سنڌ جي وحدانيت کي خطرو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀثو طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2012۔

  1. محمد عيسى ڀثو

    محمد عيسى ڀثو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    گذريل 65 سالن کان سنڌ جا رهواسي پنهنجي ئي سرزمين تي ڄڻ ڌاريا بڻيل آهن جڏهن ته پراون ۽ پنهنجن هٿان ظلم، جبر، تشدد ۽ تزليل جهڙن واقعن سبب سنڌ جا ماڻهو سخت پريشان آهن، استحصالي طبقو سنڌ جي مجموي شعور کي ڪچلڻ لاءِ مختلف قسم جا هٿيار تيز ۽ تکا ڪري انهن جي روزگار ۽ ٻين وسيلن تي قبضو ڪندي سنڌي ماڻهن جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪائي رهيو آهي، سنڌ جي 6 ڪروڙ آبادي ۾ اڌ کان وڌيڪ ڌاريا آباد ڪرائي سنڌي عوام کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌي عوام کي شهرن مان مڪمل نيڪالي ڏيڻ جا مڪروهه منصوبا جوڙيا پيا وڃن. ڪراچي سنڌ جو گاديءَ هنڌ آهي پر سنڌي ماڻهن لاءِ نوگو ايريا بڻايو پيو وڃي ڪراچي سنڌ جو اهو شهر آهي جيڪو دنيا جي ٻين وڏن شهرن مان هڪ آهي جتي ڪروڙين عوام کي مختلف قسم جو روزگار مهيا ٿي رهيو آهي، هتان جي زمين هيرن ۽ جواهرن جيتري اگهه سان وڪامندي رهي ٿي تنهن ڪري هر اها ڌر جيڪو ڏاڍو سو گابو وري چواڻي پنهنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ پنهنجا پير پختا ڪري ڪراچي جي زمينن تي قبضا ڪندي اتان ڪروڙين روپيه ڦٻايا پيا وڃن. ان ڪري ڪراچي شهر ڪيترنئي حصن ۾ ورهايل نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته مخالف پارٽي لاءِ مختلف ايريائون نوگو ايريا بڻيل آهن جتي جنهن جي اڪثريت آهي اهو اتان جو بادشاهه بڻيل آهي. ڪراچي ۾ گذريل 30 سالن کان جيڪا خوني ويڙهه هلي رهي آهي ان جو سبب هن شهر جي مالڪي جي دعويٰ تان آهي، هر سياسي پارٽي ۽ تنظيم ڪراچي ۾ پنهنجو سياسي ۽ مالي حصو گهري رهي آهي جڏهن ته سياسي لحاظ سان هن شهر تي صرف متحده قومي مومينٽ دعويدار بڻيل آهي جنهن جون قومي توڙي صوبائي سيٽون وڌيڪ آهن ان ڪري هو اهو سمجهن ٿا ته هن شهر تي صرف انهن جو ئي حق آهي ۽ شهر اندر جيڪي به مالي حاصلات پيدا ٿين ٿا انهن ۾ صرف متحده ئي اڪيلي حق رکي ٿي پر هن شهر ۾ ٻيون به ڪيتريون سياسي پارٽيون پنهنجو وجود رکن ٿيون جن کي اڄ ڪلهه جي سياسي زبان ۾ اسٽيڪ هولڊر چيو وڃي ٿو. پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، اي اين پي، سني تحريڪ ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جهڙيون سياسي پارٽيون به پهنجو خاصو ووٽ بينڪ رکندڙ آهن جن جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪرڻ بيواجبي آهي.
    تازو سنڌ ۾ جيڪا هڙتال ڪرائي وئي هئي ان جو سبب ڀتا خوري کي روڪڻ هو پر اصل ان پٺيان ٻيا مقصد هئا جنهن کي هرڪو باشعور ماڻهو سمجهي ٿو ته ڀتا خوري ڪير ڪندو آهي. پر ان کان به ٻي ڳالهه خطرناڪ سامهون اچي رهي آهي ته ڪافي عرصي کان سنڌ جي وحدانيت خلاف سازش ٿي رهي آهي جيڪا ڪراچي کي باقي سنڌ کا الڳ صوبو بڻائي ان جي باري ۾ وال چاڪنگ ۽ پوسٽر چپڪايا پيا وڃن، بظاهر ته سنڌ جي ڪابه سياسي پارٽي سامهون اچڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته اه به سڀني خبر آهي ته ان پٺيان به ڪنهن جو هٿ آهي، جيڪا به تنظيم ان سازش جو حصو بڻجي رهي آهي اها يقينن سياسي پارٽي هوندي جنهن جو پوري قوم سان پري پري جو به واسطو نه هوندو جڏهن ته ان ۾ ڪابه اهڙي قوم شامل ناهي جنهن جي اهڙي ڪا خواحش هجي، پر اها واضع ڳالهه آهي ته سياسي پارٽي يا تنظيم اهي الڳ چيز آهن جڏهن ته قوم الڳ چيز آهي. اڄ ڪلهه ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وال چاڪنگ ۽ پوسٽر چپڪايا پيا وڃن جنهن ۾ مهاجر صوبي جي گهر ڪئي پئي وڃي، اسان سمجهون ٿا ته اها سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي درميان نفرت ۽ دشمني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن سان گهرو ويڙهه پيدا ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي رهيو آهي. اهو سچ آهي ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هن صوبي جي ترقي ۽ بهتر مستقبل جا ظامن آهن پر جيڪڏهن اهڙي قسم جون سازشون ڪري سنڌ جي وحدانيت کي نقصان ٿو پهچايو وڃي ته اها هن صوبي جي عوام جي بدقسمتي ليکبي ۽ ٻيو ته ان سازشن ۾ ٻنهي ڌرين جو تمام گهڻونقصان ٿيندو ۽ خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ عوام کي ان سازش مان ڪجهه به به ملندو ويتر اڌ صدي کان هڪ هنڌ گڏ رهڻ وارن جي درميان اڃا ڪشيدگي وڌندي جنهن مان فائدو اڃا ڪا ٽين ڌر وٺندي.
    پيپلزپارٽي سميت سنڌ جا قوم پرست به ان ڳالهه ته متفق آهن ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هن ڌرتي جا اصل وارث آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ ٻيون سموريون پارٽيون ۽ تنظيمون جهڙوڪ سني تحريڪ، جماعت اسلامي ۽ پيپلزپارٽي جن ۾ به وڏو انگ اردو ڳالهائيندڙ عوام جو موجود آهي جڪي اڇو خاصو ووٽ بينڪ رکندڙ آهن اهي ڪڏهن به نه چاهيندا ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ عوام ۾ ڪي ويڇا پيدا ٿين ۽ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري سنڌ کي نقصان پهچايو وڃي. ٻئي پاسي نظر ڊوڙائجي ٿي ته پٺاڻن ۽ پنجابين جو به ڪراچي اندر وڏو انگ موجود آهي جن جا ڪروڙن ۽ اربين روپين جا ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريون ٿيل آهن پر جيڪڏهن ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش ٿئي ته يقينن پٺاڻ ۽ پنجابي به ان ڳالهه تي مڇرجي اٿندا جنهن ڪري اهو نقصان به اردو ڳالهيندڙ عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو اهڙي طرح اسان سمجهون ٿا ته جنهن به پارٽي يا تنظيم پاران اهڙي قسم جي سازش ڪئي ٿي وڃي اهي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جا سڄڻ ناهن تنهن ڪري خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ عوام کي انهن ڌرين سان ڳالهائڻو پوندو ته آئينده اهڙيون قسم جو سازشون ۽ حرڪتون نه ڪن.
    اهڙي صورتحال ڏسي سنڌي ماڻهن ۾ به هاڻي تيزي سان شعور اڀري رهيو آهي ۽ ذهن به تبديل ٿي رهيا آهن، اهڙي مجموعي شعور، سوچ، ٻڌي ۽ طاقت جو مظاهرو بشير خان قريشي جي آزادي مارچ دوران ڏسڻ ۾ آيو، جتي ڪراچي جي ڳتيل آبادي بنس روڊ تي سنڌي عوام جو سمڊ ڇوليون هڻي رهيو هو، بشير خان قريشي پهريون ڀيرو عالمي قوتن کي دعوت ڏيندي انهن جو ڌيان سنڌي عوام جي مظلوميت ڏانهن ڇڪايو ۽ انهن قوتن کي به خبردار ڪيو ته سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. بشير خان قريشي کي ڪراچي اندر ايڏو وڏو ميڙ گڏ ڪرڻ تي مون سميت سنڌ جو هر با شعور ماڻهو ان کي مبارڪ آباد ڏيڻ کان رهي ڪين سگهندو. يقينن سنڌ جو عوام انتهائي باشعور آهي، هو سمجهي ٿو ته هن وقت سنڌ انتهائي مشڪل حالت ۾ آهي ۽ هر طرف کان سنڌ جي وحدانيت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، ڪراچي اندر الاءِ ڪهڙو گروهه اهڙي قسم جون سازشون ڪري رهيو آهي جيڪي ڄاڻي واڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد جون حالتون خراب ڪري سنڌي اردو ڳالهائيندڙ عوام جي درميان نفرت جو نئون ٻج ڇٽي رهيو آهي ۽ اهي پنهنجي مڪروهه ايجنڊا تي عمل ڪندي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ديوارن تي پوسٽرن ۽ وال چاڪنگ ذريعي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪري سنڌي عوام جي غيرت کي للڪاري رهيو آهي، اسمبلي فلور تي جيڪڏهن سنڌ جي وحدانيت خلاف ڪو بل پيش ٿئي ٿو ته اتي صرف رسمي ڳالهيون ڪري پاڻ کي ان سازش کان آجو قرار ڏئي سنڌي ماڻهن جي اکين ۾ سرمو پارائي رهيا آهن جن کي سنڌ جو هر باشعور ماڻهو چڱي طرح سمجهي ٿو، ان ڪري سنڌي قوم پرستن سميت سنڌ جو هر هڏ ڏوکي اڳواڻ ميدان تي نڪري انهن استحصالي قوتن کي خبردار ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي وحدانيت خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻجو. بشير خان قريشي ان ايڏي وڏي مجمي ۾ سنڌ آزاد وطن جا نعرا به بلند ڪرايا جنهن جو آخري ٽارگيٽ سنڌ جي آزادي طرف اشارو هو، خير اهو به سياست جو هڪ حصو آهي پر هوئن به آزادي هر انسان جو بنيادي حق هوندو آهي ۽ هر انسان کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گزارڻ جو پورو اختيار حاصل آهي پر انسان جيئن ته سوشل اينيمل جو درجو رکي ٿو تنهن ڪري هو هڪٻئي سان گڏجي رهڻ تي مجبور آهي ۽ هڪٻئي جي ڏک سک جو ساٿي بڻجي بهتر معاشري کي جنم ڏئي ٿو، پوءِ ان معاشري کي بهتر بڻائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪجهه اصول تيار ڪيا ويا آهن جنهن کي قانون جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ قانون جي پوءِ واري ۽ ان تي عمل ڪرڻ هر ماڻهو تي لازم ٿي وڃي ٿو جيڪو ان معاشري اندر سدائين لاءِ سمايل رهي ٿو پر وري جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان متعين ٿيل اصول جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته ان کي ان متعين ٿيل قانون موجب روڪيو ويندو آهي يا کيس کي سزا ڏني ويندي آهي، ان ننڍڙي معاشري ۾ انهن سمورن ماڻهن جي فلاح بهبود ۽ بهتر زندگي بڻائي معاشري کي گندگي کان پاڪ ۽ صاف سٿرو بڻائڻ جو واحد مقصد هوندو آهي تڏهن معاشري جا فرد ان قانون کي تسليم ڪرڻ لڳندا آهن پر جيڪڏهن رياست جا مقرر ڪيل اصول فقط چند ماڻهن يا طاقتور ڌرين جي طبقي جي خوشحالي لاءِ جڙيل هجن ته پوءِ عوام ان کي ڪڏهن به دل سان قبول ناهي ڪندو پر پوءِ ان کي زبردستي ۽ ڏنڊي جي زور تي عوام کي هيسائي رکيو ويندو آهي ۽ اهو عوام پنهنجي مٿان قابض چند ماڻهن هٿان پيسبو رهي ٿو. ان ۾ وڏا وڏا گهراڻا، سرمائيدار، ۽ داداگير فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ عوام مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائيندا رهندا آهن، اهڙي صورتحال سبب ظلم جو شڪار طبقو قانون جي خلاف جنگ جوٽي پنهنجي زندهه رهڻ جو جواز پيش ڪري ٿو جيڪو هر انسان جي فطرت ۾ شامل آهي. اهڙي اصول تحت بشير خان قريشي به ڪالهه واري جلسي ۾ 23 مارچ 1940ع واري قراردا کي رد ڪندي ان تي مقتدر ۽ قابض ڌرين پاران عمل نه ڪرڻ ۽ ان قرداد جي ڀڃڪڙي ٿيڻ ڪري ان قرارداد کي الوداع ڪيو جنهن ۾ سڀني صوبن کي هڪ جيترا حق ڏيڻ ۽ برابري وارو اصول متعين ٿيل هو.

