هوءِ جي هليا هوتَ سُونهارا؛ مُون نه وَهيڻا، پنهونءَ سَڱِيڻا. سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا؛ آن ڪي ويندا گڏيا؟ آرِياڻِي اِہَ پارا؛ ٽَلِيُون ٽَؤنرَ هلَوِيُون، مَيَنِ سِرِ موچارا؛ مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا؛ اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، دوسَ آيا دِلِدارا.