ساٿيو سنڌي تائيپنگ ڪندي ڪندي هاني هٿ ڪافي سيٽ ٿي ويو آهي ۽ الحمدلله هاڻي ڪا ڏکيائي نه ٿي ٿئي پر ٻه موجهارا اڃان به آهن۔ 1۔ اهو ته مون وٽ پنهنجي پي سي ۾ لڳل ڪي بورڊ ۾ هي اکر ؤ ساڄي پاسي نمبر ۽ ڪٽ۔ جوڙ، ونڊ ۽ ضرب سان گڏ موجود بٽڻ * ايسٽيرڪ سان اچي ٿو۔ پر ٻي ڪنهن پي سي ۾ ايئن نه ٿو ٿئي۔ ۽ جيئن ته ليپ ٽاپ ۾ موجود ڪي بورڊ تي ته ساڄي پاسي اهي نمبر ۽ * ايسٽيرڪ وارو بٽڻ ٿين ئي ڪونه۔ بلڪه صرف اي بي سي واري بٽڻن مٿي ئي ڏنل هجن ٿا۔ جتي * ايسٽيرڪ وارو بٽڻ به موجود آهي پر انهي سان اهو اکر انهي طرح ؤ نه ٿو اچي۔ ڪو هل هجي ته ٻڌايو۔ 2۔ اهو ته هي نشاني جنهن کي انگريزي ۾ هائفن - چون ٿا۔ يا ڊيش به۔ اها سنڌي ۾ ڪيئن اچي؟
جواب: سنڌي ڪي بورڊ بابت ڪجهه سوال! انتظار ٿي ڪيم ته متان ڪو ٻيو دوست به ٻڌائي ته سندس سان اهو مسئلو آهي۔۔۔ پر جيئن ته جواب نه آيو۔۔۔ ان جو مطلب ته صرف توهان سان ئي اهو مسئلو آهي۔۔۔ خير مان پاڻ ايڇ پي ۽ ڊيل جو ليپٽاپ استعمال ڪندو آهيان ۽ ان کانسواءِ آفيس جو پي سي استعمال ڪندو آهيان جتي انگريزي اکر يو U جي مٿان مٿان 8 جي انگ تي شفٽ پريس ڪرڻ سان ؤ لکجي ٿو۔۔۔ جڏهن ته پي سي تي ڪيبورڊ تي ساڄي پاسي موجود انگن تي موجود اسٽارڪ سان به لکجي ٿو۔۔۔ توهان نم لاڪ آف ۽ آن ڪري ڏسو۔۔۔ متان مسئلو حل ٿئي۔۔۔ جڏهن ته ڊيش ٽائيپ ڪرڻ لاءِ توهان ڪيبورڊ تي ئي موجود ڊيش اکر تي جنهن تي سنڌي ڏ اکر لکبو آهي کي شفٽ سان استعمال ڪري ڏسو۔۔۔ دوستن لاءِ اطلاع آهي ته سنڌ سلامت سافٽويئر کي تبديل ڪرڻ جا تجربا مسلسل جاري آهي ۽ نئين تبديلي ۾ ڪي پيڊ کي به تبديل ڪيو ويندو ان ڪري اميد ته نئين سافٽويئر تي مسئلا گهٽ ٿيندا۔۔۔
جواب: سنڌي ڪي بورڊ بابت ڪجهه سوال! سائين عبدالرشيد توهان جو جواب درست آهي ته 8 واري انگ کي شفٽ سان گڏ پريس ڪرڻ سان ؤ اچي ٿو ۽ ڏ ڪاٽو نشاني کي شفٽ سان گڏ پريس ڪرڻ سان _ جي نشاني اچي ٿي وڌيڪ ادا عبدالحفيظ تجربو ڪري ٻڌائيندو ته سندس مسئلو حل ٿي ويو يا نه۔