جسقم آزادي لانگ مارچ

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2012۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جسقم جي سڏ تي ڪلھ پوري سنڌ جا سنڌي سنڌ جي دل واري شھر ۾ گڏ ٿيا، ڪوبه ھوش ۾ نه ھُيو ھر سنڌي سرعام آزادي جا نعرا ھڻي رھيو ھو، ڪراچي ۾ رھندڙ غير قومن جي ڏندين آڱريون اچي ويون۔
    سنڌ جي حقن ۽ آزاديءَ ۾ فيس بوڪ جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آھي، ڪلھ مارچ ۾ گھڻا دوست اھڙا مليا جيڪي مارچ جو سڏ فيس بوڪ تي ٻُڌي ڪراچي پھتا، ڪي ته اھڙا به دوست ھئا جيڪي مونکي سڃاڻين پيا پر مان انھن کي ڪڏھن فيس بوڪ تي ڏٺو ئي نه ھُيو، واقعي فيس بوڪ سمنڊ مثل آھي..........جيئو سنڌيو جيئو ھر ميدان حق ۾ پاڻ ملھائيندا رھو.
    ڪلھ مان پڻ ھوش مان نڪري ويو ھيس منھنجي نڙي نعرا ھڻندي ھڻندي خشڪ ٿي وئي۔

    ھر سنڌي آزادي آزادي پُڪاري رھيو ھو، ڪلھ جا ڪجھ منظر ۽ محترم بشير خان قريشي جي مڪمل تقرير۔

    محترم بشير خان قريشي جي مڪمل تقرير
    قومي جھنڊي سان سينڱاريل۔
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    ڪلھ مان پڻ آزادي لانگ مارچ ۾ شريڪ ھيس۔
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    محترم بشير خان قريشي کي ڪلھ اھو قوم ٻڌايو ته اسان اوھان سان گڏ آھيون، جسقم جي سڏ ۾ سڏ ڏئي سڀ سنڌي ڪراچي پھچي ويا، آزادي وطن جا نعرا ڪراچيءَ توڙي پوري دنيا ۾ رھندڙ سامراجن ٻڌا انتظار آھي ته نتيجن جو ڏسجي ته نتيجا آخر ڪھڙا ٿا نڪرن.
     
  2. ڄام احمد سمون

    ڄام احمد سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    137
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    جواب: جسقم آزادي لانگ مارچ

    ادا تمام سٺو
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جسقم آزادي لانگ مارچ

    اسين محترم بشير قريشي سميت سڀني قومپرست دوستن جي ان عمل جي حمايت ڪريونٿا ته هنن ڪراچي ۾ اچي هيٺيان ڪم ڪري ڏيکاريا

    1۔ سنڌي قوم جي سگهه جو مظاهرو ڪيو
    2۔ سنڌي قوم جي پاران سنڌ ۾ ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙن کي نياپو مليو ته سنڌي مري ويندا پر سنڌ کي ورهائڻ ڪون ڏيندا ۽ ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌو ڌارا ۾ ضم ٿيڻ جي صلاح ڏني وئي۔
    3۔ سنڌ هاڻ پاڪستان جو بار وڌيڪ دير برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ 40 واري معاهدي کان موڪلاڻي جو سڏ ڏنو ڏنو ويو۔

    تمام ڀلو، شاباسون، پپيون ۽ سمورو پيار اوهان دوستن لا،

    جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون جي ايم سيد جي فڪر ۾ واضح ٿيل آهن پر انهن کي سگهه سان ورجائڻ ضروري هو سو فرض پورو ڪيو ويو ۔۔۔

    پر اهو عمل ٿيو ۽ گذري ويو ۔۔۔۔ ۽ هاڻ حب الوطن دوستن تي وڌيڪ ذميورايون وڌن ٿيون۔

    1۔ قوم کي انقلاب لا تيار ڪرڻ ۽ انهن جي فلاح لا ڪم ڪرڻ
    2۔ تنظيمي ڍانچي کي سگهارو ڪرڻ
    3۔ سنڌ جي ايڪي ۽ اتحاد جي طرف قدم وڌائڻ
    4۔ قومي ڪارڪنن جي ڪردار کي سهڻو ۽ قابل قبول ٺاهڻ
    5۔ سازشي ۽ غدارن تي ڪڙي نظر رکڻ
    وغيره وغيره

    مطلب ته ڳالهه آئي وئي نه ڪجي ۔۔۔ قومي تنظيمون قومن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ پاڻ سان گڏ رکڻ لا هر قسم جي جدوجهد ڪنديون آهن، سياڻپ ۽ ڏاهپ سان قومي مسئلن کي حل ڪنديون آهن، قومي ضروريات کي پوري ڪرڻ لا پاڻ پتوڙينديون آهن۔

    اسين سنڌي قوم جي فرد جي حيثيت سان سنڌي حب الوطن دوستن کان تمام گهڻيون اميدون رکون ٿا، انڪري انهن کي سهڻو، سگهارو ۽ منظم ڏسڻ گهرونٿا ۔۔۔ اميد آهي ته حب الوطن دوست سنڌي قوم کي مايوس نه ڪندا

    سورهيه مرين سوڀ لئه، ته دل جا وهم وسار،
    کڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين۔

    رب العالمين سنڌي حب الوطن دوستن جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جسقم آزادي لانگ مارچ

    تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ ان ڏينهن جڏهن ڪراچي جي هر روڊ تان سنڌ جي حق ۾ لڳل نعرا هيا ۽ لاتعداد سنڌي نوجوان جن جو جذبو ۽ جوش ڏسي سچ ته هر پوڙهو به جوان پئي لڳو۔ ڪراچي جي شهر ۾ سنڌين جو ايڏو وڏو ميڙ گهڻن ڏينهن کانپوء نظر آيو۔ سچ ته ان ڏينهن مان پاڻ به ڪراچي جي مختجف روڊن سان گهميو هيس پر بدقسمتي سان ڪنهن مجبوري سبب مان تقرير ۽ جلسو شروع ٿيڻ کان اڳ گهر لاء روانو ٿيو هوس۔

    محترم بشير خان قريشي جي تقرير به سٺي ۽ جامع ۽ کُليل هئي۔ سنڌي ماڻهن سنڌ جي قومپرست ڌرين کي سدائين موٽ ته ڏني آهي پر اهي پاڻ ۾ ڪڏهن به متحد ناهن رهيا ۽ اهائي ئي اسان جي وڏي بدقسمتي رهي آهي۔

    عوام ۽ سنڌي ماڻهن ته کيس هڪ سٺو نماء ڪري ڏيکاريو ، هاڻي بشير قريشي تي به پهريان کان وڌيڪ ذميواريون عائد ٿين ٿيون ته سنجيدگي کان ڪم وٺندي قومپرست ڌرين کي پاڻ سان ويجهو آڻي ۽ هڪ نئين شروعات ڪري۔ اسان سنڌين صرف هڪ جلسو ڪرڻ سان ڪا جنگ ناهي کٽي، جلسا ته هتي ڪراچي ۾ سڀ ڪو وڏا ٿو ڪري پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مليل سگه ۽ مليل مثبت موٽ کي صحيح رخ سان طاقت ۾ تبديل ڪجي۔ ان لاء هڪ اهم تبديلي جيڪا نوجوانن ۾ هجڻ گهرجي اها آهي پنهنجي اخلاقي قدرن کي بهتر ڪري ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪجي۔ ماڻهن جي ننڍي وڏي ڏک ۽ مصيبتن ۾ انهن سان گڏ هججي۔ پوء ڏسو ته ڪيئن نه اسان هن طاقت کي پنهنجي ڪاميابي ۾ ٿا تبديل ڪيون۔

    اڃان منزل پري آهي ۽ اسان کي وڌيڪ سٺي منصوبه بندي سان ڪم ڪرڻو آهي۔

    باقي اوهان دوستن سميت جسقم قيادت ۽ سڀ سنڌي مبارڪون لهڻن جن زنجير بنجي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هڪ وڏو اجتماع ڪيو جنهن جي توقع اردو ميڊيا ۽ مفڪرن کي به نه هئي۔ جيتوڻيڪ انٽرنيشنل ميڊيا ته هن وڏي ميڙ کي سٺي ڪوريج ڏني خاص ڪري بي بي سي ۽ سي اين اين پر پاڪستان جي اردو ميڊيا هن دفعي به پنهنجي تعصبانه رويي کي ورجائيندي هن کي هڪ معمولي اجتماع طور پيش ڪيو۔

    مان سمجهان ٿو هن هيڏي وڏي ميڙي کي وري به صدر آصف زرداري پنهنجي لاء ڪيش ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويندو۔ ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح اهو ڪٿي ٻئي هنڌ ذڪر ڪبو۔
     
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جسقم آزادي لانگ مارچ

    فيس بڪ تان ۡکنيل ٽڪرو۔۔۔۔آزادي مارچ جي مناسبت سان۔۔۔

    جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ان وقت سنڌ جي پنهنجي الڳ حيثيت هئي ۽ اها هندستان جو حصو نه هئي. جڏهن انگريزن سنڌ کي بمبئي جو حصو بنايو ته سنڌين وڏي جدوجهڊ کانپوءِ سنڌ جي الڳ وحدت مڃرائي. ورهاڱي وقت سنڌ کي ان جي اصل حالت ۾ بحال ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ کپي ها. الله بخش سومري جهڙن سياستدانن اها ڳالھ به ڪئي پر مسلم ليگي اڳواڻن انتهائي ڪوتاه نظري ۽ نا سمجهيءَ کان ڪم وٺندي سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪرايو. ان کان اڳ گڏيل هندستان جي ڪنهن به ٻئي علائقي اڃا پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضپو نه ڏيکاريو هو. سنڌ جي ٺهراء کانپوءِ ئي پاڪستان جي مطالبي کي هٿي ملي
    هاڻي سنڌي ويٺا روئن. چوندا آهن نه ته پنهنجي وڍئي جو نه ويڄُ نه طبيبُ
    هاڻي ڏُڌو کير واپس ٿڻن ۾ وجهڻ لاءِ وڏا جوکم کڻڻا پوندا
     
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جسقم آزادي لانگ مارچ

    سائين عاشق سولنگي صاحب ، سنڌ کي آزادي رڳو سکڻا نعرا هڻي نڙي کي سڪائڻ سان نه ملندي، پر ان لاء عملي جدجهد، منظم تنظيمڪاري ۽ هوش مندي سان ئي آزادي ممڪن آهي نه ڪي هوش وڃائڻ سان۔۔۔پهريان اهي شيون پيدا ڪرڻ لاء گڏجي ميدان ۾ نڪري اچي پاڻ ۾ ايڪو پيدا ڪيون۔۔مهرباني۔
     
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جسقم آزادي لانگ مارچ

    جس لهڻا منهنجا اهي وطن دوست پانڌيئڙا جن سنڌ جي سڏ ۾ سڏ ورنايون ۽ جٿن جا جٿا ٿي ڪري سنڌ جي راڄ ڌاني واري شهر ۾ پهتا ۽ ان ويل منهنجو ڪنڌ اوچو ٿي ويو ۽ اندر مان هڪ ئي آواز نڪتو ته" اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي متان ائين سمجهين مئا مور سارا"۔۔۔بس ڌڻي در دعا آهي ته شل اها حب الوطني هميشه اسان جي دلين ۾ قائم رهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو