Home ويب سائٽ پِي ايڇ پِي (PHP) جو فل فورم آهي (هائپرٽيڪسٽ پري پروسيسر). پِي ايڇ پِي (PHP) ٻين ڪمپيوٽر جي ٻولين وانگر هڪ ٻولي آهي، جيڪا پوري دنيا ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي. هن وقت اربين ويب سائٽون پِي ايڇ پِي (PHP) تي ٺهيل آهي. جن مان ڪجھ هيٺيون مشهور ويب سائٽون آهن. www.facebook.com www. wordpress.org www.joomla.org www.yahoo.com www.sindhsalamat.com www.photogallery.comoj.com پِي ايڇ پِي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ به آسان زبان آهي. هي زبان خاص طور تي ڊيزائن ويب ڊولپر جي لاءِ، ان جي مدد سان پاڻ ڊائنامڪ پيج ٺاهي سگهون ٿا. پِي ايڇ پِي جو استعمال دنيا ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي، ان ڪري پِي ايڇ پِي ڊولپر جي ضرورت به وڌي رهي آهي
جواب: پِي ايڇ پِي (PHP) جو تعارف ادا پي ايڇ پي جو جامع ۽ مختصر تعارف پيش ڪرڻ لاء مهربانيون پر پي ايڇ پي سکڻ اسان جهڙن اڻڄاڻن لاء ڏکيو آهي۔ ان کي ڪيئن سولائي سان سمجهي سگهبو ۽ ڪير ان کي سيکارڻ شروع ڪندو ؟؟ لک ٿورا ڄاڻ ڏيڻ جا
جواب: پِي ايڇ پِي (PHP) جو تعارف ادا تمام بهترين ونڊ آهي ادا سليمان پي ايڇ پي ايتري مشڪل نه اسان جهڙا گهٽ علم به ان کي سکي ويا توهان ته وڏا اديب ۽ دانا آهيون توهان لائي هي ائين آهي ڄڻ مکڻ مان وار ڪڊڻ
جواب: پِي ايڇ پِي (PHP) جو تعارف ادا ڳالهه اها آهي ته جي ڪو مضمون لکڻو هجي ته اسان منٽن ۾ لکي وٺون ، پر هن ڪمپيوٽر جي ٻوليء اسان کي منجهائي ماريو آهي۔ اوهان دوست شروعات ته ڪيو سيکارڻ جي۔ پوء کٽ کٽائي شاهه۔