نڀاڳ ۽ سڀاڳ جي حقيقت

'مختلف موضوع' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    هڪ ڪهاڻي پڙهڻ جيترو وقت اٿئو؟؟
    هي ڪهاڻي ان دور جي آهي جڏهن اڃان بادشاهي راڄ هلندا هئا ان دور ۾ هڪ سپاهي پنهنجي ڀاڳ مان مطمئن نه هو سدائين ڀاڳ جي خراب هجڻ جو پِٽڪو ڪندو رهندو هو، هڪ ڀيري اهو سپاهي منهن ڀيلڙو ڪري پنهنجي بادشاهه جي سواري سان گڏ هلي رهيو هو ته هن جي هڪ ٻي دوست سپاهي هن کان موڊ جي خرابي بابت پڇيو.
    سپاهي ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو” بس ڀاءُ ڇا ٻڌايان منهنجي قسمت مٿان کان ڦٽل آهي تون ئي سوچ جيڪڏهن منهنجا ڀاڳ ڀلا هجن ها ته اڄ بادشاهه جي جاءِ تي آئون ويٺل هجان ها، هيئن پنڌ ۾ خوار نه ٿيان ها... هاءِ ڙي قسمت..“
    بادشاهه سپاهي جي اها ڳالهه ٻڌي ورتي، کيس ڏاڍي چڙ لڳي ته هي خسيس سپاهي منهنجي تخت ۾ اکيون پيو هڻي، هن سپاهي کي سزا ڏيڻ جو سوچيو پر بادشاهه جي راڻي ان کي سمجهايو ۽ چيائڻ ته ويچارو غريب آهي اسان کي هن کي پنهنجي ڀاڳ کي بدلائڻ جو هڪ موقعو ڏيڻ گهرجي.
    خير، بادشاهه راڻي جي صلاح سان ان سپاهي کي درٻار ۾ گهرايو ۽ ان کي هڪ مهربند لفافو ڏنائين ۽ چيائين ”ڏس هن ۾ تمام ضروري نياپو آهي ان کي اڄ شام کان پهرين 20 ڪوهه پري اسان جي فوج جي سپه سالار کي پهچائي اچ“. 20 ڪوهه پنڌ جو ٻڌي سپاهي جا هوش اُڏامي ويا ، پر حڪم مليو سو وڃڻو ته پوندو. گهوڙي تي چڙهي مزي مزي سان هلندو بادشاهه جو نياپو پهچائڻ لاءِ روانو ٿيو. اڃان ڪجهه پري ئي مس ويو هو ته هن جو دوست رستي ۾ مليو، اهو به سپاهي هو.
    ” صاحب ڪيڏانهن جي تياري آهي، ڪهڙي تڪليف رسي اٿ.ي جو ائين آهستي آهستي ڪِنو منهن کڻي نڪتو آهين؟“ دوست سپاهي پڇيس.
    ” بس يار بادشاهه جو حڪم مليو آهي ته سندس خط شام کان پهرين سپه سالار کي پهچايان. 20 ڪوهه جو پنڌ آهي ، منهنجو ته سوچي سوچي هيانءُ پيو ٻُڏي، بادشاهه کي به هزارين سپاهين مان آئون ئي ڏسڻ ۾ آيس، اسان جي ته مٿان کان ڦٽل آهي“. سپاهي اهو چوندي بادشاهه کي گهٽ وڌ چوڻ لڳو.
    سندس دوست ڏاڍو تيز هو، چوڻ لڳو” اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي ، تنهنجو خط آئون پهچائي ٿو اچان آئون جيتري دير ۾ اهو خط پهچائي اچان تيستايئن تون وڃي گهر آرام ڪر“. سپاهي خوش ٿي پيو ته مٿي مان سور نڪتو، ترت لفافو دوست کي ڏنائين ۽ گهر اچي ليٽي پيو.
    سپاهي جي دوست گهوڙو ڀڄائيندو ٻنپهرن تائين وڃي سپه سالار وٽ پهتو ۽ ان کي لفافو ڏنائين، سپه سالار خط پڙهيو ۽ بعد ۾ وڏي واڪي اعلان ڪيائن ته بادشاهه سلامت خط آڻيندڙ کي کي پنج هزار سپاهين جو ليڊر ۽ 2000 اشرفيون پگهار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايءَ خوشنصيب نوجوان ڇا توکي بادشاهه جو اهو فيصلو قبول آهي؟؟ سپاهي کي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهندو هو هن جهٽ ۾ هائو ڪئي:police:. ان مهل ئي نوان ڪپڙا پهري 5000 سپاهي ساڻ وٺي سڌو پنهنجي ان سپاهي دوست وٽ آيو جنهن جو خط کڻي هو سپه سالار وٽ ويو هو . ان سمورو قصو دوست کي ٻڌايو ۽ پنهنجي دوست جي مهرباني مڃي جنهن ان کي خط ڏيئي اهڙو رتبو ڏياريو.
