سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻي سنڌ جي مشهور ليکڪه ۽ شاعره محترما زيب نظاماڻي جي صدارت م ٿي گُذري. پروفيسر موسى سٺيو پاران سنڌ جي ثقافت جي وزير محترما سسئي پليجو ۽ ايم پي اي محترما نور بوزدار کي دهشت گردن پاران ڌمڪين خلاف قراداد پيش ڪئي وئي جنهن کي هن گڏجاڻي شريڪ ٿيندڙ هٿ مٿي ڪري منظور ڪري ورتو جملي شريڪ ٿيندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهڙن سنڌ جي دشمنن خلاف فوري طور تي ايڪشن وٺي قرار واقعي سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچو ڌرتي ڌڻين خلاف ڪيل سازشن خلاف دشمنن سان ويڙهاندڪندو۔ رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز [JUSTIFY]سنڌ ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻي ڪالهه بروز آچر بتاريخ 25 مارچ 2012ع تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي آفيس سوڪ سينٽر ٽنڊو محمد خان۾ٿي گُذري جنهن جي صدارت سنڌ مشهور ليکڪه ۽ شاعره محترم زيب نظاماڻي صاحبه جي صدارت ۾ ٿي گُذري. جنهن ۾ تاج ٽکڙائي نظم، انعام ٽکڙائي نظم، حاجي حُسين ڀٽي ڪافي، نوشاد ڀٽي غزل، عاشق علي ڳاهو غزل، گُل حاجاڻو غزل ۽ سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري نثاراحمد ناز اصلاح واسطي هن گُڏجاڻي پيش ڪيا، جڏهن ته هن دستوري گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ محترما زيب نظاماڻي پنهنجا ٻه نڪور نطم پڙهيا، هن گڏجاڻي ۾ وڌيڪ شريڪ ٿيندڙن ۾ ڊاڪٽر احمد نوناري، رفيق آس لغاري، پروفيسر موسي سٺيو،صبا بلاولي ايڊوڪيٽ، ثمينه خليل خاصخيلي، فرزانه شاهه ۽ شهنيلا نظاماڻي هُئا، پنهنجي صدارتي خطاب ۾ محترما زيب نظاماڻي صاحبه چيو ته ٽنڊو محمد خان جي ادبي سنگت پوري سنڌ ۾ پنهنجو انتهائي فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي هي ڀرپور گڏجاڻي ۽ ان ۾ ميمبر ۽ ادب دوستن جي وڏي تعداد انهي ڳالهه کي آشڪار ڪري پئي ته ٽنڊو محمدخان جا ڏات ڌڻي متحد آهن، هو سنڌي ٻولي جي خدمت پنهنجي شاعري ذريعي، پنهنجي مضمونن ذريعي ، تمام شاندار نموني ڪري رهيا آهن،سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي هر گڏجاڻيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ عورت مميبرن جي شرڪت انهي ڳالهه جو ثبوت آهي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو ماحول ڪافي عزت ڀريو ۽ اخلاق ڀريو آهي جو سنڌي ادبي سنگت جون ميمبر عورتون پنهنجي مرد ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيون آهن ،محترم زيب نطاماڻي صاحبه هن گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني ميمبرن کي تاڪيد ڪئي ته مطالعي ۽ مشاهدي سان پنهنجي پاڻ کي بهر مند ڪري سنڌي ادبي سنگت کي جديد علمي ۽ ادبي لاڙن سان متعارف ڪرائن ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ اديبن ۽ ادب دوست ڀائرن توڻي ڀيڻن جي شرڪت لازمي بنائن. محترما زيب نظاماڻي وڌيڪ چيو ته اسان ڏات ڌڻي صرف پيار پکيڙڻ وارا ماڻهو آهيون اسان پنهنجي ڏات کي ڦهيلائي هن ڌرتي کي گل و گلزار ڪرڻ وارا ماڻهو آهيون ، زندگي الائي ڪيتري آهي هن عظيم سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان اهو ڪجه ڪري وڃجي جو ڪٿان به سندن گُذر ٿئي ته ماڻهو اهو چون ته سنڌي ادبي سنگت جهڙو ڪو ٻيو ادبي فورم ٿي نٿو سگهي، محترما زيب نظاماڻي جي انهي جملي تي سڀني ميمبر تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو، آخر سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري نثاراحمد ناز جملي ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته