سو هڪڙو هو چور، اهو نه ته سائبر چور هو، نه ادبي چور هو ۽ نه ئي وري ائٽمي راز چوري ڪندو هو پر اهو هڪ سادو سودو ۽ عام رواجي چور هو جيڪو ڏينهن جو پرايا گهر تاڙي ايندو هو ۽ رات جو وڃي کاٽ هڻي ان گهر کي ٻهاري ڏيئي ايندو هو. هڪ ڏينهن اهو چور هڪ وڏي گهر مان کاٽ هڻڻ جي نيت سان اسهاڻو، منزل تي پهچي هن اوزار کنيا ۽ کاٽ هڻڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ته اوچتو هن کي هڪ خيال آيو. چور سوچيو ته چوري ته ڪريان ٿو پر اڄ الائي ڇو لڳي ٿو ته ٻه ڳالهيون ٿينديون، ياته چوري ڪري ڪاميابي سان نڪري ايندس يا وري گهر ڌڻي جاڳي پوندا. جيڪر چوري ڪري نڪري آيس ته ٺيڪ نه ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون، ياته گهر ڌڻي هڪل ڪندا ته آئون ڀڄي ايندس يا وري اهي مونکي جهلي وٺندا، جيڪر آئون ڀڄي نڪتس ته ٺيڪ آهي پر جي جهلجي پيس ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته گهر ڌڻي پادر هڻي ڇڏي ڏيندا يا وري پوليس جي حوالي ڪندا جيڪر پادر هڻي ڇڏيائون ته ٺيڪ آهي پر جي پوليس جي حوالي ڪيائون ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون، پوليس يا ته ڪجهه ڏوڪڙ وٺي آزاد ڪندي يا لاڪپ ڪندي جيڪر ڏوڪڙ وٺي ڇڏي ڏنائون ته ٺيڪ پر جي لاڪپ ۾ وڌائون ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته لاڪپ جا پراڻا قيدي مونکي سهندا يا جهيڙو ڪندا جيڪر سهندا ته ٺيڪ پر جي جهيڙو ڪندا ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون، جهيڙي ۾ يا ته آئون زخمي ٿيندس يا اڦٽ مري ويندس. جيڪر زخمي ٿيس ته ٺيڪ پر جي مري ويس ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته مونکي ساڙي ڇڏيندا يا وري دفن ڪندا، جيڪر ساڙيائون ته ٺيڪ پر جي پوريائون ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون ياته منڪر نڪير مونکان حساب ڪتاب وٺندا يا وري حساب ڪتاب نه وٺندا جيڪر حساب ڪتاب نه ورتائون ته ٺيڪ پر جي حساب ڪتاب وٺندا ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته جنت ۾ وجهندا يا دوزخ حوالي ڪندا، جيڪر جنت ۾ وڌائون ته واهه واهه پر جي دوزخ ۾ وڌائون ته ٻه ڳالهيون اتي به ٿينديون، دوزخي سڀ ڏاڍا مڙس هوندا جيڪي مون کي يا ته دوزخ ۾ رهڻ ڏيندا يا ماڳهين مون سان جهيڙو ڪرڻ لڳندا، جيڪر رهڻ ڏيندا ته ٺيڪ پر جي جهيڙو ڪندا ته ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته دوزخ جو داروغو انهن سان منهنجو ٺاهه ڪرائيندو يا دوزخ مان نيڪالي ڏيئي هيٺ اماڻي ڇڏيندو، جيڪر ٺاهه ٿيو ته پر جي هيٺ موڪليائين ته مون پادر به کاڌا پوليس جا موچڙا به برداشت ڪيم، قيدين جون لٺون کائي قبر مان به ٿي آيس، دوزخين جون لٺيون به جهليم ۽ داروغي جا دڙڪا کائي وري به اڳي جيان هيٺ کالي هٿ اچڻو پوندو، تنهن کان ڀلو آهي ته اهڙي چوري ڪجي ئي نه، اهو سوچي چور، چوري نه ڪئي ۽ واپس هليو ويو.
جواب: ٻه ڳالهيون مطلب هر ڪم ڪرڻ کان اڳ ٻه ڳالهين تي غور ضرور ڪجي ۔۔۔ ڪاش ماڻهون بري ڪم جي بري نتيجي تي سوچي ته هوند برائي نه ڪري ۔۔۔ پر ڪٿي ادا ! ۔۔۔۔۔ ڪتي جو پچ 12 مهيني به ڦڏو اهو ئي ڦڏو ۔۔۔ ڀلو نڀايو اٿوَ ۔۔۔
جواب: ٻه ڳالهيون هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انهن ٻن ڳالهين کي سوچيندي جي چوري ڇڏي ڏنائين ته به واهه واهه جي نه ڇڏيائين ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون، هڪ ته اوهان ليک ڪونه لکندا جي لکي ويا ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون، مان سوچيندس ته ڪمينٽس لکان يا نه لکان ، جي نه لکيم ته ٺيڪ پر جي لکيم ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديو، مان اوهان لاء تعريف ته ضرور ڪندس پر ٻي ڳالهه ته وري حفيظ لاء به ڪجهه نه ڪجهه لکندس، جي حفيظ لاء لکيم ته وري ٻه ڳالهيون ٿينديون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو بس ڪيان ڪٿي مون واري ڪهاڻي اوهان واري ڪهاڻي کان ڊگهي نه ٿي وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه واهه انهن ٻن ڳالهين جي چڪر ۾ چڪرائيندو ئي رهجي ويس۔
جواب: ٻه ڳالهيون سليييييييييييييييييييييييييييييييييييييييييييييييمان! جيئن جيئن يونس لکي پيو تيئن تيئن مون تي حملو وڌي پيو۔ آئون ته هونئن ئي ٽوٽي آهيان پر ڪٿي يونس به نه اڳي ڪار ڪري۔ ڇو ته يونس کي همٿائڻ ۾ هن ڪم ڇور جو وڏو هٿ اٿؤ! بهرحال اوهان جو جواب تحرير جي تسلسل ۾ واهه جو آهي۔ ٻه ڳالهين جون 22 ڳالهيون يونس ڪيون ته 12 اوهان به ڪيون۔ پر نثار صاحب واري ڳالهه ته ڪاش اهو ٿي سگهي۔