    حقيقت اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ شروع کان وٺي جيڪو ڏاڍو سو گابو جي چواڻي تي عمل ٿي رهيو آهي، هيڻي ۽ ڪمزورکي سدائين پٺتي رکي ان تي ظلم ۽ ڏاڍ ذريعي ان کي هيسايو ويو آهي پر ان ظلم کي قبول ڪرڻ جو وڏو سبب ظلم کان گهڻي قدر عوام جي ناواقفيت هوندي آهي، ظلم کي سمجهڻ جو شعور ۽ ان خلاف وڙهڻ لاءِ پنهنجي اندر صلاحيتن جو احساس پيدا ٿيڻ ڪري ڪنهن سان به سمجهوتو ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت هوندي آهي. سنڌ جي وحدانيت خلاف جيڪي هن دور ۾ سازشون ٿي رهيون آهن سنڌ جي هر طبقي جي ماڻهو کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي قوم پرست ڌرين سميت وفاق جون سموريون حامي جماعتون به ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌ جي وحدانيت خلاف هر صورت ۾ ان جو دفاع ڪيو ويندو ۽ سنڌي اردو ڳالهائيندڙ عوام جي درميان جيڪا سياسي ڌر يا تنظيم پنهنجي سياسي ۽ مالي مفادن کي حاصل ڪرڻ خاطر اهڙي قسم جي سازش ڪري رهي آهي ان کي هر صورت ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي اهو سڀني جو حوصلو به آهي ته ازم به
    meb_110@yahoo.com
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي وحدانيت کي خطرو

