جواب: آوٽ لڪ ايڪسپريس جي سيٽنگ لا رهنمائي ڪريو
اسڪرين شاٽ ڏسڻ کان پوءِ خبر پئي ته توهان پنهنجي جي ميل جي آئي ڊي آئوٽ لوڪ سان ڪنيڪٽ ڪرڻ چاهيو ٿا۔۔۔
اسڪرين شاٽس مان اها به ڄاڻ پئي ته توهان پنهنجو اڌ ڪم ڪري چڪا آهيو بس ڪجهه شيون سيٽ ڪرڻ کان رهجي ويو آهن۔۔۔
خير مان توهان کي منڍ کان ان ڪري به سيکاريندس ته جيئن ٻيا دوست به سمجهي سگهن۔۔۔
اصل ۾ آئوٽ لوڪ ايڪسپريس ذريعي نه رڳو مختلف پرائيويٽ ۽ پرسنل اي ميل آئيڊيز تي ميل موڪلي سگهبي پر جيئن ته آئوٽ لوڪ مائڪروسافٽ ورڊ وارنگر ڪنهن به ميل کي فارميٽ ڪرڻ آسان آهي ان ڪري ان ذريعي توهان ڪنهن به طرف پنهنجي ميلز ۾ تصوير کي انسرٽ ڪرڻ کانسواءِ چاهيو ته سنڌي ٽيڪسٽ کي ساڄي کان کاٻي ۽ ان جي فونٽ کي پڻ سنڌي فارميٽ سان ڪنهن به طرف موڪلي سگهو ٿا۔۔
ياد رهي ته اهڙي سهولت ياهو، جي ميل يا هاٽ ميل وارا نه ٿا ڏين۔۔۔
خير سڀ کان پهريان توهان پنهنجي جي ميل کاتي تان لاگ ان ٿيو ۽ جي ميل سيٽنگ مان وڃي آئي ميپ ڪنفگريشن فعال ڪريو۔۔ اڪثر اهو اڳ ئي فعال هوندو آهي پر احتياطن ائين ڪرڻ ضروري آهي۔۔۔ ان لاءِ جي ميل جي سيٽنگ منجهان
Forwarding and POP/IMAP چونڊيو۔۔۔ جتان
Enable IMAP ريڊيو بٽڻ چونڊي محفوظ ڪريو۔۔
هاڻي آئوٽ لوڪ ايڪسپريس 2007 کوليو ۽ ان جي ٽولز مينو منجهان اڪائونٽ سيٽنگ سليڪٽ ڪريو۔۔
کلندڙ ونڊوز منجهان
New بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔
نئين کلندڙ ونڊوز منجهان
Microsoft Exchange, POP3, IMAP or HTTP سليڪٽ رهڻ ڏيو ۽ هيٺ
Manually configure server settings سليڪٽ ڪري نيڪسٽ بٽڻ دٻايو۔۔۔
سامهون ايندڙ اسڪرين منجهان
Internet Email چونڊيل رهڻ ڏيو ۽ نيڪسٽ بٽڻ دٻايو۔۔۔
نئين کلندڙ اسڪرين ۾ هيٺ تصوير ۾ ڏنل سيٽنگ مطابق پنهنجي اي ميل آئي ڊي جي معلومات لکو ۽ هيٺ موجود بٽڻ
More Settings تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
توهان اڳيان هڪ نيئن ونڊو کلندي جتان جنرل ۽ فولڊر جي ٽيب کي ڇڏي توهان
Outgoing Server ٽيب تي ڪلڪ ڪريو ۽ هيٺين تصوير مطابق
My outgoing server requires authentication تي چيڪ لڳايو۔۔۔
جنهن کان پوءِ اهم مرحلي ڏانهن وڌندي
Advanced ٽيب تي ڪلڪ ڪريو ۽ ان ڪمنگ ۽ آئوٽ گوئنگ سرور سيٽ ڪريو۔۔۔ عام طور انڪمنگ سرور جي ويليو 993 پر ايرر اچڻ جي صورت ۾ 995 تي پڻ سيٽ ٿيندي آهي جڏهن ته آئوٽ گوئنگ سرور جي ويليو 587 ٿيندي آهي پر ياد رهي ته انڪمنگ سرور ڪنيڪشن
SSL جڏهن ته آئوٽ گوئنگ سرور
TLS تي سيٽ ٿيندو آهي۔۔۔
اهم مرحلي کي پورو ڪرڻ لاءِ اوڪي بٽڻ استعمال ڪريو۔۔۔ ۽ پوءِ سمورو وزرٽ پورو ڪرڻ لاءِ فنش بٽڻ دٻائڻ کان اڳ اڪائوٽ سيٽنگ ٽيسٽ ڪريو۔۔۔ يا وري فنش ڪري سينڊ رسيو بٽڻ دٻائي اڪائونٽ چيڪ ڪريو۔۔۔
اميد ته هن سموري عمل سان توهان ڪنهن پريشاني بغير پنهنجو مسئلو حل ڪري وٺندو ۔۔۔۔ ٻي صورت ۾ آگاهي ڏيندا ۔۔۔۔