    ويچارو سپاهي وري به پنهنجي ڀاڳن کي ڏوراپو ڏيئي ويهي رهيو:hitwall:.
    اڃان ان واقعي کي ٻه ڏينهن مس گذريا هئا جو راڻي ان سپاهي کي شاهي محل گهرايو ۽ کيس هڪ ٻيو لفافو ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته ”هتان کان 500 ميل پري اولهه پاسي آبادپور رياست جي نواب کي هي لفافو پهچائي اچ، لفافو ڏئي ڪجه ڏينهن اتي آرام ڪجان ۽ پوءِ واپسي اختيار ڪجان، هاڻي ئي روانو ٿي“. شاهي محل مان ته سپاهي اُڀتي پيرن نڪتو پر ٻاهر نڪري عادت موجب پِٽڪو ڪرڻ لڳو.
    ” هڻان..... 500 ميل پنڌ، مري وياسين ڙي... هفتو ته پڪ سان هلڻو پوندو... هڪ پنڌ پري مٿان وري برساتن جو موسم لڳل آهي واه جو قابو ٿيو آهيان... راڻي کي به آئون ئي نظر آيس... مون جهڙو ڪو نڀاڳو شايد ڪو ناهي“. مطلب ته روئندو رڙندو سفر تي روانو ٿيو.
    ظلم ڏسو ته اڃان 100 ميل به نه هليو هوندو جو تيز برسات اچي ورتس، ان وقت هو هڪ ڳوٺ جي پاسي مان لنگهي رهيو هو پڇائون ڪندو اچي هڪ مسافرخاني ۾ ٽڪيو، اتي هڪ نوجوان واپاري به ٽڪيل هو، رسمي دعا سلام کان پوءِ ان واپاري سپاهي کان پڇيو ته هو ڪاڏي پيو وڃي، سپاهي عادت موجب پنهنجي قسمت کي ڏوراپا ڏيندي سڄي حقيقت ٻڌائي.
    واهه واهه آئون به آبادپور پيو وڃان، تون به گڏ هل، ٻه ته ٻارنهن، ڪچهري ۾ وقت گذري ويندو“. واپاري سندس ڳالهيون ٻڌي چيو.
    پر سپاهي جو دماغ ڪنهن ٻي جاءِ تي هو هن ترت چيو ته نه سائين نه پاڻ ته ٻه ٽي ڏينهن هتي آرام ڪنداسين ، موسم بلڪل صاف ٿيندي پوءِ نڪرندس، پر يار تون ڀلي صبح جو نڪر ۽ وڃي هونهن به آبادپور پيو سو منهنجو به هي ڪم کنيو وڃ ۽ هي خط نواب کي ڏيئي ڇڏجان، توتي ڪو فرق نه پوندو منهنجي هن پنڌ مان جان آجي ٿيندي.
    نوجوان واپاري کي ڀلا ڪهڙو اعتراض هو، هن لفافو کڻي ورتو ۽ ٻي ڏينهن سويري آبادپور روانو ٿيو.
    اتي پهچي هن اهو خط نواب کي ڏنو ۽ ان جي ڄڻ لاٽري نڪتي هجي ان خط ۾ لکيل هو ته راڻي هن خط آڻيندڙ کي نواب جي ڌيءَ سان شادي جي لاءِ پسند ڪيو آهي جيڪر هو هن نوجوان کي ڌيءَ جو سنڱ ڏيندو ته بادشاهه کيس هڪ ٻي رياست جو نواب مقرر ڪندو. مطلب ته ان نوجوان جي نواب جي ڌيءَ سان شادي ٿي وئي. هوڏانهن سپاهي ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪري واپس راڻي جي حضور ۾ پيش ٿيو ايتري دير ۾ آبادپور مان نياپو اچي چڪو هو ته نواب راڻي جو حڪم مڃيو آهي راڻي مطمئن ويٺي هئي. پر جڏهن هن سپاهي کي ساڳئي لڇڻن ۾ ڏٺو ته قصو سمجهي وئي، بادشاهه ۽ راڻي کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي پر انهن وري به سپاهي کي چانس ڏيڻ جو سوچيو.
    هن دفعي انهن مڻ جيترو وزني هنداڻو سپاهي کي تحفي ۾ ڏنو سپاهي بادشاهه کان هنداڻو کڻي نڪتو پر ٻاهر اچي بادشاهه کي گهٽ وڌ چوڻ لڳو ته مون کي هنداڻي جي ڪهڙي لاچار هئي هروڀرو هيڏو وزني هنداڻو کڻايو اٿس. هو ائين پنهنجي منهن ڳالهائي رهيو هو ته هڪ پوڙهي فقيرياڻي صدا هنئي. سپاهي جي ذهن ۾ خيال آيو ته ڇو نه هي موتمار وزن جهڙِو هنداڻو انهي فقيرياڻي جي ڪنڌ ۾ هڻجي. سو تڙ تڪڙ ۾ پوڙهي فقيرياڻي کي چوڻ لڳو ته ” مائي مون وٽ ٻيو ته ڪجهه ناهي، هي هنداڻو اٿئي جي کائين ته ڏيائين؟“.
