سنڌي واپارين لاءِ بنگلاديش ۾ ڪاروبار جا موقعا

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    گذريل ڪالم ۾ بنگلاديش جي واپار بابت ڪجھه ويچار ونڊيا هياسين جنهن ۾ پاڪستان خاص طور سنڌ کان ڪهڙا وکر بنگلاديش ايڪسپورٽ ڪري سگھجن ٿا ۽ سراسري طور بنگلاديشي واپارين جي نفسيات جو جائزو ورتو هيو. اڄ هن ڪالم (حصو ٻيو) ۾ بين الاقوامي واپار شروع ڪرڻ لاءِ بلڪل ڪورَي (نئين) واپاري يا ننڍي توڙي وچولي درجي جي واپاريءَ کي ڪهڙن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو، هڪ ايڪسپورٽ امپورٽ ڪمپنيءَ جي رجسٽريشن کان مال ڪنهن ٻئي ملڪ موڪلڻ، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ پاليسي، پابنديءَ هيٺ آيل اسمن جي لسٽ، آفر ليٽر (انوائيس)، خريدار سان ڏيتي ليتيءَ جو ٺاهه، ايل سي (ليٽر آف ڪريڊٽ)، امپورٽر (خريدار) جي واپاري ساک، رقم جي وصوليءَ ۾ بينڪن جو ڪردار، بين الاقوامي قانون، بين الاقوامي اصطلاح، مال جي چونڊ، پيڪنگ، شپمينٽ کان اڳ ڪوالٽيءَ جي چڪاس، شپمينٽ، ڪاغذن جي تياري، رقم جي وصولي وغيره اهڙا مرحلا آهن جن مان هر ايڪسپورٽر توڙي امپورٽر کي گذرڻو پوي ٿو. انڪري جيڪڏهن مٿين مرحلن جي مڪمل ڄاڻ نه آهي ته پوءِ ڪنهن به موقعي تي اوهان جو پاند اٽڪي سگھجي ٿو. ان لاءِ اسين اڄ بنگلاديش ۾ ڪارباري موقعن بدران مٿين مامرن تي ويچار ونڊڻ جي ڪوشش ڪنداسين ڇوته ڪمپني جو نه هجڻ يا ڪاروبار بابت معلومات نه هجڻ سبب اسين ڪوبه قدم کڻي ڪونه سگھنداسين. بنگلاديش جي باقي واپار تي ايندڙ ڪالم ۾ ذڪر ڪبو. انشاالله تعالى.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    جواب: سنڌي واپارين لاءِ بنگلاديش ۾ ڪاروبار جا موقعا

    گل محمد شاه راشدي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي واپارين لاءِ بنگلاديش ۾ ڪاروبار جا موقعا

    ڀاءُ گل محمد شاه راشدي ۔۔۔ سهڻا سائين سڀ کان اڳ اوهانکي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔

    اوهان تمام سٺو موضوع شروع ڪيو آهي، اميد ته ان مضمون کي توڙ تائين پهچائيندا، ته جيئن اهڙا دوست جيڪي ڪاروبار يا واپار ڪرڻ گهرن ٿا ته انهن کي مدد ملندي ۔۔۔

    لک قرب

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو