نثارابڙو
نائب منتظم

http://imageshack.us
خوشبو گلاب ۾ هوندي آهي يا انسان جي اندر ۾؟
خوشبو انسان ۾ به هوندي آهي يا صرف گلن ۾؟
گلاب جي خوشبو گهري هوندي آهي يا محبت جي ؟
خوشبوئن جا به ته قسم آهن
محبت واري خوشبو ڪيتري نه گهري ۽ پائدار هوندي آهي.
سسئيءَ کي ڪيترو عرصو گذري ويو پر سندس پيار جي خوشبو هوائن ۾ آهي
مارئي پنهنجي ديس ۽ ماروئڙن جي محبت ۾ ايترو ته خوشبودار ٿي وئي جو صدين گذرڻ کانپوءِ به سندس محبت جي خوشبو جيئري آهي ۽ ماحول کي معطر پئي ڪري،
وقت جي ڪا به لهر ڄام سمي جي عشق جي خوشبوءَ کي ختم ڪري نه سگهي آهي ...۽ ڪيتريون نوريون پنهنجي من ۾ سمائي پيون هلن.
سوچيان ويٺو ته محبت ۾ ايتري سگهاري خوشبو ڪيئن پئدا ٿي....؟؟؟؟