    ” ابا اهو ئي ڏي، مولا آباد ڪندئي“. ڪراڙي وراڻيس.
    ائين سپاهي ان وزني هنداڻي مان جان آجي ڪرائي، پوڙهي فقيرياڻي گهر وڃي اهو هنداڻو وڍيو ته ان مان رڳو هيرا جواهر نڪتا جيڪي انتهائي ڪاريگري سان ان هنداڻي ۾ رکيل هئا. ڪراڙي فقيرياڻي ان سپاهي کي تمام گهڻيون دعائون ڏنيون جنهن جي ڪري ان جي پيريءَ جو گذارو سڪون سان ٿيڻ جو آسرو ملي پيو، ۽ ويچارو سپاهي وري به.........................
    ان ويچاري کي ته ٻه ٽي ڏينهن پوءِ خبر پئي ته بادشاهه سلامت ۽ راڻي واقعي ان جي قسمت بدلائڻ چاهيندا هئا ۽ ان لاءِ کيس ڪيڏا سٺا چانسز مليا جيڪي ان ضايع ڪري ڇڏيا، اڃان هو پنهنجي قسمت تي ڳوڙها ڳاڙڻ ۾ مصروف هو جو هڪ ڀيرو ٻيهر کيس بادشاهه جو سڏ ٿيس. تڪڙ ۾ ڳوڙها اگهندي هو ڊوڙندو ڊوڙندو درٻار پهتو. هن ڀيري بادشاهه کيس هڪ لفافو ڏيندي تاڪيد ڪئي ته ” هن لفافي کي ڌيان سان شاهي جيل جي جيلر کي پهچائي“.
    زندگي ۾ پهريون ڀيرو انتهائي شاندار رفتار جو مظاهرو ڪندي سپاهي اهو خط ورتو ۽ گهوڙي کي ڀڄائيندو سڌو جيلر وٽ پهتو، ۽ خط ان جي حوالي ڪري خوشي وچان ان جي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳو. جيلر خط پڙهيو ۽ سپاهي کان پڇيائين ته ” توکي خبر آهي ته هن خط ۾ ڇا لکيل آهي“؟.
    ” ها سائين“. سپاهي خوشي وچان ٻهڪندي چيو” هن ۾ اهو حڪم هوندو ته يا ته مون کي 5000 سپاهين مٿان مقرر ڪريو، يا پنهنجي ڌيءَ جو سنڱ مونکي ڏيو يا وري مون کي ڪافي هيرا جواهر انعام ۾ ڏنا وڃن“.
    ”اڇا!“ جيلر ٽوڪ واري لهجي ۾ چيس” ته پوءِ ٻڌ ته هن خط ۾ ڇا لکيل اٿئي، هن ۾ لکيل آهي ته اسان هن سپاهي کي خط سپه سالار کي ڏيڻ جو چيو ته جيئن هن کي پنج هزاري فوجي بنايون پر هن اهو خط پنهنجي دوست جي معرفت پهچايو، پوءِ اسان هن کي ابادپور رياست موڪليو سين ته جيئن هن جي شادي رياست جي نواب جي ڌيءَ سان ٿئي پر هن اهو خط به هڪ واپاري هٿان موڪليو، وري هن کي آخري موقعي جي طور تي هيرن جواهرن سان ڀريل هنداڻو ڏنو سين پر هن اهو هنداڻو به ڪنهن ٻي کي ڏيئي ڇڏيو ، ائين هن سپاهي ٽي ڀيرا شاهي حڪم نه مڃيو، ان لاءِ بادشاهه جو هي فيصلو آهي ته هن نافرمان ۽ ٽوٽيءَ سپاهي کي پنجن سالن تائين جيل ۾ بند رکيو وڃي“. حڪم پڙهي جيلر وڏو ساهه کنيو ۽ پوءِ سپاهي ڏانهن ڏسندي چيائين ته ” ها نوجوان! هاڻي حڪم ته ٻڌي ورتئي، ڇا ٿو چوين؟“.
    ”چوڻ لاءِ ڪجهه بچيو ئي ڪٿي آهي سائين“. سپاهي روئڻهاڻڪي لهجي ۾ چيو” منهنجا ته ڀاڳ ئي خراب آهن......... هاءِ ڙي ڀاڳ!“ اهو چئي هو زمين تي ويهي رهيو ۽ ماتم ڪري روئڻ لڳو:hitwall:.
    هڪ ٻاراڻي ڪهاڻي، جنهن کي شايد سريلي انداز ۾ بيان به ناهيان ڪري سگهيو، اهان منهنجي نظر ۾ فقط ڪهاڻي ناهي پر هن ڪهاڻي ۾ هر عمر جي ماڻهن لاءِ هڪ سبق آهي، اهو اهو سبق ئي هن اصل تحرير جو موضوع آهي.
    پنهنجي چئوگرد نگاهه ڊوڙايو، توهان کي ڪافي اهڙا ماڻهو نظر ايندا جن کي پنهنجي ڀاڳن تي ناز آهي، سائنس جي وڌندڙ ترقي جي باوجود ” اڄوڪو ڏينهن ڪيئين گذرندو؟“ جهڙن اڳ ڪٿين جي ويساهه ڪندڙن جي اننگ ۾ اضافو ئي ٿيو آهي، پر ڇا ڀاڳ، نڀاڳ، منحوسيت ۽ اهڙن ٻين ڳالهين جو واقعي اسان جي زندگي ۾ ڪو عمل دخل آهي؟.
    ان سوال جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيه جي سڪسيس يونيورسٽي جي نفسيات جي، اسان جي ڪميپوٽر جي ماهر جودوگر سائين ”رشيد سمون“جهڙي جادوگر پروفيسر رچرڊ وائزمين تمام گهڻي ۽ نتيجه ڏيندڙ تحقيق ڪئي آهي، گهڻا عوامي سروي ڪرڻ ۽ تجربا ڪرڻ کان پوءِ هو هن نتيجي تي پهتو آهي ته ”ڀاڳن وارا“ ماڻهو اهي هوندا آهن جيڪي روز نون موقعن جي ڳولاهه ۾ رهندا آهن ۽ پنهنجي صلاحيتين تي اعتبار ڪندا آهن. انهن جي سوچ هاڪاري هوندي آهي ۽ اهي هر حال ۾ پراُميد رهندا آهن۽ ڪنهن به ڪم مان چڱن نتيجن جي اميد رکندا آهن. ان کان علاوهه جڏهن انهن کي ڪنهن ڪم ۾ ناڪامي ملندي آهي ته اهي مضبوطي سان ان ناڪامي کي منهن ڏيندا آهن ۽ پاڻ کي ڪمزور ٿيڻ ناهن ڏيندا. اچو ته ان جو به جائزو وٺون ته پروفيسر وائزمين ائين ڇو ٿو سمجهي؟ متان اسان کي به ان مان ڪو فائدو رسي وڃي.
    لاٽري ۽ جيون ساٿي
    حال في الحال اسان هن بحث کي هڪ پاسي ٿا رکون ته جوا، لاٽري، اڪڙا پرچي ۾ پيسا لڳائڻ ۽ پيسا ڪمائڻ ٻئي غلط ۽ حرام آهن. اسان وٽ انهن ڪمن کي زبان سان خراب چوڻ جو رجحان عام آهي پر دل سان ان کي خراب نٿيو سمجهيو وڃي اهو ئي سبب آهي ته اسان وٽ پرائيز بانڊ ۽ آڪڙاپرچي جا ٽڪيٽ گهڻي تعداد ۾ وڪرو ٿيندا آهن، پر اولهه اسان کان ان سلسلي ۾ اڃان اڳتي آهي ۽ اتي اهو ڪم جائز ڪاروبار آهي جنهن تي مذهب جي به ڪائي پابندي ڪانهي.
    وائز مين ۽ ان جي ساٿي نفسياتي ماهر پيٽرهيرس فيصلو ڪيو ته لاٽري کٽيندڙن ۽ هارائڻ وارن جو تعلق ”سعد اننگن“ ( لڪي نمبرن) ۽ نفسيات ذريعي چٽو ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ انهن مقامي ٽي وي چينل ذريعي وڏي پيماني تي عوامي تجربو ڪيو. انهن ، انهن ناظرين کان، جيڪي ٽڪيٽ وٺڻ جو ارادو رکندا هئا، درخواست ڪئي ته اهي هڪ سوالنامو ڀرين، جنهن بعد انهن کي خبر پئجي ويندي ته هو خوشقمست آهن يا بدقسمت. پوءِ انهن ماڻهن جي چونڊيل لاٽري نمبرن کي اڳئين قرعه اندازي جي نتيجن سان ڀيٽيو ويو.
    خوشقمت ۽ بدقسمت ماڻهن جي منتخب ڪيل ٽڪيٽ جي نمبرن ۾ معمولي فرق ڏسڻ ۾ آيو، انهن کي اندازو ٿيو ته ڀاڳ وارن ماڻهن جو هڪ خاص طرح جي نمبرن ڏانهن رجحان گهڻو هو، انهي رجحان جي بنياد تي انهن لڪي نمبرن جو هڪ گروپ ٺاهيو، ڇوته انهن اننگن جي چونڊ اهڙن ماڻهن ڪئي هئي جن جي ڇهين حس تمام تيز هئي، معنيٰ گهڻين قرعه اندازين ۾ انهن جو انعام نڪرڻ گهرجي ها پر تجربي سان اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن اننگن ۾ اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي.
    ٻي مزيدار ڳالهه اها به سامهون آئي خوشقسمت ۽ بدقسمت ماڻهو اهو نه ٻڌائي سگهيا ته انهن اهي نمبر ڪيئين چونڊيا. سوالنامي جي ٻين سوالن جي جوابن مان اها به خبر پئي ته خوشقمت نظر ايندڙ ماڻهن ۾ اها سوچ وڌيڪ هئي ته هو ئي کٽيندا. بدقسمت ماڻهن ۾ ان سوچ جي گهٽتائي هئي. حيرتانگيز انڪشاف اهو به ٿيو ته خوشقسمتي جي سوچ رکندڙ ماڻهن ۾ کٽڻ جو تناسب هارائيندڙن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو هو، پر وائزمين جو اعتراف آهي ته لاٽري جهڙي ڪنهن واقعي ۾، جنهن جا نتيجا انتهائي غير متوقع هوندا آهن، خوشنصيبي ۽ بدنصيبي جي اميد ڪابه معنيٰ نٿي رکي.
    پر ان تجربي مان کين خوشقسمت ماڻهن جي نفسيات جانچڻ جو هڪ نادر موقعو مليو، سوالنامي ۾ اها ڳالهه واضع هئي ته خوشقسمت ماڻهو پنهنجي مستبل مان چڱيون اميدون رکندا آهن.
    ” خوشقسمت ماڻهن ۾ اميد واري سوچ گهڻي هوندي آهي جيڪا هڪ اهڙي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي جنهن کي نفسياتي ٻولي ۾ ”هاڪاري ڌوڪو“ چيو ويندو آهي“ وائزمين نتيجن تي تبصرو ڪندي چيو.”جيتوڻيڪ اهو سڀ ڪجهه اسان جي سوچ جو فريب هوندو آهي پرحقيقت ۾ اها هڪ سٺي ڳالهه آهي ڇوته اها ئي سوچ اسان کي مسلسل ڪوشش ڪرڻ جي لاءِ اتساهي ٿي“،
    ڳالهه فقط لاٽري جي ناهي، پر زندگي جي هر ميدان جي آهي۽ سٺي هاڪاري سوچ نه هوندي اوهان ڪوبه ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ئي نه ٿي سگهندا. اها مثبت سوچ ئي آهي جيڪا نتيجن کي اسان جي حق ۾ بهتر ڪري ٿي.
    ٻيو تجربو انهن جيون ساٿي جي ڳولاهه تي ڪيو، مشرق جي ابتڙ اولهندي ملڪن ۾ پنهنجو جيون ساٿي پاڻ تلاش ڪرڻ، پسند ڪرڻ ۽ شادي ڪرڻ جو رواج ايترو عام آهي جو ان معاملي ۾ والدين جو عمل دخل عجيب سمجهيو ويندو آهي. وائز مين هڪ سوالنامو ٺاهيو جنهن جو مقصد ظاهري طور تي اهو معلوم ڪرڻ هو ته مخاطب ڪهڙي طرح جي جيون ساٿي جي ڳولاهه ۾ آهي، پر ان سوالنامي ۾ جواب ڏيڻ واري جي پوري زندگي جو نچوڙ ڪڍيو ويو هو.
    اهوسوالنامون انهن رضاڪار عورتن ۽ مردن کان ڀرايو ويو جن ۾ پنهنجو پاڻ کي خوشنصيب ۽ بدنصيب ، ٻنهي طرح سان سوچيندڙ ماڻهو موجود هئا. سوالنامون پُر ڪرڻ کان پوءِ انهن کي ٻڌايو ويو ته هو پنهنجي متوقع جيون ساٿي سان ملڻ وارا آهن ۽ پوءِ کين ان جعلي جيون ساٿي جو ڀريل فارم ڏيکاريو ويو ۽ پڇيو ويو ته ڇا هو ان سان ملڻ پسند ڪندا؟ بدقسمت ماڻهن جي ڀيٽ ۾ خوشنصيب ماڻهن اهرن فرضي جيون ساٿي سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي جيڪو انهن کي نفسياتي طرح سان پاڻ جهڙو لڳو. ان تجربي سان وائز مين ان نتيجي تي پهتو ته ازدواجي معاملن ۾ خوشقسمتي جي حام هڻندڙ ماڻهو عام طرح اهي هوندا آهن جيڪي نفسياتي طرح سان پاڻ جهڙو جيون ساٿي چونڊيندا آهن. اها نفسياتي هڪ جهڙائي ئي آهي جيڪا ماڻهن ۾ ڊگها لاڳاپا برقرار رکي ٿي.
    ٻي پاسي اهي بدنصيب آهن جن جي زندگي ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ ازدواجي زندگي جي وچ مان لنگهي ٿي، اهڙن ماڻهن جي باري ۾ وائز مين تي هي حقيقت کلي ته اهڙا ماڻهو پنهنجي جيون ساٿي جون اهڙيون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون نظرانداز ڪري ويندا آهن جيڪي انهن جي پنهنجي نفسيات جي بلڪل ابتڙ هونديون آهن. اهڙا ماڻهو گهڻو ڪري اهي هوندا آهن جيڪي مختلف شين ۾ فرق نه ڪري سگهندا آهن ۽ انهن جي پنهنجي نظرن ۾ به پنهنجي ڪائي عزت ناهي هوندي. ان سبب جي ڪري انهن جي ازدواجي زندگي رحم جوڳي هوندي آهي.