    سائين ڀٽو صاحب لک مهربانيون اوهان سنڌ جي هڪ اهم مسئلي تي تفصيلي ليک لکيو آهي۔ اوهان جا تفصيلي ڪالم اخبارن ۾ به پڙهڻ لاء ملندا آهن۔ پر سوال اهو ٿو اٿي ته انهن سڀني مسئلن جو حل ڪهڙو آهي؟ ۽ هن موقعي تي سنڌي ڇا ڪن ؟ ڪيئن ڪن ۽ ڪنهن جي اڳواڻي ۾ ڪن ؟

    ان تي لکڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي کانسواء ٻيو ڪو به رستو ڪاميابي طرف ڪونه ٿو وڃي۔
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ جي وحدانيت کي خطرو

    سائين ڀٽو صاحب لک مهربانيون اوهان سنڌ جي هڪ اهم مسئلي تي تفصيلي ليک لکيو آهي۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ جي وحدانيت کي خطرو

    [FONT="Traditional Arabic"[COLOR="rgb(0, 191, 255)"]]سنڌ جا سور ڪالهه به ساڳيا اڄ به ساڳيا، پر ڪالهه جي ڀيٽ ۾اڄ جا سور تمام اڻانگها ۽ ڏکيا نظر ٿا اچن، پر اهي پيچيده مسئلا حل ڪرڻ ممڪن آهي، بس ان لاء پاڻ ۾ ٿوري ايڪي ، برداشت  قوت جي ضرورت آهي۔  هميشه سنڌي قوم اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاٻڌي جو ثبوت ڏني آهي۔ [/FONT][/COLOR]
     
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ جي وحدانيت کي خطرو

    سنڌ جا سور ڪالهه به ساڳيا اڄ به ساڳيا، پر ڪالهه جي ڀيٽ ۾اڄ جا سور تمام اڻانگها ۽ ڏکيا نظر ٿا اچن، پر اهي پيچيده مسئلا حل ڪرڻ ممڪن آهي، بس ان لاء پاڻ ۾ ٿوري ايڪي ، برداشت  قوت جي ضرورت آهي۔  هميشه سنڌي قوم اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاٻڌي جو ثبوت ڏني آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو