سڀني سنڌي ڀائرن کي سلام منهنجو نالو ذوالفقار شام آهي لاڙ پٽ جي شهر بدين جو رهواسي آهيان، سنڌ سلامت ويب سائيٽ جي سموري ٽيم کي سلام پيش ڪريان ٿو سندن محنت تمام گهڻي آهي، ڇو جو آئون اهيو ڄاڻان ٿو ڇو جو مون سنڌي ويب سائيٽ جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو آهي، جنرل هوش محمد شيدي جي ورسي ۾ سائين نثاراحمد ناز جي محنت ڏسي حيران ٿي ويس، سائين جن کي جس هجي۔
جواب: سڀني سنڌي ڀائرن کي سلام وعليڪم السلام منهنجا سهڻا ڀاءُ ذوالفقار شاه صاحب اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿو، ۽ خوشي ٿي جو لاڙ جو هڪ سهڻو دوست اسان سان گڏ ٿيو آهي ۔۔۔ بدين شهر سنڌ جي سڄاڻ دوستن جو شهر آهي، جن هميشه سنڌ ۽ سنڌيت ۾ اهم ڪردار پئي ادا ڪيو آهي۔ دوست ذوالفقار، سنڌ سلامت سنڌ ۽ سنڌيت جي بنياد تي ڪم پئي ڪري ۽ اميد ته اوهان به ان مقصد کي اڳتي وڌائڻ ۾ سنڌ سلامت جو ساٿ نڀائيندار رهندا۔۔۔ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔ ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي هڪ دفعو ٻيهر دل جي گهراين سان ڀليڪار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڀني سنڌي ڀائرن کي سلام سهڻا ڀاءُ ذوالفقار شاه صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت جي هن سهڻي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا
جواب: سڀني سنڌي ڀائرن کي سلام محترم ذوالفقار شام صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي۔ اوهان جهڙي سڄاڻ دوستن جي راين، صلاحن ۽ لکڻين جو انتظار رهندو۔ ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا۔اميد ته اوهان اسان جي رهنمائي ڪرڻ سان گڏ اسان کي قيمتي مشورا پڻ ڏيندا رهندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڀني سنڌي ڀائرن کي سلام ادا ذوالفقار شاه صاحب اسلام عليڪم۔ادا اسان اوهان کي هن محبتي اڳڻ تي دل جي گهرائين سان خوش آمديد ٿا چئون۔اسان کي اميد آهي ته اوهان پنهنجي معلومات ڀريل لکڻين سان هن فورم جي سونهن ۾ اضعافو ڪندا۔
جواب: سڀني سنڌي ڀائرن کي سلام محترم ذوالفقار شام (شاه) کي هن اڱڻ تي ڀلي ڪار اميد ته پاڻ اسان جي ساٿ ۾ رهي اسان جي همت افزائي ڪندا رهندا ۽ پنهنجي تجرباتي ، مشاهداتي زندگي جا ڪارآمد پهلو شيئر ڪري اسان جي علم ۾ اضافو ڪندا رهندا هڪ عرض ته محترم دوست جي نالي کان پوء سندس تحرير ۾ شام لکيل آهي ۽ ڪن دوستن کيس شاه لکيو آهي ان جي پاڻ ئي درستگي ۽ تصحيح ڪندا ته سندن مهرباني ۔