    ان کان علاوهه ڪجهه ٻيا سادا سبب به آهن جهڙوڪ ازدواجي زندگي ۾ پاڻ کي ڀاڳن وارو سمجهڻ وارا گهڻا مخلص ۽ خوشگفتار به هوندا آهن، هو کوهه جو ڏيڏر بڻجڻ ۽ پنهنجي ذات ۾ قيد رهڻ بجاءِ ٻين ۾ به اوتري ئي دلچسپي وٺندا آهن، گهڻن ماڻهن سان ميل ميلاپ ۽ شخصي اعتبار جي ڪري بهتر جيون ساٿي جي حاصلات اهڙن ماڻهن لاءِ سئولو بڻجي ويندو آهي.
    ڪاروبار ۽ قسمت
    واپار ۽ ڪاروبار جو معاملو به دل جي معاملن وانگر آهي، اخبارن، رسالن، ميگزينن، ٽيوي ريڊيو يا سنڌ سلامت جهڙن فورمن تي اسان کي اڪثر اهڙيون خبرون ملنديون آهن ته فلاڻي ماڻهو ڏاڍي غربت ڏٺي پر هاڻي اهو هڪ ڪامياب زندگي گذاري رهيو آهي، وائز مين تجربن سان اهو ثابت ڪيو ته ڪاروبار ۽ واپار ۾ به خوشقسمت ٿيڻ جو هنر سکي سگهجي ٿو. ان جو عملي مظاهرو هن ٽي اي ايم نالي هڪ برطانوي ڪمپني لاءِ ڪم ڪري ڪيو ان وابستگي دوران هن ڪمپني لاءِ هڪ خصوصي ”خوشقسمتي پروگرام“ جوڙيو، جنهن ۾ ليڪچرز، سوالناما، انفرادي ۽ گڏيل گڏجاڻيون ۽ تجزيا شامل هئا. ان پروگرام جو مقصد ڪمپني جي ملازمن ۾ اها سوچ پيدا ڪرڻ هو ته هو خوشقسمت ماڻهن وانگر سوچين ۽ اهڙي ئي عملن جو مظاهرو به ڪن.
    ” اهو ڪاروبار ۾ حوصله افزائي جي روائتي طريقن کان ڪافي مختلف هو“. وائزمين وضاحت ڪئي.” ان جو گهڻو واسطو ان سان آهي ته پنهنجي ذهن کي پريشانين کان آجو ڪري سوچ ۾ لچڪ پيدا ڪئي وڃي ۽ ڪشاده ذهن سان نوان موقعا تلاش ڪيا وڃن“.
    پنجن مهينن کان پوءِ ان ڪمپني جي 54 سيڪڙو ملازمن جو خيال هو ته انهن جي انفرادي خوشقسمتي ۾ واڌارو آيو آهي، 75 سيڪڙو جو چوڻ هو ته ڪمپني جي خوشنصيبي وڌي وئي آهي. بهرحال خيالن کان هٽي جيڪا اهم ڳالهه ثابت ٿي اها هي هئي ته ڪمپني جي آمدني ۾ به ايوريج 20 سيڪڙو جو اضافو ٿي ويو جڏهن ته ان دوران ڪمپني پنهنجي ٽي ساله دور ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ڪيو، ڇا اڃان به اسان ”ڀاڳ وارن“ واپارين جي واقعن کي ڪتابي ڳالهيون چئي رد ڪري سگهون ٿا؟؟؟
    اجائي گهوڙا گهوڙا
    الله واحد شاهد آهي ته اهڙا ڪافي ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي سڀ ڪجهه هوندي به پنهنجي ڀاڳن تي لعنتاڻو وجهندا رهندا آهن هالنڪه انهن کي الله هر نعمت سان نوازيو آهي، ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي پاڻ کي پيدائشي خوشنصيب سمجهندا آهن. پر پوئين مڙني مثالن وانگر اهڙي ڪنهن شيءَ جو وجود ناهي. وائز مين موجب ڀاڳ وارن ۽ نڀاڳن ۾ واحد فرق انهن جي ذاتي سوچ يعني نفسيات جو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان جي مزاج تي اسان جو جين (Genes) ڪواثر وجهي ٿو ته اسان ڪنهن پيدائشي سڀاڳو يا نڀاڳو چئي سگهون ٿا، بي صورت ۾ ان جي ڪائي حقيقت ناهي.
    هن دريافت ڪيو ته سڀاڳا ماڻهو گهڻو ڪري ميل ميلاپ ، رابطا۽ واسطا وڌائيندا آهن، ٻين سان رابطا ۽ واسطا انهن کي روز نون نون موقعن سان ملائين ٿا، هو آرام جي ڀيٽ ۾ ڪنهن سان ملڻ گهڻو پسند ڪندا آهن جهڙوڪ هڪ ماڻهو جي عادت هئي ته هو دعوت تي وڃڻ وقت پنهنجي عادت ٽوڙيندو هو ۽ فيصلو ڪندو هو اڄ آئون فلاڻي رنگ وارن ڪپڙن وارن ماڻهن سان ميل ميلاپ وڌائيندس ڀلي اهي منهنجا سڃاڻون هجن يا نه انهي عادت سان هو جڏهن دعوت ۾ ويندو هو ته نوان نوان ماڻهو دوست ٺاهيندو هو ۽ پنهنجي واسطي وارن جو دائرو وسيع ڪندو ويندو هو.
