جنهن ڏينهن ايوب خان مارشل لا لاگو ڪيو هو تڏهن آئون 5 ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ۽ پنهنجي ٻنيءَ مان (انگريزن واهون ٺاهي پنجاب جي علائقي ۾ جيڪا الاٽمنٽ ڪئي هو ايڪڙن ۾ هئي، هنن الاٽ ٿيل زمينن جي ويڪر ۽ ڊيگهه پنج ايڪڙ هوندي هئي) ڍڳو ڪاهي آيو هوس، چپو ڍڳو (سڌي سڱن واري ڏاند کي چپو چئبو آهي) معني ساڄي هٿ ڏانهن هوندو هو جنهن کي ڊوڙائڻ جو مونکي سدائين شوق هو. جونا (يونس مسيح) به گڏ هو، هو اسانجو چاڪر هو، اسر کان عشاء جي نماز کانپوءِ به الاهي دير تائين اسانجي ملازمت ڪندو هو. ان ڪري کيس سال ۾ ٽيهه مڻ ڪڻڪ، روزانو ماني، ٻه وڳا ۽ هڪ جُتي ملندي هئي. تڏهن ڳوٺ ۾ هي بهترين نوڪري هئي. هارين ۽ ڪڙمين جي زندگي آسان هئي. منهنجي وڏي ڀاءُ غفور ۽ ڀيڻ مجيدن جي شادي هئي ۽ شهر ساهيوال کان اسپيڪر (گراموفون ۽ لائوڊ اسپيڪر کي اسپيڪر ئي چئبو هو) گهرايو هو جنهن تي ٽن ڏينهن تائين گانا هلندا رهيا. زبيده خانم، شمشاد بيگم ۽ رفيع جي گانن اسانجي ڳوٺاڻي دماغن تي جادو ڪري ڇڏيو هو. ڳوٺ ۾ اڃان تائين ريڊيو ڪونه آيو هو ۽ اسانجي ڳوٺ ۾ ٻي شادي هئي جنهن ۾ لائوڊ اسپيڪر استعمال ڪيو ويو هو ان ڪري ماڻهون حيران هئا. منهنجي دل چوندي هئي ته رفيع جو انو ”گذرا هوا زمانه آتا نهين دوباره، حافظ خدا تمهارا“ بار بار هلندو رهي، خبر ناهي ته ايتري ننڍي دل ۾ ڪهڙو گذريل زمانو هو جيڪو رفيع جي آواز سان زنده ٿي رهيو هو. ڳوٺ ۾ ايوب خان جي مارشل لاءِ جي ڪنهن کي به خبر نه هئي هر ڪو پنهنجي مستي ۾ مگن هو. بس مونکي ايترو ياد آهي جو ماڻهون ڏاڍا شوقين هئا. سڀنيءَ جو خيال هو ته هاڻي سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو. دُڪاندار گهٽ نه توريندو ۽ ماڻهن کي نه ڦرندو. پوءِ اها خبر پئي جو ڪجهه ڏينهن تائين دُڪاندارن ۽ واپارين ۾ ڊپ رهيو ۽ هو بلڪل تير وانگر سڌا هلندا رهيا. پوءِ هوريان هوريان ٻيهر پنهنجي هلت هلڻ شروع ڪيائون. جڏهن ايوب خان جو زمانو شروع ٿيو ته پاڪستان جي قيام کي اڃان يارهن سال ٿيا هئا، اڃان زندگي مون وانگر گاڏي تي ويهي لُڙهي رهي هئي. تعليم يافته طبقن ۽ هندو، سک برباد ٿي ڪري هندستان لڏپلاڻ ڪري ويا هئا، پاڪستان ۾ هاري، پورهيت، جاگيردار ۽ ننڍا وڏا ڪاريگر رهجي ويا. شهرن جا ننڍا وڏا ماڻهون هندن ۽ سکن جي ملڪيتن تي قبضو ڪري نوان نوان امير بڻجي ويا هئا. پاڪستاني عوام جو وڏو انگ ڳوٺاڻو هو ۽ اسڪولن جي تعليم کان محروم هو. ايترا گهٽ تعليم يافته ماڻهون هئا جو مڊل اسڪول پاس ڪندڙ ڇوڪري جي گهر نوڪري جو آڊر پهچي ويندو هو. ان ڪري اها چوڻي مشهور هئي ته: گهڻو ڪجهه کٽڻ ويو پر کٽي آندو ڦيٿو تنهنجو منهنجو ٺاهه ناهي تو مڊل پاس نه ڪيو انگريزن جي غلامي کان آجپو حاصل ڪندڙ پڙهائي کان محروم ماڻهن ۾ جمهوريت جي سُرت نه هئي ۽ ڪيئن هجي ها. بلڪ منهنجي پيءُ جي نسل انگريزن جي تعريف ڪندي هئي. شروع ۾ مونکي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي جڏهن اسانجا بزرگ انگريزن جي تعريف ڪندا هئا. پر بعد ۾ جڏهن تاريخ پڙهيس ته خبر پئي جو عام هاري يا پورهيت لاءِ انگريز جي حڪومت جنت هئي، جٿي هو سال ۾ ٻه ڀيرا ڍل ادا ڪندو هو حڪومت سندس جان ۽ مال جي حفاظت جي ضمانت ڏيندي هئي. هن کان اڳ سک راج هجي يا مغلن جو، هارين تي هر وقت مصيبت جا بادل رهندا هئا، پر افغان ڦورو به ڌار هئا جن جي ڦرمار کي ڏسي اهو شعر تيار ڪيو ويو.