ڪِي ڌَرَتَتِي، ماءِ! ڪِي ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين؛ هَلي ۽ واجھاءِ، ٻِنِين ڄيرَنِ وِچَ ۾. 2 مَٿيان مَٿي مَچُ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو؛ مُون کي طَعنا تي ڏِئين، جئن نه پَرُوڙِئين سَچُ؛ اَمڙِ! اوري اَچُ، ته سِٽَ سُڻايَنءِ سُورَ جِي. 3 مَٿي مَنجھانِ مِينهُن، پَسو! پاڻيءَ جئن وَهي؛ مُون ڀانيو نِينهُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون. 4 منجھان مُنهنجي رُوحَ، جي وَڃي ساڄَنُ وِسِرِي؛ ته مَرُ لَڳي لُوهَ، ٿَرَ ٻاٻِيهو ٿِي مَران! 5 پَهِي ڪامَ پِڃاءِ؛ اَمَڙِ! مُنهنجي آسِري؛ ڏيئِي لَتَ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻيءَ پاءِ؛ ڪَتِـيُمِ جنهِين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيـچِ وِيو. 6 کوءِ هاڙهو! ٻَنِ هوتُ! کوءِ پُنهون، ٻَنِ پِرِيَتَڻو! مادَر! مُون مَوتُ، پَسَڻان پرائيو. 7 کوءِ ٻولِي! ٻَنِ ٻَروچُ! گھورِي ذاتِ جَتَنِ جِي! مُون کي چَئِي ”لوچُ“، پيهِي وِيا ڇَپرين. 8 جِئن جِئن تَپي ڏِينهُن، تِئن تِئن تاڻي پَنڌَ ۾؛ ڪو آڳانجھو نِينهُن، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين. 9 جان جِئَين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري ؛ تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي. 10 تَتِيءَ ٿڌِيءَ ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي؛ مَتان ٿِئي اُونداه، پيرُ نه لَهِين پِرينءَ جو.