• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچي ڏس سنڌ جا ويري

23 مارچ تي سنڌين جي بي باڪ شرڪت تي ڪجهه لفظن جو نظرانو

4vssvr.jpg


اچي ڏس سنڌ جا ويري هي سنڌي سمنڊ بڻجي پيا
سنڌوءِ سان وير رکندڙ دشمنن لاءِ جنڊُ بڻجي پيا

آ هر هڪ دل اندر طوفان هتڙي ڏس اچي ويري

هي سنڌوءَ رنگ بڻجي پيا، ۽ تولاءِ زنگ بڻجي پيا

کُٽي پئي حد نظرن جي رڳو ماڻهون ئي ماڻهون هن

هزارن جاءِ ناهي هي لکن جو انگ بڻجي پيا

ٻَڌي سرَ تي ڪفن هي سنڌ ڀاڳيا گڏ ٿيا آهن

سنڌوءَ ناز بڻجي پيا ۽ هي سنڌوءَ ننگ بڻجي پيا

هنن جا حوصلا جبلن جيان اوچا ۽ پختا هن

هي رِڻَ جا چَنگَ بڻجي پيا، دريائن دنگ بڻجي پيا.

((عمران درويش سومرو))




دعا ۾ ياد



.
 
جواب: اچي ڏس سنڌ جا ويري

هونءَ ته سنڌين جي ڪا هلڪي فتح به منهنجي اکين کي ڀري ڇڏيندي آهي، ڇاڪاڻ جو غلاميءَ جي تتل ڏينهن ۾ هڪ هلڪو ٿڌي هوا جو جهونڪو به جيئڻ جا سبب پئدا ڪندو آهي ۔۔۔۔ هي به هڪ هوا جو طوفان هيو جو هڪ ڏينهن لاءِ اڀريو پر اسانجي حيانوَ تي ڪجهه ٿڌاڻ جا اثر ڇڏي ويو آهي۔

سچ پڇو ته درويش جي مٿئين نظم پڻ اکيون ڀري ڇڏيون ۽ سندس لاءِ پيار ۾ اضافو ٿيو ۔۔۔ سنڌ جو سڄڻ منهنجو سڄڻ ۔۔۔ سنڌ جو دوست منهنجو دوست ۔۔۔ سنڌ جو عاشق منهنجو محبوب ۔۔۔

سهڻا درويش رب اهو ڏينهن ضرور آڻيندو جو سنڌي سڀ اتحاد ۽ ايڪي سان سنڌ ڌرتيءَ کي خوشحال ۽ آزاد ڪندا

هنن جا حوصلا جبلن جيان اوچا ۽ پختا هن
هي رِڻَ جا چَنگَ بڻجي پيا، دريائن دنگ بڻجي پيا.
 
جواب: اچي ڏس سنڌ جا ويري

کُٽي پئي حد نظرن جي رڳو ماڻهون ئي ماڻهون هن
هزارن جاءِ ناهي هي لکن جو انگ بڻجي پيا


واقعي ان ڏينهن ڪراچي ۾ سنڌين جو سمنڊ اٿليل هو۔ ڪاش اهو ميڙ سنڌ جي آجپي ۽ ڀلائيء ڏانهن ڪا وک ثابت ٿئي ۽ اسان ۾ پختگي پيدا ٿي پوي۔

تمام سهڻي ڀيٽا
 
جواب: اچي ڏس سنڌ جا ويري

تمام دوستن جي وڏي مهرباني جنهن لفظن کي پسند ڪيو ۽ ويچار ونڊڻ جي قابل سمجهيو۔۔
خصوصاً سائين نثار ابڙُو جن پنهنجي ويچارن ۾ درويش کي تعريف جوڳو سمجهندي قرب ڀريا ۽ جذبات جي اظهار ڀريا لفظ لکي موضوع کي رونق بخشي، ادا سليمان وساڻ اقتباس چونڊڻ جي مهرباني۔۔۔

دعا ۾ ياد۔۔۔

سدائين گڏ۔۔
 
جواب: اچي ڏس سنڌ جا ويري

کُٽي پئي حد نظرن جي رڳو ماڻهون ئي ماڻهون هن
هزارن جاءِ ناهي هي لکن جو انگ بڻجي پيا

ٻَڌي سرَ تي ڪفن هي سنڌ ڀاڳيا گڏ ٿيا آهن
سنڌوءَ ناز بڻجي پيا ۽ هي سنڌوءَ ننگ بڻجي پيا

خوبصورت خيالن ، بهترين سٽون ، تمام سهڻي ونڊ ۔۔۔
 
Back
Top