ڪجھ واپس اچي وڃي پليززز دوستو پليززز
جواب: سنگت مسعلو حل ڪيو۔۔۔ پليرزززززز ابا ديشي زرا سنڌ سلامت جي هن موضوع جو جايزو وٺ تهنجي مشڪل حل ٿي ويندي http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?13093-ميموري-ڪارڊ-مان-ڊيليٽ-ٿي-ويل-مواد-ريڪور-ڪريو
جواب: سنگت مسعلو حل ڪيو۔۔۔ پليرزززززز ادا ميموري ڪارڊ مان تصويرون ۽ ويڊيو ڊليٽ نه ٿينديون آهن پر وائرس انهن فولڊرن کي سسٽم فولڊر ڪري لڪائي چڏيندو آهي توهان پنهنجي ميموري ڪارڊ جو ميموري اسپيس ڏسو ته ڪيترو استعمال ٿيل آهي ان جو هتي اسڪرين شاٽ به ڏيو پوئي ان جو حل ڪڊهون پريشاني جي ڳالھ ڪونهي ادا