• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪڏهن ڪڏهن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ رنجيت
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

رنجيت

سينيئر رڪن
حق موجود۔۔۔

ڪجهه ڏينهن ڪافي عرصي کان پو شاعري جي ميدان ۾ هٿ صاف ڪيو آهي۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن توهان جي اڳيان اهڙا ئي ڪجهه واقعا اچي ويندا آهن جو دل شاعري جو سهارو وٺي ڪڏهن قلم ته ڪڏهن زبان تي اچي ويندي آهي۔۔ همراهه سمجهڻ جهڙو هوندو ته شاعري جي هڪ سٽ سان ئي سمجهي ويندو جي نه ته پو ”پنا پڙهي پڙهندين ڪيترا“ وارو حساب ڪتاب هوندو۔۔۔
خيئر توهان جو وڌيڪ وقت نه وٺندي مان سنگت جي اڳيان پيش ٿو ڪريان پنهنجي شاعري۔۔۔۔
ڪنهن شخص مونکان پڇيو هيو ته ڀائو تون شاعري ڇو ڪندو آهين؟؟ هي ان همراهه جي ان ڳالهه تي تخليق ٿي آهي۔۔۔ اميد ته سنگت کي پسند ايندي۔۔۔
مهرباني ادا وڏا سائين نثار ابڙو صاحب۔۔۔
t7zj44.jpg
 
جواب: ڪڏهن ڪڏهن

تون پاڻ کي چنڊ سمجهي يا ان جي آخر ۾ و شامل ڪرين۔۔۔ يا پاڻ کي مولائي۔۔ سمجهين۔۔۔
پر مون کي ۽ دنيا کي پنهنجي حرڪتن سان نه عاشق ۽ نه وري ڪو سياڻو ٿو لڳين۔۔۔
وڏا تنهنجي شاعري ۾ موجود جذبن کي سٺي نظر سان نه ٿو ڏٺو وڃي جو دنيا اهڙي ماڻهون کي چريو ئي سمجهندي آهي۔۔۔
خير واندي ويهڻ کان ڪجهه ڪرڻ بهتر آ ڀلي پوءِ اها شاعري ڇونه هجي ۽ شاعري به اهڙي جنهنجو نه سر هجي ۽ نه وري تال يعني عرفِ عام ۾ آزاد شاعري۔۔۔
 
جواب: ڪڏهن ڪڏهن

خيئر گهُرو سائين۔۔۔۔ مُنهنجي آزاد نظم آهي ئي اهڙي جنهن تائين پهچائڻي هئي ان کي پڙهڻ جي واندڪائي ڪونهي۔۔۔
جنهن کي ٻڌائڻي هئي اهو ٻڌڻ لا تيار ڪونهي۔۔۔ جنهن کي سمجهائڻي هئي اهو جڪارتا ويو آهي۔۔۔۔ پو هاڻي اها ڪرمن ڪٽيل شاعري ۽ مان هڪ ٻئي سان ساٿ ڏينداسين۔۔۔
 
جواب: ڪڏهن ڪڏهن

ڇو جو تون چنڊ جيئان لڳندو آن ۔۔۔۔۔۔۔

مولائي رنجيت عرف پپو يار لڳي ٿو اسان وانگر اوهان جي به ڪم لٿا پيا آهن جو شاعريء ڏانهن مائل ٿيا آهيو۔ ابا مولائي ايئن نه ڪر ۽ سنڌ سلامت تي وڊيو ايڊيٽنگ وارو ڇڏيل ڪم اڳتي وڌاء۔ اسان توسان انڪري پيار ٿا ڪيون جو تون سنڌ سلامت جو پپو آهين ۔

خير توهان جو نظم وڻيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه واهه
 
Back
Top