کاڌو پيتو لاهي هو، باقي احمد شاهي هو. ان ڪري عام هارين جي دلين ۾ انگريزن جي عزت سمجهه ايندي هئي. هن سان اها خبر پڻ پئجي ٿي ته عام ماڻهون پنهنجي ماني ٽڪر ۽ جان مال جي حفاظت سان ئي حڪمرانن جي پرک ڪندو آهي. ايوب خان جي مارشل لا لاگو ٿيڻ کانپوءِ به ماڻهن کي محسوس ٿيندو هو ته انگريز حڪومت جهڙي قانون جي راج جو زمانو آيو آهي. هندستان جي ابتڙ پاڪستان ۾ درمياني طبقي جو هو ماڻهون ڪونه ڄائو هو جيڪو مارشل لا ۽ جمهوريت ۾ فرق ڪندي سياسي نظام جي هلت جي معاشري سان جوڙي ڏسي سگهي. اهڙي طبقي جي وجود جا اهڃاڻ تڏهن مليا جڏهن محترمه فاطمه جناح ايوب خان جي خلاف اليڪشن وڙهيو هو ۽ درمياني طبقي پهرين دفعي هڪ اهم رول ادا ڪيو هو. پر ايوب خان جي دور ۾ تعليم گهٽ هئي، هو زمانو ڪافي اُداس به هو. پاڻ ۾ گم ٿيل ماڻهن جو زمانو. ڳوٺ ۾ اهڙا ڪيترا ئي ”ديوداس“ ۽ ناڪام عاشق هئا جن جو چوڻ هو ته اسين عشق جي ٽي بي جا شڪار ٿي چُڪا آهيون! عام طور تي ماڻهن جي پناهه لاءِ يوپي جي نوابن جي محلن ۽ هنن محلن جي اندر پيدا ٿيندڙ سازشن تي اي آر خاتون ۽ اهڙي ڪيترين ئي عورتن جا ناول هئا يا وري نسيم حجازي جي مهاجدن ۽ غازين جا خيالي قصا جن ۾ اسلامي مجاهد گهوڙي تي چڙهي هڪ هٿ ۾ ترار ٻي پاسي خوبصورت حسينائون ويهاري اندلس فتح ڪندا هئا. معني پاڪستان، خص طور تي پنجاب جي هاري معاشري ۾ يوپي جي ڪلچر جا ڀرپور ٽيڪا لڳندا رهيا هئا ۽ هن سان گڏ جهاد جو رجحان وڌي رهيو هو. معني جيڪو خال هندو سک دانشورن ڇڏي ويا هئا هن کي يو پي جي ڪلچر ۽ خيالي جهادي تحريرن ڀريو.هن دور ۾ پنجابي فلمون الاهي ڪاروبار ڪري رهيون هيون پر هر فلم ۾ شهر جي ڇوڪري ۽ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي عشق جو قصو هوندو هو. شايد هي اشارو هو ته ڪيئن ڳوٺن ۾ شهرن جو رومانس وڌي رهيو آهي، يا نئين نئين شهرين ۾ ڳوٺ جي سڪ ختم ڪونه ٿي هئي. انڪري شايد هن وقت جا شهري ماڻهون به اڌ ڳوٺاڻا هئا. شهرن جي سواري به ٽانگو ۽ ريڙهو هئي ۽ لاهور شهر ۾ روڊن تي عام طور تي مينهون گهمنديون هيون. پر پنجابي فلم انڊسٽري ۾ اهڙيون فلمون مشهور هيون جيڪي جاگيرداري کي ڌڪ رسائينديون هيون. اردو فلم ته شهزادن ۽ نوابن جي حقيقت کان محروم زندگي جي ڪهاڻين ۽ خوابن جي جهان ۾ گم ڪري ڇڏينديون هيون پر جاگيرداري جي خلاف پنجابي فلمن ماڻهن کي سڄاڳ ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها ڳالهه ستر جي ڏهاڪي ۾ عام طور تي تسليم ڪئي ويندي هئي ۽ شايد ان ڪري ڀٽي ۽ ڪوثر نيازي جي سنسر بورڊ اچي ڪري جاگيردارن جي خلاف فلمن تي پابندي لاگو ڪري ڇڏي. پر جيئن جيئن ماڻهن ۾ تعليم ۽ شعور عام ٿيو، اشاعت سان گڏ ڪتابون، مئگزين ۽ اخبارن جو انگ وڌيو ته پنجاب ڪلچر کي ٽوڙي ڇڏيو. هير وارث شاهه، سهڻي مهينوال ۽ سسي پنون پڙهندڙ گهٽجي ويا. پنجاب کي هن وقت ۾ جيڪا معاشرتي يا ڪلچرل مار پئي هن پنجاب جي بُنيادي سوچ جي سمت جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي. پنجاب کي پنهنجي ڪلچر ۽ ادب کان اوپرو ٿيڻ سبب جيڪو ڌڪ رسيو اڳتي هلي هن جا بُرا نتيجا نڪتا. ذاتي سطح تي هن اوپري پن کي آئون راڳي ڇوڪري جو وارو، راڳي ڇوڪري کي ڇڙهندڙ چڪر ۽ راڳي ڇوڪري کان مداري جي عنوان هيٺ توهان سان شيئر ڪري چُڪو آهيان. عام طور تي نئون پنجابي شاگرد ماڻهون گم ٿيل هو ۽ هاڻي به گم ٿيل آهي. سندس ڪلچر جي سوچ گم ٿي رهي هئي ۽ هن وقت تائين هن کي معاشرتي ۽ سياسي هوش نه آئي هئي. ايوب خان جي بي ڊي (Basic Democracies) چونڊون هجن، صوبائي ۽ قومي ممبرن جون يا صدر جو چونڊ هجي عام طور تي انگريزي جي دور جا چوڌري ۽ ميمبر ئي اڳتي رهندا هئا. جڏهن ته ڪجهه سياستدانن تي ايبڊو جي ذريعي پابندي لاگو ڳئي وئي هئي پر سياست انگريز راج جي سياستدانن يج هٿن ۾ هئي جيئن اسانجي علائقي ۾ ميان عبدالحق انگريزن جي وقت کان اسيمبلي جو ميمبر بڻجندو رهيو هو. اڃان نئين نسل ايتري قابل نه هئي جو هو پراڻي سياسي ڍانچي سان ٽڪرائجي سگهي. 1965ع ۾ جڏهن فاطمه جناح ايوب خان جي خلاف صدارتي اليڪشن وڙهي ته منهنجي ۽ پاڪستان جي عمر 18 سال هئي ۽ لڳ ڀڳ 47 جي ويجهو ڄاول نسل بالغ ٿي رهي هئي. آئون گورنمنٽ ڪاليج منٽگمري جي پهرين سال ۾ هوس، مجيب الرحمان شامي ڪاليج جو صدر هو ۽ مونکي ياد آهي هن شهر ۾ فاطمه جناح جي حق ۾ مولانا مودودي جو جلسو منعقد ڪرايو هو. فاطمه جناح کي هنن چونڊن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. ظاهر ڳالهه آهي ته هن اليڪشن ۾ ايوب خان صاحب کي ئي ڪامياب ٿيڻو هو. بي ڊي ميمبرن ووٽ ڏيڻو هو ۽ هن لاءِ علائقن جا تپيدار، تحصيلدار، ٿاڻيدار ڪافي هئا. گهٽ ۾ گهٽ پنجاب ۽ سنڌ ۾. شايد ڪراچي ۽ اوڀر پاڪستان ۾ فاطمه جناح ڪاميابي ماڻي هئي پر پنجاب ۾ انگريزن جي پاليسي سياسي چونڊن جي مهل حڪمران جي خلاف ڪونه وڃي سگهندي هئي. پر هن اليڪشن ۾ اها ڳالهه واضع ٿئي جو تعليم يافته ۽ دانشور ماڻهون ڪاليج ۽ اسڪولن جا ڇوڪرا فاطمه جناح سان گڏ هئا. هي اهڙو دور جو جڏهن 68 جي عوامي لهر اُڀري. پوءِ 1965ع ۾ ايوب خان جڏهن مقبوضه ڪشمير ۾ گوريلا اُماڻيا ته اسين هن اسٽيشن کي ريڊيو تي ڳولندا هئا سين جيڪو جعلي فوج جي پگهار وٺندڙ مجاهدن سميت ڪشمير ۾ ڪنهن هنڌ هليو ويو هو. ٿي سگهي ٿو ته هو ريڊيو چينل پاڪستان جي ڪنهن ڪنڍ ڪڙڇ مان هلي رهيو هجي. هن وقت تائين اسانجي گهر ۾ ريڊيو اچي ويو هو جيڪو آئون پنهنجي مڊل جي اسڪالر شپ ۾ مليل پئسن سان پاڻ شهر وڃي ڪري خريد ڪيو هو ۽ هن سان گڏ هينڊ واچ پڻ ورتي هئي. جمع جي ڏينهن قواليون ٻڌڻ لاءِ والد صاحب ريڊيو تي قبضو ڪندا هئا ۽ باقي