استاد وحيد علي خان : سنڌي موسيقي جو اهم ستارو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    استاد وحيد علي خان : سنڌي موسيقي جو اهم ستارو
    محمد سليمان وساڻ

    سنڌ ڌرتي خوبصورت آوازن ۽ سريلي موسيقارن سان مالامال رهي آهي. سنڌ ڌرتي انڪري به نرالي آهي جو سنڌ ۾ آباد ٿيل ٻين ٻولي ڳلهائيندڙن کي هن ڌرتيء جي رهواسين اهڙو ته قرب ۽ پنهنجائپ ڏني آهي جو هو سنڌي ٻوليء ۾ رلجي پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا رهيا آهن. اهڙن ئي سريلن فنڪارن مان هڪ آواز استاد وحيد علي خان جو به آهي.

    سريلي آواز ۽ انداز وارو هي فنڪار 1952ع ڌاري ٽنڊي آدم ۾ سنڌ جي هڪ اهم موسيقار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد استاد غلام رسول خان ۽ چاچو اميد علي خان ان وقت جا اهم راڳي ۽ گويا هئا. وحيد علي خان تي به پنهنجي خانداني پيشي راڳ رنگ جو اثر رهيو ۽ 7 سالن کان ئي هن ڳائڻ وڄائڻ واري پيشي ۾ پير پاتو. شروعاتي طور پنهنجي والد ۽ چاچي کان موسيقي جي سکيا وٺڻ کانپوء پنهنجي مامي ۽ وقت جي تمام وڏي راڳي ۽ گويي استاد منظور علي خان کان موسيقيء جي روح ۽ ادائگي جو فن سکيو. پاڻ استاد منظور علي خان سان گڏ به محفلن ۾ ڳائيندو هو ۽ اهوئي سبب هو جو سندس راڳ ۾ پختگي ايندي وئي. هو محفلن ۾ ته ڳائيندو ئي هيو پر 20 سالن جي عمر ۾ هن ريڊيو پاڪستان تي راڳ جي شروعات ڪئي ۽ جلد ٽي وي تي به ڳائڻ شروع ڪيو.

    استاد وحيد علي خان پنهنجي وقت جو تمام وڏو راڳي هو. سندس آواز کي ٻڌڻ لاء ڪيترائي ماڻهو موسيقي جي محفلن ۾ ايندا هئا. استاد محمد يوسف سندس همعصر هو ۽ ٻنهي گڏجي استاد منظور علي خان کان موسيقي سکي. استاد وحيد علي ۽ استاد محمد يوسف محفلن ۾ گڏجي به ڳائيندا هئا. شاهه لطيف جو ڪلام پرچن شال پهنوار جڏهن ٻنهي گڏجي ڳايو هو ته اهو ڪلام 10 منٽن کان وڌيڪ ڳائيندا رهيا هئا ۽ حاضرين محفل جون تاڙيون وڄنديون رهيون هيون، ٻنهي جا هنيل پلٽا ۽ لئي سچ ته اوج تي پهتل هيا. هن راڳ جي راڻي عابده پروين سان گڏ به ڪيترائي ڪلام ۽ سندن گڏ ڳايل ڪلام باندياڻي سانگياڻي آهيان گهڻو مشهور ٿيو. سندس ڪيتريون ئي آشيو ڪيسيٽون به مارڪيٽ ۾ آيون ۽ گهڻي مقبوليت حاصل ڪين.

    استاد وحيد علي خان ۽ سندس خاندان جي مادري ٻولي ته پنجابي هئي پر هنن سنڌي ٻولي کي پوڄيو ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڳايل موسيقي ئي سندس سڃاڻ بڻي. هن سنڌي کانسواء سرائيڪي، اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ به ڳايو پر سندس مقبوليت سنڌي راڳ سبب ئي ٿي. وحيد علي جنهن جو پسند جو رنگ ڳاڙهو ۽ گلابي هو جڏهن هي ڪلام ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندئي، ڪنڌ ڪلهي سان لاتل هوندئي ڳائيندو هو ته ماڻهو جهومڻ لڳندا هئا. هن سنڌ جي سمورن مشهور شاعرن جي شاعري ڳائي داد حاصل ڪيو پر خاص ڪري شاهه لطيف ۽ سچل سرمست سندس پسنديده شاعر رهيا. هن کي ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا جن مان لطيف اوارڊ، سچل اوارڊ، قلندر شهباز اوارڊ، ڄام ڏاتر گولڊ ميڊل، خيرپورناٿن شاهه ۾ تاجپوشي ۽ ٻيا ڪيترائي اوارڊ شامل آهن.

    سندس ڳايل مشهور ڪلامن مان ڪجهه هي آهن :

    ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندئي، ڪنڌ ڪلهي سان لاتل هوندئي
    جيئي لطيف منهنجو، سهڻو لطيف
    هن دل جون ڇا ٻڌايان، کولي مان حال جاني
    اسان حال دل جو اوهان سان پچاريو
    پرچن شال پنهنوار
    آء ته گڏجي گذاريون ويهي


    سندس اولاد ۾ ٽي پٽ اقرار وحيد، وقار وحيد، لطيف وحيد ۽ هڪ نياڻي شفق حيات آهن. اقرار وحيد اڄڪلهه موسيقي ۾ پير پاتو آهي ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج تي به ڳائي رهيو آهي.

    استاد وحيد علي خان بُڪين جي بيماري سبب 23 مارچ 1998ع تي راولپنڊي جي هڪ اسپتال ۾ گذاري ويو پر سندس ڳايل ڪلام ماڻهن جي دلين ۾ کيس اڃان به زندهه رکيو اچن.


     
    Tanweer Ahmed هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: استاد وحيد علي خان : سنڌي موسيقي جو اهم ستارو

    وحيد علي هڪ مايا ناز فنڪار هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي ان جو ڳايل هي گانو ۔۔۔۔۔۔۔ ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندئي، ڪنڌ ڪلهي سان لاتل هوندئي ۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام گهڻو پسند آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: استاد وحيد علي خان : سنڌي موسيقي جو اهم ستارو

    ها دا عرس ۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو ڪلام ۽ ڳاڙهو رنگ وحيد علي کي به پسند هو۔ ان ۾ اوهان جو ڏوهه ناهي عاشق هونئن به مجبور هوندا آهن۔ ۽ ڳاڙهو جوڙو ڏسن ته بس پوء سمجهه ڪم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    استاد وحيد علي خان جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس سار
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    واقعي سنڌي موسيقي جو چمڪندڙ ستارو هيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو