مڃو معصوم آن ڏاڍي
مڃو دل جي به نازڪ آن
مڃو کوٽي به ناهين تون
مڃو کلڻي به ڏاڍي آن
مڃو ڊڄڻي به ناهين تون
مڃو تون پِرههَ جهڙي آن
غريبن جي گلي ۾ پئي
اهڙي گِرهه جهڙي آن
مڃوسي فهم ڀي اعليٰ
تدبر ڀي، تحمل ڀي
فراست ڀي
ظرافت ڀي
مڃو تون معتبر آهين
مڃو غم خوار آن ڏاڍي
اکين جو ٺار آن سرتي!
مگر حيران آهيان مان
ڪو موقعو ئي نٿي ڏين تون
ته توکي ڪيئن ٿو چاهيان
مان توکي ڪيئن ٿو پايان
اڪيلائيءَ جي موسم ۾
جڏهن ڪوئي نه هوندو آ
جڏهن سايو به منهنجو
ساڻ مونسان
ڪونه هوندو آ
تڏهن آرس ڀڃي هي عڪس
مونسان ساڻ هوندو آ
جيئين ڪو مهربان ماڻهو
واهر ڪري ڪنهنجي
ڪنهن درديلي ماڻهوءَ جو
جيئين ڪو سڏ ورنائي
ائين ئي عڪس هي جانا!
اڪيلائيءَ جي موسم ۾
منهنجو ساٿ ڏيندو آ
سُکَ ڏانهن نيندو آ
ننڊاکا نيڻ ٿيندا هِن
ڄڻ هي جامُ ڏيندو آ
ڳالهه آهي ايتري
ڳالهه ئي سمجهين نٿي !!
حسام ميمڻ