    سڀاڳا ماڻهو پنهنجي زندگي جي باري ۾ هاڪاري سوچ رکندا آهن، ساڳئي ڳالهه هن طريقي سان به چئي سگهجي ٿي ته اهي آئيندي جي باري ۾ سٺي اميد رکي پاڻ کي سڀاڳو بنائيندا آهن. ان حوالي سان هڪ مشهور تجربو آمريڪا ۾ ڪيو ويواتي جي نفسياتي ماهرن ڪجهه اسڪولن جي استادن ۽ پرنسپالن کي ٻڌايو ته انهن جي اسڪول جا فلاڻا فلاڻا ٻار خصوصي خداداد صلاحتين جا مالڪ آهن ( ج0هن ته انهن ٻارن م اهري ڪابه ڳالهه نه هئي) خصوصي صلاحيتن وارن ٻارن تي استادن خاص توجه ڏيڻ شروع ڪئي ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪرڻ شروع ڪيائون ( جڏهن ته اصل ۾ اهي عام ٻار ئي هئا). نتيجو اهو نڪتو ته انهن ٻارن جي ذهانت، امتحاني نتيجن ۽ ٻين سرگرمين ۾ تمام سٺي تبديلي آئي. ان مطالعي مان ثابت ٿيو ته هاڪاري سوچ ۽ حوصله افزائي اسان کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڏيندي آهي ۽ اسان پاڻ کي خوشنصيب سمجهندا آهيون.
    نڀاڳ مان ڇٽڪارو
    اهو چوڻ غلط هوندو ته سڀاڳن ماڻهن سان ناخوشگوار واقعا پيش ناهن ايندا انهن سان به نڀاڳن ماڻهن وانگر مشڪلاتون پيش اينديون رهنديون آهن، هڪ سروي ۾ وائز مين اهو به ڏٺو ته اوچتن واقعن ۽ مصيبتن ۾ مختلف ماڻهن جو ڪهڙو ردعمل هوندو آهي، حن ڪافي ماڻهن کان پڇيو ته جيڪر اوهان جي هڪ ٽنگ ۾ گولي لڳي وڃي ته اوهان ان ۾ هاڪاري ڳالهه ڪهڙي ڳولهيندا؟
    نڀاڳ جو پِٽڪو ڪندڙ ماڻهن ڌڪ ۾ چيو ته ” ڀلا ان ۾ به ڪا چنڱي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ ٽنگ ۾ گولي لڳڻ کانپوءِ به ڪا هاڪاري ڳالهه ٿي سگهي ٿي ڇا؟“. پر ان جي ابتڙ سڀاڳن ماڻهن جو جواب بلڪل سادو هو.” شڪر آهي ته گولي ٽنگ ۾ لڳي، نه ته اها مٿي ۾ يا ڇاتي ۾ لڳي سگهندي هئي“. وائز مين جي خيال ۾ بظاهر اوچتين تڪليف واري واقعن ۾ به بهتري جو ڪو عنصر هوندو آهي، صرف ان عنصر کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
    نفسياتي ماهر بڻجڻ کان پهرين وائزمين جادوگري جا ڪمال ڏيکاريندو هو، هڪ ڀيرو ائين ٿيو ته وائز مين هالي ووڊ جي ڪنهن ڪلب ۾ شعبده بازي جي مقابلي ۾ شرڪت لاءِ ويو ته ان جو سمورو سامان ڪنهن چوري ڪري ورتو، مايوس ٿي واپس ورڻ بجاءِ هو انهي مهل بازار ويو ۽ تاش جا پتا وٺي آيو ۽ بلڪل نوان شعبدا تيار ڪري ورتا. خبر اٿئو ته ان جو ڪهڙو نتيجو نڪتو؟؟ نتيجو اهو نڪتو ته نوان ڪمال ڏيکارڻ تي ان کي ٻين جادوگرن کان بهتر قرار ڏيئي انعام ڏنو ويو.
    واقعا، سوالناما ۽ سروي ڀلي ڪيترا به هڪ ٻي کان مختلف ڇو نه هجن پر سڀني مان صرف اها ئي ڳالهه ثابت ٿيندي آهي ته نڀاڳ جو پِٽڪو ڪندڙ ۽ ” هاءِ ڙي ڀاڳ“ جون رڙيون ڪرڻ سان تقدير تبديل ناهي ٿيندي، پر تقدير ته بدلائڻ سان بدلجي ٿي، پوءِ اهو اسان تي آهي ته اسان ڪهڙو رستو اختيار ٿا ڪريون.
    [​IMG][/IMG]
    (هڪ سائنسي ميگزين تان ٿوري ڦيرگهير سان ترجمو ڪيل)
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: نڀاڳ ۽ سڀاڳ جي حقيقت

    تمام بهترين مواد موڪليل آهي آءُاميد ٿوڪيان ته ڀاڳ ۽ نڀاڳ جو پٽڪو ڪندڙ هن ڪوشش مان ڪجهه لاڀ وٺي سگهندا۔۔ سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نڀاڳ ۽ سڀاڳ جي حقيقت

    اصل سون ۾ مڙهائڻ جهڙو ونڊ آهي ۔۔۔ هن ونڊ ۾ هر شئي موجود آهي

    آکاڻي به ته سبق به ۔۔۔ صلاح به ته حل به

    واه پرين ملڪاڻي صاحب ، اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ ۔۔۔ ليک جي تعريف انڪري ناهي ڪئي جو هي ليک پنهنجي تعريف پاڻ آهي، جيڪو پڙهندو سو ئي حاصل ڪندو ۔۔۔

    اهڙي ئي حالت لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ ننڍڙي پر پوري معني رکندڙ چوڻي آهي ته؛

    ”پنڌ پيرن کان نه پڄي لک لعنت گوڏن تي“

    ڪيترائي ماڻهون آهن جيڪي پنهنجي سستي، نااهلي ۽ غلطين سبب پيا روئيندا آهن ۽ قسمت کي ويٺا پٽيندا آهن ۔۔۔ جڏهن ته ٽٽونءَ کي ٽارو تازيءَ کي اشارو؛

    الله جو فرمان؛
    ”ان قوم جي حالت تيستائين نٿو بدلايان جيستائن اها قوم پنهنجي حالت پاڻ نٿي بدلائي“

    لک قرب
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: نڀاڳ ۽ سڀاڳ جي حقيقت

    تمام بهترين مواد موڪليل آهي
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: نڀاڳ ۽ سڀاڳ جي حقيقت

    ادا يونس ملڪاڻي صاحب۔ماشاالله هڪ بهترين ليک جيڪو انهن ماڻهن جي لاء جيڪي هميشه پنهنجي قسمت تي شاڪي هوندا آهن ،جي لاء مثال راه آهي۔هن ليک جي جيڏي تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي۔تواهان جون محنتون ساهرائڻ جي قابل آهن۔تواهانجون مهربانيون۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نڀاڳ ۽ سڀاڳ جي حقيقت

    ڀاء يونس جون مهربانيون جنهن هڪ تفصيلي مضمون ونڊ ڪيو آهي۔ مان ادا حفيظ کي صلاح ڏيندس ته هي ليک ضرور پڙهي۔ ڇو ته هن جي سوچ ۽ لفظ ته واهه جو هوندا آهن پر ڪمپوزنگ کان ڪوهين ڏور ڀڄندو آهي۔ جنهنڪري سندس ڄاڻ اسان تائين منتقل ڪانه ٿي ٿئي۔

    ادا يونس جي سڄي مضمون جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته ماڻهو مايوس نه ٿئي ۽ هميشه مثبت سوچ ذهن ۾ رکي ڪم ڪري ته سندس ڪاميابي ٿيندي۔ واقعي ئي ان ۾ حقيقت آهي۔ پر افسوس جو اسان وٽ ڀاڳ ۽ نڀاڳ جي چڪر ۾ معاشرو ڪيترن ئي ماڻهن کي ڌڪاري هن کي وڌيڪ مايوسين ۾ ٿو موڪلي ڇڏي۔

    لک ٿورا پيارا يونس اوهان جو هي مضمون لک لهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيتوڻيڪ ڪالهه به ان کي پڙهندي اڌ ۾ ڇڏيم پر اڄ پورو پڙهي ان تي راء ڏنم
     
  7. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: نڀاڳ ۽ سڀاڳ جي حقيقت

    سليمان سائين ليک پسند ڪرڻ جي مهرباني، حفيظ واقعي ڪمپوزنگ کان ڀڄندڙ آهي پر حقيقت ۾ هن سان ڪجهه مسئلا به آهن جن ۾ اهم مسئلو وقت جو نه هجڻ به آهي، اوهان جي هن ليک بابت را جو انتظار هو، مونکي اندازو آهي ته مضمون ڊگهو آهي سو پڙهڻ ۾ دير لڳندي۔۔۔۔۔۔۔ دير سان سهي پر مضمون پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  8. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: نڀاڳ ۽ سڀاڳ جي حقيقت

    سليمان سائين ليک پسند ڪرڻ جي مهرباني، حفيظ واقعي ڪمپوزنگ کان ڀڄندڙ آهي پر حقيقت ۾ هن سان ڪجهه مسئلا به آهن جن ۾ اهم مسئلو وقت جو نه هجڻ به آهي، اوهان جي هن ليک بابت را جو انتظار هو، مونکي اندازو آهي ته مضمون ڊگهو آهي سو پڙهڻ ۾ دير لڳندي۔۔۔۔۔۔۔ دير سان سهي پر مضمون پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: نڀاڳ ۽ سڀاڳ جي حقيقت

    ادا ناچيز وٽ نه ايڏي ڄاڻ آهي نه وري سوچ يا لفظ۔ بس اوهان دوستن وٽ همت افزائي ڪرڻ لاءِ اهي طريقا آهن۔ پر انشاالله تمام جلد اوهان جي اها شڪايت دور ٿيندي۔
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: نڀاڳ ۽ سڀاڳ جي حقيقت

    هي شايد پهريون ڊگهو موضوع هوندو جيڪو پڙهڻ سان ئي ايترو ته جڪڙي ٿو ڇڏي جو مڪمل ڪري ئي ساهه کڻڻو پيو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو