غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
اسان خاموش تماشائي۔
سڀ ڪوڙ
سڀ ڪوڙ
تقريبن روزانه ماڻهن کان موبائل فون کسڻ جي واردتن جون خبرون اخبارن ۾ پڙهڻ کان پوء مون کي خيال آيو ته اڄ ڏينهن تائين ڪنهن مون کان موبائل ڇو نه کسيو/ ڦريو آهي؟ مان تن تنها۔ڀريل بازارن ۽ ويران رستن تي گهمندو رهندو آهيان۔صدائن جو پيڇو ڪندو آهيان پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن مون کان موبائيل نه کسيو آهي۔مان دعا گهرندو هئس ته
ڪاش! ڪير منهنجو موبائيل فون مون کان کسي۔مان محسوس ڪرڻ پيو چاهيان ته جڏهن ڪنهن کان موبائيل فون کسجي ويندو آهي ته هو ڪيئن محسوس ڪندو آهي
۔پر ڇا مجال جو ڪير بدبخت منهنجو موبائل مون کان کسڻ آيو هجي۔
مون ٻڌو هو ته موبائل فون ڦرڻ وارا موٽر سائيڪل تي ايندا آهن ۽ موبائل هٿ مان ڦريء ڀڄي ويندا آهن۔هڪ دفعو مان ٻن موٽر سائيڪل سوار ڇوڪرن کي پان واري جي دڪان جي ڀرسان بيٺل ڏسي،انهن جي ويجهو وڃي چيو:-
"مون وٽ هڪ عدد موبائيل آهي"
ڇوڪرن حيرت سان مون کي ڏٺو ۽ چيو ته :-
"اسان جي پاڙي ۾ هڪ بدڪ رهندي آهي۔ان وٽ به موبائيل آهي۔"
مون ڇوڪرن کان پڇو ته:-
" توهان مون کان منهنجو موبائيل نه ڦريندا؟"
ٻنهي ڇوڪرن حيرت سان هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ چيو :-
"پوڙهو چريو ٿئي ويو آهي"
ان ڳالھ جو ذڪر مون بچو بهائي سان ڪيو۔بچو بهائي چيو:-
"تنهنجو حليو ڏسي ڪنهن کي به يقين نه ايندو ته تو وٽ موبائيل فون به هوندي۔"
مون بچو بهائي کي منٿون ڪيون
" بچو بهائي ڪجه ته ڏس مان ڇا ڪيان جو ڪير نه ڪير مون کان موبائيل فون کسڻ اچي"
بچو بهائي جواب ڏنو:-
"تون ايئن ڪر،فون ڪن سان لڳائي گهمندو ڪر،انشاالله ڪير نه ڪير توکان تنهنجو موبائيل فون ڦري کڻي ويندو۔"
بچو بهائي جو مشوره مون کي سٺو لڳو پر سوچ ويچار ڪرڻ کانپوء مون ان مشوره ۾ ٿورڙي ترميم ڪئي۔رانديڪن وڪڻڻ واري جي گاڏي تان رانديڪي جو موبائيل ورتم ۽ گهمڻ لڳس۔مان نه پيو چاهيان ته مذاق مذاق ۾ پنهنجو انمول موبائيل فون جيڪو آشا منهنجي پنجهتروين سالگراه تي بمبئي مان موڪليو هو ۔جنهن جي ڍٻي تي لکيل هو،
امن جي لاء آشا جي طرفان،
کي کسرائي ڇڏيان۔انڪري آشا وارو موبائيل فون گهر رکي،رانديڪا موبائيل فون ڪن تي لڳائي بازار،پارڪ ۽ رستن تي گهمڻ شروع ڪيم۔منهنجي خوشي جي انتها نه رهي جڏهن موٽر سائيڪل تي سوار ٻه مڙس اچي منهنجي ڀرسان بيٺا۔ان وقت مان رانديڪي موبائيل تي هوا ۾ ڳالهيون ڪري رهيو هئس،جيڪو ڪجه ذهن ۾ آيو پئي اهو چئي رهيو هئس۔مان ان وقت فون تي چئي رهيو هئس ته:-
"ڪير ٿو چوئي ته ڪراچي ۾ ڇهينا جهپٽي جو بازار گرم آهي،مان ڪن تي فون لڳائي دوستن سان ڪچهري ڪندو ٿو ورتان پر مون کان ته ڪير به موبائيل فون نه ٿو کسي۔" انهي وقت ٻنهي موٽر سائيڪل سوارن مان هڪ همراه پستول ڪڍي منهنجي لوندڙي تي رکيو ۽ ٻئي مون کان موبائيل ڦرڻ لڳو۔مون خوش ٿي چيو :-
"ڏاڍي دير ڪيوءَ مهربان ايندي ايندي،ڪافي وقت کان اوهان جو انتظار پئي ڪيم۔هي وٺو منهنجو موبائيل"
منهنجو رانديڪو موبائيل فون ڏسڻ ۾ بلڪل بليڪ بيري موبائل جهڙو هو۔هڪ ڄڻي موبائيل مون کان ڦريو۔ٻئي ڇوڪرا هنرمند ۽ تيزهئا۔انهن ڏسندئي سڃاڻي ورتو ته موبائيل فون نقلي ۽ رانديڪو آهي۔هنن پيرن جي هيٺان ڏئي،ان موبائيل فون کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو ۽ پوء ٻنهي ڇوڪرن ڌڪو ڏئي ڀت سان لڳايو ۽ چيو ته
"هن عمر ۾ رنديڪن سان کيڏيندي توکي شرم نه ٿو اچي۔؟"
ڏسو جوان!
