هي پنجن منٽن جي وڊيو توهان کي مستقبل جو سير ڪرائيندي.... ڏسو ته ٽيڪنالاجي جو سفر ڪهڙو نه تيز رفتاري سان اڳتي وڌي رهيو آهي.... هڪ فليش تي ڪم ڪندڙ جيالي سن 2019 جي منظر ڪشي ڪجهه هن طرح ڪئي آهي... ٽيڪنالاجي ايندڙ وقت ۾ ڪهڙي طرح اسان کي آسانيون ڏيندي ... اها ڳالهه هن وڊيو ۾ صاف ڏيکاريل آهي... هن وڊيو کي ڏسي توهان جا ڪهڙا احساس آهن آگاه ڪجو... http://www.youtube.com/watch?v=RvtxupQmRSA ڪير ٿو چوي ته دنيا 2014 ۾ ختم ٿي ويندي
يار اهڙي ماڻهن کي جيالا نه چوندو ڪر ”اسان جي جيالن “ ۾ اها ٿوم ئي ڪانهي، هتي جا جيالا، رڳون يتيمن ۽ مسڪينن جا مال پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ استعمال پيا ڪن۔ باقي جادوگر واقعي اڄ ته دل جي گهرائين سان مڃي وياسين ته تُنهنجي سنگت مطلب دوستي بابا واقعي دنيا جي ڏاهن جادوگرن سان آهي۔ جو ايڏو شاندار دنيا جو آئيندو اسان سنڌ سلامت جي ساٿين سان ونڊ ڪيو اٿئي۔ ان مان اها ڳالهه پڻ ثابت پئي ٿئي ته انسان صرف انسان کي خوش رکڻ جا جتن پيو ڪري ۽ پنهنجي پازيٽو سوچ سان دنيا مان اهنج ۽ ايذاءُ جا ڪنڊا دور ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري۔ پر وري پازيٽو جو بگڙيل ننڍو ڀاءُ نگيٽو، بازيٽو جي واڌو سوچ کي ڪاٽو ماپن ۾ آڻي هن خوبصورت دنيا کي تاراج ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي۔ شال اسان جي سنڌ سلامت رهي پوري خوبصورت دنيا سان گڏ۔ اهڙو خوبصورت وڊيو ونڊ ڪرڻ تي مون پاران کوڙ ساريون واڌايون توهان لاءِ۔ مهرباني مٺا۔