• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اکيون تنهنجو عجيب سهڻا گهڻن جا سر گنوائينديون

عرس پريو

سينيئر رڪن
24fivxt.jpg

اکيون تنهنجو عجيب سهڻا گهڻن جا سر گنوائينديون
جڏهن جنبش ڪري ڪاري ڪجل جي ڌار پائينديون

اوهان جي جيئن نظر پئي هٿان دل زور سان ويئي
نه هڪڙو مان مگر ڪيئي اهي ڪجليون ڪُهائينديون

دونالي ديد جي ڇٽڪي اچي سيني اندر اٽڪي
چکائي موت جي چٽڪي گهڻائي گهوٽ گهائينديون

منجهن اسرار آڪاسي هميشہ خون جو پياسي
اسان پارا سوين سياسي ڦري دلڙي ڦاسائينديون

ڏسي چانڊاڻ چشمن جي اڙي دل دوست ”دادن“ جي
ڇڏيم دعويٰ بدن تن جي اڃان ڇا آزمائينديون
”دادن فقير“
 
جواب: اکيون تنهنجو عجيب سهڻا گهڻن جا سر گنوائينديون

هل عرس تنهنجي ڊزائن ۔۔۔۔۔۔۔

تمام سهڻي شاعري دادن فقير جي ۽ اوهان جا رنگ ، سي به سرنهن جي ڦولار ۾ ۔ سهڻي ڊزائن
 
Back
Top