مون پنهنجو ڪالر انهن جي هٿ مان ڇڏيندا چيو
"تميز سان ڳالهايو۔عمر ۾ مان اوهان جي ڏاڏي جي برابر آهين۔مان ته مذاق ۾ رنديڪو فون ڪن تي لڳائي گهمي رهيو هئي۔مان ڏسڻ پيو چاهيان ته اوهان فون ڪيئن کسيندا آهيو؟"
ڇوڪرن جواب ۾ چيو
"ته پوء سچ مچ جو فون ڪن سان لڳائي گهمو هان تڏهن توهان کي خبر پوي هان فون ڪيئن ڦريو ويندو آهي،توهان کي پوٽن سان ان قسم جو مذاق نه ڪرڻ کپندو هو، هاڻي هڪدم پنهنجو ٻٽون اسان جي حوالي ڪيو"
منهنجو ٻٽون کڻي ٻئي همرام موٽر سائيڪل تي چڙهي رفوچڪر ٿئي ويا۔انهن جي وڃڻ کان پوء مان آسپاس نظر گهمايم،جٿي مان بيٺو هئس ان جي برابر ۾ ڀاڄيون ،ڦروٽ وڪڻڻ وارن جا ننڍا وڏا دوڪان هئا،جنرل اسٽور هئا،دوڪاندار ۽ گراهڪ آرام سان مٿيون تماشو ڏسن پيا۔انهن ڪنهن قسم جي ڪوشش به نه ڪئي ته مون کي ڇڏائين يا ڦورن کي پڪڙن۔تماشو ڏسڻ کانپوء هو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويا۔ماڻهن جي ان رويئي مون کي حيرت ۾ ويجهي ڇڏيو،ان کانپوء مان انهن ڪجھ ماڻهن سان مليس جن کان ڀريل بازار ۾ موبائيل فون ڦرجي ويون هيون ۽ ماڻهن اهي وارداتون خاموش تماشائي وانگر ڏٺي هئي۔عبدالجبار،عبدالغفار ۽ عبدالستار ملندڙ جلندڙ ڪهاڻي هن طرح ٻڌائي
:-"علائقو ڪلفٽن جو هئو۔گاڏي سنگل تي بيٺي،هڪ ڇوڪرو الائي ڪٿان آيو۔هن گاڏي جي ونڍ اسڪرين تان مون تي پستول سڌو ڪيو،انهئي دوران هڪ ٻيو ڇوڪري بند دروازي جي شيشي تي پستول جي نال رکي نشانو ٺاهيو۔مون کي اشاري سان ٽيلفون ڏيڻ لاء چيو۔منهنجي اڳيان،پٺيان۔برابر ۾ ۔ساڄي۔کاٻي پاسي لائيون ۾ گاڏيون بيٺل هيون،پوليس جا سپاهي ڪجه فاصلي تي بيٺا هئا،پر ماڻهن جي بي حسي ڏسي،مون دري جو شيشو هيٺ ڪري موبائيل فون انهن ڇوڪرن کي ڏني۔"
رفيق احمد،شفيق احمد۽ خليق احمد به هڪ طرح جي ڪهاڻي ٻڌائي:-
"مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هئس،منهنجي ڀرسان واري خالي سيٽ تي هڪ همراه اچي ويٺو،هن پستول جي نال منهنجي پاسيري ۾ لڳئيندي،مون کان منهنجو موبائيل فون گهريو۔مون موبائيل فون ان جي حوالي ڪيو۔ان وقت بس سڄي ڀريل هئي۔اهو منظر مسافرن۔ڪنڊيڪٽر ۽ ڊرائيور ڏٺو۔انهن منهنجي ڪنهن قسم جي مدد نه ڪئي،اهو ماڻهو اڳين اسٽاپ تي آرام سان مسافرن جي وچ مان لنگهي بس مان لهي ويو۔"
ان تحقيق کانپوء مان ڊڄي ويو آهيان۔مان نه ٿو چاهيان ته ڪير مون کان يعني امن کان آشا جو موڪليل فون ڦري وڃي۔
محترم ميمبرس،
سائين امرجليل جي مٿيون ليک جيڪو اخبار جنگ جي اڄ(27۔3۔2012)جي شماري ۾ ڇپيو آهي،
صرف هڪ ڪهاڻي يا واقعو نه آهي پر اسان سڀني کي ان ڳاله جو احساس ڏيارڻ لاء ڪافي آهي ته ڇا ان قسم جي واقعات کي خاموش تماشائي وانگر ڏسندو رهجي يا انهن قسم جي وقعات جي سدباب لاء ،ان موقعي تي عملي قدم کڻي ڦورن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪجي۔مشاهدي ۾ آيو آهي ته ان قسم جي 70 فيصد وارداتن ۾ ڏوهاري نقلي پستولن جي مدد سان ڦر ڪندا آهن۔خاموش تماشائي بنجي ڏسڻ سان ڏوهارين کي ڪنهن قسم جو ڊپ نه رهندو ۽ هو وڌيڪ ڏوه ڪرڻ لڳندا۔اميد ته سائين امرجليل جي ليک جي روح کي سمجهي۔اسان بزدلي کي پاسي تي رکي،جڏهن هن قسم جو واقعو ڏسنداسين ته انه ڦورن جي ڪوششن کي ناڪام بنائينداسين۔جيڪڏهن اسان رڳو پوليس تي ڀاڙينداسين ته ڪڏهن به هن قسم جا ڏوه ختم نه ٿئي سگهندا۔ان بابت توهان پنهنجي ضمير کان پڇي سگهو ٿا۔