اول آخر آه، هلڻ منهنجو هوت ڏي، پورهيو سندو پورهيتين، والي! ڪيم وڃاء، سو مون ٿورو لاء، جئن جئري ملان جت کي۔ شاهه سائين وڊيو
اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جون، اَنڌِيءَ سين آهينِ؛ هُو جي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونهائِينِ؛ ڏِسِيو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جِي. شاه سائين
جواب: سر سسئي آبري مٺڙا دوست ڄام سمان صاحب، لطيف سرڪار اسانجي اکين تي جيترو به لطيف سرڪار کي پڙهجي اوترو گهٽ آهي، پر اوهانکي عرض ته؛ مهرباني ڪري لطيف جي نالي سان هڪ ڌاڳو ٺاهيو ۽ ان ۾ سڀ پنهنجي پسند جا بيت ونڊ ڪيو، ڇاڪاڻ ته اوهان جيڪڏهن هڪ هڪ بيت ڪري ونڊ ڪندا ته اهي اسانکي هڪ هڪ ڪري ڳولهڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿيندي ۽ ٻيو ته اسانجن ٻين ميمبر دوستن جون لکڻيون پس منظر ۾ هليون وڃن ٿيون ۔۔۔ انڪري مهرباني ڪري اوهان پنهنجي پسند جا بيت ڪنهن هڪ ڌاڳي ۾ ونڊ ڪريو، هر بيت لاءِ نئون ڌاڳو نه ٺاهيو ته قربائتا رهنداسون ۔۔۔ اميد ته اوهان ڳالهه سمجهي ويا هوندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت