غزل



ڪامران اڪبر سومرو

نيڻ آهن ڀنل ڇو ڀلا؟
چپ رهي ڪيترو ڪو ڀلا؟

زندگي رات آ ديس ۾
ٻاريو ڪو ته ڏيئو ڀلا!

سوچ جون ٻيڙيون تاريون
ڌاريون هاڻ جذبو ڀلا!

"ڪامران" ٿو لڇي،ٿو پڇي،
ڪيترو ظلم ٿيندو ڀلا؟
 
Back
Top