لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، هَلِي ڪَرِ هِمَٿَ؛ سِڄُ سامُهون مُنهَن ۾، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ؛ سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙِين. 2 اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏونگَـرُ؛ سَسُئِيءَ کي سَيَّدُ چئي، سُورَن جو سَمَرُ؛ ڪُٺَلِ رَکِيو، ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي. 3 ويٺي مُون وِيو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان؛ آئُون ڏُورِيندي ڪيترو، پَهَڻن پيرُ پِيو؟ سُورَنِ ساڻُ سِهو، اَچي ٿِـيُمِ، جيڏِيُون! 4 سَرَتِيُون! سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين هَلي؛ پاڻي ناهِ، پَنڌُ گھڻو، اَڳِيان رائو رُڳِي رُڃَ؛ مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پِرِينءَ کي. 5 پَٽِيءَ نه پيرونِ، اوڏِيءَ ڇَڪَ نه ڇَمِيا؛ پويون هِيُ ڀـيرونِ، نِينهن نِباهي هَليا. 6 سُيءِ ڪا تنوارَ، ڪِي هُنئِين ٿِي هَٿَ کَـڻِين؛ سَوين رُليُون سَسُئِيون، هوتاڻَنِ هزارَ؛ ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نه سِکيا.