عرفان ديشي
سينيئر رڪن

فيسبوڪ توڙي انٽرنيٽ تي اهڙا تمام گھڻا گروپ توڙي ويبسائيٽون آهن جن تي سنڌي دوست هر مسعلي تي تمام گھڻا سرگرم آهن. پر اڪثريت جيڪا به آھي اها فيسبوڪ تي ئي آھي. دنيا وارن فيسبوڪ ذريعي انقلاب آندا آهن پر جيڪڏهن اسان سنڌي گڏجي ڪنهن مظلوم جي مدد به ڪيون ته به اسان لاء وڏي خوشي جي ڳالھ ثابت ٿيندي، ان سلسلي ۾ ڪجھ دوست اهڙا گھربل آهن جيڪي هر وقت سرگرم رهندا هجن. فيسبوڪ ذريعي هن گروپ ٺاھي رهيا آهيون جنهن جو باقائده سان آغاز ڪنداسين
”سنڌي سوشل ميڊيا فورم“ SSMF
جنهن اندر ڪجھ نقطه جوڙينداسين ۽ دوستن کي هر مسعلي بابت آغاھ ڪري انهن کان ٽائيم وٺي ڪنهن به سرگرمي ۾ شامل ٿينداسين. جيڪي به دوست ان مسعلي تي سنجيده هجن يا چاھيندا هجن ته سڀ دوست بنا ڪنهن ڌڙي، گروُپ يا وري ڪنهن فرقه واريت سان هلون ته اھي دوست هتي پنهنجا رايع ڏئي تجزيو ڪري سگھن ٿا.
ياد رهي ته ان گروپ ۾ اسان جي رهنمائي ناليوارو ليکڪ، اديب، دانشور ادا اسد چانڊيو ڪندو. مهرباني