ڏينهن ۾ ريڊيو اسان وٽ رهندو هو. خير سان ريڊيو تي جيڪو به ٻُڌندا هئا سين پر مونکي ايترو ضرور ياد آهي ته اسين سڀ دل ۾ دعائون گهرندا هئا سين ۽ هن سان گڏ اسانجي خواهش هئي ته ڪشمير فتح ٿئي. اسانکي ريڊيو جي تراني تي يقين هو. ”مهاراج اها راند ترار جي آهي، ويڙهه عورتن جي راند نه هوندي آهي“ ۽ اسانکي يقين هو ته لالا ويڙهه ڪونه وڙهي سگهندا. اسانکي ڪيترن ئي ورهين کانپوءِ معلوم ٿيو ته ٻي جنگ عظيم ۾ جنگ جا وڌيڪ تمغا هندن ۽ سکن کي مليا هئا. اهڙي طرح نور جهان جا ترانا به ماڻهن کي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار ڪرڻ جا جتن ڪندا هئا. ايتري سهڻي عورت جڏهن چئي رهي هجي ته ”اي وطن ڪي سجيلي جوانو، ميري نغمي تمهاري لئي هين“ ته ڪير ”سهڻو نوجوان نه ٿيڻ چاهيندو؟ نور جهان جو اهو گانو به سپر هٽ ثابت ٿيو هو ”ميريا ڍول سپاهيا تينون رب ديان رکان“. جڏهن جنگ ختم ٿئي ته اسانجي ڳوٺ جو ڇوڪرو سرور سيالڪوٽ واري محاذ کان واپس موٽي آيو ته هڪ ڏينهن آئون هن کان پڇيو ته توهان تي نور جهان جي تراني جو ڇا اثر ٿيندو هو ته هن چيو اسين سپاهي هن تراني کي وڳاڙي ائين ڳائيندا هئا سين ته ”منهنجا ڍول سپاهي توکي اڳتي ڌڪندس“. سرور سادي ڳالهه سان هن منافقت کان پردو لاهي ڇڏيو هو جيڪو اڄ تائين پاڪستان جي فوج ۽ ملا شاهي ڪونه لاهي سگهي. هو اڃان تائين مسلمان مجاهدن جي باري چئي رهيا آهن ته هو ڪڏهن ڪافر کان هاري نٿا سگهن، هو اڃان به سمجهن ٿا ته لالا ڪيئن وڙهي سگهنا. هو ماڻهن تائين هي ڳالهيون پهچڻ ڪونه ڏيندا آهن ته اسين ٽي جنگون هارائي چُڪا آهيون. 65ع جي جنگ جي شروعات ۾ ته مجاهد هوس پر هڪ ڏينهن دل ۾ خيال آيو ته سکن يا هندن جي گهر ڄاول منهنجو هم عمر گورداسپور يا جالنڌر ۾ ويهي ايتري ئي يقين سان پنهنجي فوج باري سوچي رهيو هوندو. هن سان منهنجي دل ۾ جنگ باري گهڙا شڪ پيدا ٿي رهيا هئا ۽ هن ڏينهن کانپوءِ آئون ڪڏهن به ڪنهن جنگ جي همايت ڪونه ڪري سگهيس. هي شڪ مذهب جي نالي تي رتوڇاڻ ڪندڙن جي باري به هئا. مون جهڙا لکين نوجوان هوندا جيڪي هن وقت ساڳيون ڳالهيون سوچي رهيا هوندا. ان ڪري 65ع جي جنگ کانپوءِ ايوب خان جي دور جو خاتمو ڪرڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي وئي ۽ مون جهڙا ڇوڪرا ئي 67 کان 69 تائين ايوب خان جي خلاف روڊن تي نڪري آيا.۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڊاڪٽر منظور اعجاز۔ بشڪريه ويچار
جواب: جڏهن دنيا گاڏي جي هلت هلندي هئي جيستائين آخر ۾ هن سٽ تي نه پهتس عجيب پي لڳو ته ممتاز علي وگهيو صاحب عمر جي حساب سان ته ننڍا نظر ٿا اچن پر ڳالهه ايوبي مارشل لا جي پيا ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهرحال انتهائي معلوماتي ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيل تحرير ونڊ ڪئي اٿئو۔۔ زبردست
جواب: جڏهن دنيا گاڏي جي هلت هلندي هئي جنگ ڪهڙي به قسم جي هجي اها تباهي ضرور آڻيندي آهي۔تمام سهڻي تحرير، بهترين شيئرنگ