سينڊ ٽو مينيو ۾ فولڊر ٺاهيو

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ونڊو ايڪس پي ۾ جڏهن ڪنهن فائيل تي رائيٽ ڪلڪ ڪبو آهي توهان ان فائيل جي شارٽ ڪٽ مينيو ۾ ويندا هليا آهيو. هتي موجود آپشنن مان هڪ آپشن ”سينڊ ٽو“ جو به هوندو آهي جنهن ذريعي اوهان ان فائيل کي اي ميل ڪري سگهو ٿا، ڊيسڪ ٽاپ تي ان جي ڪاپي ٺاهي سگهو ٿا، يا وري ان کي يو ايس بي يا ميموري ڪارڊ ۾ نقل ڪري سگهو ٿا وغيره وغيره. پر جيڪر اوهان چاهيو ته Send To مينيو ۾ هارڊ ڊسڪ جي ڪنهن به جاءِ تي موجود فولڊر جو نالو به شامل ڪري سگهو ٿا، ته جيئين ان ۾ فائيل ڪاپي ڪري سگهجي.
    [​IMG][/IMG]
    مثال جي طور تي اوهان جي هارڊ ڊسڪ ۾ مختلف جاين تي ڪجهه تصويرون موجود آهن جيڪي اوهان هڪ جاءِ تي رکڻ چاهيو ٿا، عام طور تي اوهان ائين ڪرڻ لاءِ ٻه ونڊوز ايڪسپلورر کولي رکندا آهيو ۽ پوءِ هڪ ايڪسپلورر مان تصويرون ڪاپي ڪري ٻي ايڪسپلورر ۾ رکندا ويندا آهيو، پر هاڻي اوهان سينڊ ٽو مينيو ذريعي تصويرن کي اوهان جي چونڊيل فولڊر ۾ محفوظ ڪري سگهوٿا.
    پهريان مائي ڪمپيوٽر ۾ وڃي ٽولز مينيو تي ڪلڪ ڪري فولڊر آپشن تي وڃو ۽ اتي ويو جي ٽيب تي ڪلڪ ڪري شو هڊن فولڊرس اينڊ فائلز تي چيڪ هڻو ۽ اوڪي ڪريوس.
    [​IMG][/IMG]
    هاڻي ٻيهر مائي ڪمپيوٽر ۾ وڃي C ڊرائيو يا ان ڊرائيو ۾ جتي اوهان آپريٽنگ سسٽم انسٽال ڪيو هجي اهو ڊرائيو کوليو ۽ ان م ڊاڪيومينٽس اينڊ سيٽنگز تي ڊبل ڪلڪ ڪري پنهنجي اڪائونت (Administrator) تي ڊبل ڪلڪ ڪريو ۽ سينڊ ٽو فولڊر کوليو.
    [​IMG]
    هتي فائيل مينيو تي ڪلڪ ڪري NEW تي ڪلڪ ڪريو ۽ پور شارٽ ڪٽ تي ڪلڪ ڪريو.
    [​IMG][/IMG]
    ائين ڪرڻ سان اسڪرين تي Create Shortcut وزرڊ ايندو جتي اوهان برائوزر جي بٽن تي ڪلڪ ڪريو.
    [​IMG][/IMG]
    هتي اوهان کي جنهن فولڊر کي سينڊ ٽو مينيو ۾ شامل ڪرڻو آهي ان تي ڪلڪ ڪريو جيئين اسان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام کي شامل ڪيو آهي. هاڻي نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪري فنش تي ڪلڪ ڪريو.
    [​IMG][/IMG]
    اوهان جنهن به فائيل تي رائيٽ ڪلڪ ڪري سينڊ ٽو مينيو ۾ ويندا ته اوهان جو شامل ڪيل فولڊر به موجود هوندو.
    [​IMG][/IMG]
     
  2. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    جواب: سينڊ ٽو مينيو ۾ فولڊر ٺاهيو

    بهترين ونڊ آهي سائين
     
  3. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    تمام بهترين ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو