فيسبوڪ جي عجيب دنيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !!!!!!
محمد سليمان وساڻ
فيسبوڪ جي دنيا به هاڻي ڪجهه عجيب ۽ غريب لڳڻ لڳي آهي۔ يا وري شايد اسان کي هاڻي عقل آيو آهي، خاص ڪري ان ڏينهن کان جڏهن کان چاچو ڪريم مٿي ۾ لڳو آهي۔ روز سمجهاء ته به وري پڇندو ته تصوير ڪيئن لڳائجي ؟ اڃان اهو سمجهائيندس ئي مس ته وري چوندو ته ڀلا منهنجي ڪالهوڪي تصوير ڪٿي پئي آهي۔ هاڻي ڏيو منهن اهو به مونکي ٻڌائڻو پوندو ۔۔۔۔۔۔ خبر پوندي ته اڳيون نور به چٽ لڳو پيو اٿس۔ پر پوء به اها ڳالهه سمجهي ٿو ته جي سنڌ بچائڻي آهي ته جديد علمن کي سکڻو پوندو.
فيسبوڪ تي ڪجهه ماڻهن ته وري لائيڪ واري بٽڻ کي ڄڻ ته ڊفالٽ طور رکي ڇڏيو آهي۔ جي لکبو ته اڄ خوش آهيان ته لائيڪ ڪندا، جي لکبو ته اڄ پگهار ملي ته به لائيڪ، جي لکبو اڄ ماسي بيمار آهي ته به لائيڪ، جي لکبو چاچو گذاري ويو ته به لائيڪ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاڻي ڏيو مُنهن۔ اسان جو دوست علي علي ۽ چاچو ڪريم به اهڙن ئي فيسبوڪ استعمال ڪندڙن مان آهن۔ مان ته سندن نالو ئي مسٽر لائيڪ رکيو آهي۔
هڪ ٻيو آزار ته اڄ ڪلهه گهڻا دوست بغير تصوير لڳائڻ جي پروفائل پيا ٺاهين۔ سندن ڳالهين مان لڳندو ته ته ڪو 20 سالن جو جوان آهي ۽ پروفائل ۾ عمر به لڪايل هوندن۔ پر جڏهن انهن سان ملبو ته خبر پوندي ته سندن ٻٽيهي ئي ڀڳل آهي ۽ لٺ جي سهاري پيا گهمن ڦرن، اهڙو هڪ مثال چاچي ڪريم جو به آهي۔ چاچي ڪريم پنهنجي پروفائل تي انٽر جي دور واري تصوير لڳائي هئي ۽ ڇوڪريون ۽ ڪجهه شوقينڙا سندس پويان پئجي ويا پر جڏهن جهوني جي اصلي تصوير مون لڳائي کيس ٽيگ ڪئي ته فرينڊس لسٽ ۾ مون سميت ڪي باقي ٻه ٽي وڃي بچيس۔
هڪڙا اهي به آهن جيڪي روز پيا پنهنجا نالا تبديل ڪندا ۽ مون جهڙا پريشان ته هي نوان ماڻهو اسان جي دوستن جي لسٽ ۾ ڪٿان اچي ويا. هڪڙا اهي به آهن جيڪي پنهنجي تصويرن بجاء عجيب ، غريب ۽ خوفائتيون تصويرون لڳائي پيا ٻارن سان گڏ مون جهڙن ڪمزور دل ماڻهن کي به ڊيڄاريندا.
وري هڪڙا اهي آهن جيڪي ڇوڪرين جون آء ڊيز ٺاهي ويٺا پاڻ کي ۽ اسان جهڙن کي به بيوقوف بڻائين۔ ڪي ته ويچارا اهڙا به آهن جيڪي اُٿن ته به اسٽيٽس اپڊيٽ ڪن ته صبح جو سلام پوء ڀلي منجهند جا ٻه ٿيا هجن۔ جيڪڏهن ماني کائين ته به اسٽيٽس اپڊيٽ، جي پاڻي پين ته به اسٽيٽس اپڊيٽ، جي سمهڻ وڃن ته به اسٽيٽس اپڊيٽ ۽ وڏي ڳالهه جي ٽواليٽ وڃن ته به اسٽيٽس اپڊيٽ۔
هڪڙا وري اهڙا به آهن جيڪي ڇوڪرين جي تصويرن جا سوين البم پيا ٺاهيندا ۽ مون جهڙا وري انهن جي ئي البم مان تصويرون چورائي شاعريء لڳائي پيا داد حاصل ڪندا۔ هڪڙا اهڙا به آهن جن کان ٻئي جي مقبوليت هضم ناهي ٿيندي ۽ ڪنهن ڪوڙي آء ڊي ذريعي پيا ويچاري کي بدنام ڪندا رهندا۔
جيڪڏهن اوهان فيسبوڪ جي عجيب هجڻ جي باري ۾ اڃان وڌيڪ ڄاڻ چاهيو ٿا ته هي وڊيو ڪلپ ڏسو:

پوء به فيسبوڪ اسان سنڌي ماڻهن کي پنهنجي کليل اظهار جو ڀرپور موقعو ڏنو آهي۔ پر ڏسڻو آهي ته اسان ڪيئن ٿا ان جي مثبت پاسن کي استعمال ڪري پنهنجي لاء ڪاميابي جو ذريعو بڻايون۔