انهن جي ايڏي وڏي تعداد شريڪ ٿي پنهنجو ن نڪور ڪاوشون هن محبتي اڱڻ تان اصلاح لاءِ پيش ڪرڻ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ڀرپور ڪامياٻيءَ جو مظهر آهي،هُن حيدرآباد کان ڪهي آيل سنڌ مشهور ليکڪه محترما زيب نظاماڻي ۽ محترما صبا بلاولي ايڊوڪيٽ جا خصوصي ٿورا مڃيا جو هنن هن دستوري گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿي هن گڏجاڻي کي چار چنڊ لڳايا. آخر ۾ سيڪريٽري پاران سڀني شريڪ ٿيندڙ ميمبرن جي ڪولڊ ڊرنڪ سان خاطر تواضع ڪرائي وئي[/JUSTIFY] هاڻي پيش آهن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي دستوري گڏجاڻيءَ جون تصويري جهلڪيون سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي دستوري گڏجاڻي جي صدارت سنڌ مشهور ليکڪه ۽ شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه ڪري رهي آهي ، سندس پاسي ۾ سنڌ سلامت جو جهونو ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جو سيڪريٽري نثارناز دستوري گڏجاڻيءَ کي هلائي رهيو آهي جڏهن ته س ا س جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر محترم رفيق آس لغاري ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو ميمبر ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب جن به نمايان آهن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جا سينئر ميمبر محترم تاج ٽکڙائي، محترم عاشق علي ڳاهو، ۽ محترم گُل حاجاڻو۔ هن دستوري گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ سنڌ مشهور شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه پنهنجا ٻه نڪور نظم پڙهي رهي آهي بهترين شاعر گُل حاجاڻو پنهنجو نڪور غزل اصلاح واسطي پڙهي رهيو آهي جڏهن ته سندس پاسي ۾ جهونو شاعر حاجي حُسين ڀٽي، ۽ سنڌ مشهور شاعر انعام ٽکڙائي موجود آهن نوجوان شاعر نوشاد ڀٽي، جهونو شاعر تاج ٽکڙائي، سنڌ مشهور نوجوان شاعر عاشق علي ڳاهو ۽ گُل حاجاڻو ساٿ ساٿ ويٺا آهن سيد ضمير شاهه ، رفيق آس لغاري ۽ زيب نظاماڻي صاحبه گڏ ويٺا آهن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي خصوصي سڏ تي حيدرآباد کي ڪهي آيل محترما صبا بلاولي ايڊوڪيٽ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جون ٻه ميمبر هڪڙي ڀيڻ فرزانه شاهه ۽ ٻي ڀيڻ شهنيلا نظاماڻي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ميمبر ڀيڻ شهنيلا نظاماڻي ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر محترما ثمينه خليل خاصخيلي محترم انعام ٽکڙائي، سيد ضمير شاهه ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻي(25 مارچ 2012ع) آچر جوڏينهن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي گڏجاڻي کان پو سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جا خصوصي طور تي سنڌ سلامت لا هي تصويري پوز ورتا ويا۔ دوستو معاف ڪجو سنڌ سلامت جي ڪئميرا اڄڪلهه بيمار آهي ٽن ڏينهن جي ٺيڪ ٿيڻ جي وعدي تي ٽن هزار روپين عيوض ڪئميرائن جي اسپتال ۾ ايڊمٽ ڪرائي هُئم پر يڪا پندرهن ڏينهن پيا ٿين، نڪو ڪئميرا جو پتو آهي نڪو ڪئميرا واري اسپتال نظر پئي اچي ۽ جنهن همراهه کي ڪئميرا جي تيمارداري لا ڪئميرا جي اسپتال م رهايو هُئم نڪو ان جو پتو آهي، سو هاڻي هي جيڪي تصويرون موڪليان پيو سي سنڌ سلامت جي موبائل نوڪيا ايڪس 2 زيرو ٽو جون آهن موبائل ڪئميرا جي رزلٽ يقينن ماٺي هوندي آهي دعا ڪريو ته جلدي سنڌ سلامت جي ڪئميرا جو اتو پتو ملي وڃي في الحال سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جون سنڌ سلامت لا ڪڍيل خصوصي تصويرون ڏسو