ڪهاڻي ”هو جمالو “ نثـــارابــڙو [JUSTIFY] ” موران “ پنهنجي مڙس جي لاش ۾ اکيون اٽڪائي، مَنَهَه جي ٿوڻيءَ کي ٽيڪ ڏنيون بيجان بت جيئان بيٺي هئي ... ”جانڻ “ جي رتوڇاڻ جسم تي اڇي چادر ويڙهيل هئي ... لاش چوڦير ڀينرون، پوڙهي ماءُ، عزيزياڻيون ۽ ڳوٺ واريون ويٺيون هيون ... ماءُ جھور پوڙهي ... اکيون کڏائتيون، پڃرائي منهن ۾ ... ڏند نه هجڻ سبب سندس چپ وات اندر وريل ... چهري جي کل ۾ ڪي هزار جھريون ... لاش واري کٽولي جي پائي تي مٿو رکيون بيحال پئي هئي ... ڪڏهن ڪڏهن آسمان ڏانهن نهاري وري مٿو پائي تي ٿي ڇڏيائين ... ڀينرون وار کولي زار و قطار روئيندي ”منو وڏيري“ کي دل ڏاريندڙ پاراتا ٿي ڪڍيا ... منو ... ” ڀوتار منور علي خان “ ... لاءِ ٿي چيائون جنهن جي عزت ڳوٺ وارا پنهنجي لاءِ خانداني فرض سمجھندا هئا ... هو ڳو ٺ جو چڱو مڙس هو ... اڇي ڪاري جو مالڪ ... ڏ سڻ ۾ جهڙو شڪاري بَگهيڙُ ... مائٽن عزيزن لاش کي وهنجاري سهنجاري الله جو نالو وٺي وڃي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو، سندن چهرن تي ڏکوئيندڙ خاموشي هئي ... چپ چاپ پنهنجي مال ڍڳي ۾ لڳي ويا ... موران ساڳي ٿوڻيءَ کي ٽيڪ ڏئي، ڄنگھون زمين تي کنڊيري ويهي رهي ۽ ٻئي ٻانهون پيٽ چوڌاري ويڙهي ڇڏيائين کيس پورا مهينا هئا ... نوجوان مڙس اکين آڏو مرندو ڏسي هوش ۽ حواس وڃائي ويٺي هئي ... نڻانون منهن ۾ گوڏا هڻي سسڪنديون رهيون، سندس سَسُ ڦٽل رلهيءَ تي گوڏين ڀر پئي رهي ... ٻه ٽي ڏينهن گذريا ... پوليس آئي ... نامعلوم ڏوهارين تي فرياد داخل ٿيو ... ڪاغذي ڪاروائي پوري ... نه اوهي نه واهي ... لاش لڙهي ويو ... موران کي سورن ۾ سور ٿيا ۽ چنڊ جھڙو پُٽُ اچي جھوليءَ پيس ... ڏسي جيئري ٿي پئي .. سَسُ ۽ نڻانون پڻ ڪجھه سڻايون ٿيون ... پٽ جو نالو ” سانوڻ “ رکيو ويو ... سندس اميدن جا ڏيئا روشن ٿيڻ لڳا ۽ کيس ماضيءَ جي هر ڳالهه ياد اچڻ لڳي ... اُنَ ڏينهن منو وڏيري جي گھر پٽَ جي اولاد ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ راڄن کي سڏُ ڏنو ويو هو ... راڳ ۽ ناچ گاني جي محفل رچائي وئي هئي ... ايڏي وڏي دعوت سبب سموري ڳوٺ جي نر توڙي ماد کي ونگار تي ڪوٺيو ويو هو ... موران پڻ انهيَ ڪوٺ تي حويليءَ ۾ وئي هئي ... هوءَ اڃان نئين ڪنوار هئي ... سندس ڦوه جوانيءَ جا ڏينهن ... نئين ٽڙيل گلاب جيئان خوشبودار ... هوءَ رڌوڻي ۾ مانيون ٿڦي رهي هئي ... اوچتو ڀوتار منو ڪنهن ڪم سانگي رڌوڻي ۾ آيو ... گلاب جي خوشبو ڀوئنر کي اچي ۽ هو ان ڏانهن نه وڌي ... ڀوتار جو وات پٽجي ويو ۽ واڇون وڃي ڪياڙيءَ سان لڳيون ” ڇوري تون نئين پئي لڳين ؟ “ ” جي ! جانڻ جي وني ... “ ايئن چئي هوءَ شرمائجي وئي هئي ... ٻي ڏينهن تي جانڻ کي ڀوتار پاران نياپو آيو ته جلد حاضر ٿئي ... نياپي ملڻ شرط هو حاضر ٿي ويو ... ڀوتار جي پيرن تي هٿ رکي ٻانهون ٻڌي وڃي ڪنڊ ورتائين ... ڀوتار آرام ڪرسيءَ تي ٽيڪيو پيو هو ۽ ڪجھه ڳوٺاڻان وڇايل غلم تي ويٺل هئا ... ” جانڻ! اچي وئين ..“ ” جي رئيس ، حڪم ڪريو، خئير سان ياد ڪيو اٿو؟َ “ ” سڀاڻي کان پاڻ واري جوءِ کي حويليءَ موڪلجانءِ ... ننڍڙي رئيس کي ڪجهه ڏينهن سنڀاليندي “ ” جيئن حڪم ڀوتار “ ” چڱو ڀلي وڃي ڪم ڪار سان لڳ “ صبح جو موران ٻڌي ٻانهي، پهچي وئي حويليءِ ۾ ...رئيس ننڊ مان اٿيندي ئي موران کي تاڙيو ... من ئي من ۾ سندس جوانيءِ جو رَسُ چوسڻ لڳو ... ” ڇوري نالو ڇاٿي ؟ “ ” جي موران“ اکيون زمين ۾ کتل ... مٿي تي ڊگھي ڀرت ڀريل پوتيءَ کي ٺيڪ ڪندي وراڻيائين ... ” ڪپڙن تي استري ڦيرڻ اچئي ؟ “ ” ها “ اکيون زمين ۾ ” وڃ اندر ... کٽ تي پيل ڪپڙا استري ڪر“ هوءَ ڪمري ۾ هلي وئي هئي ... ٿورڙي ويرم ۾ ڀوتار لنگيءَ ۾ باقي جسم اگھاڙو ... جسم تي وڏا گھاٽا وارَ وحشياڻو ڏيک ڏئي رهيا هئا ... اصل اچي موران آڏو بيٺو ... هن شرم وچان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ... ”موران شرمائين ڇو ٿي ... تو جهڙي حور نڀاڳي جانڻ وٽ ڪيئن ڦاٿي ... هڪ راز جي ڳالهه چوانءِ ... آءُ ته بس موهجي پيو آهيان ... تو ۾ ته ڪو جادو آهي .. تو وارن نيڻن جا نخرا ته ماريو وجھن ... منهنجي خدمت ڪندينءَ ته مالامال ڪري ڇڏيندومانوَ، جانڻ کي به پنهنجو خاص ڪمدار ڪري رکندس ۽ تون رائين جيئان مزا مائيندينءَ ... اُچ هيڏانهن! موران وسامجي وئي ... ڄڻ ڪي رات جي ٽانڊاڻي کي ڪنهن ٻُڪَ ۾ بند ڪري ڇڏيو هجي ... اوچتي ڀوتار جو هٿ پنهنجي ڪلهي تي محسوس ڪيائين ... جھٽ ڏئي وٺي ٻاهر ڀڳي ۽ وڃي ٻين ٻانهين سان گڏجي ويهي رهي ... ڊنل اکيون ... دل جي ڌڙڪڻ بي قابو ... ساه مجھندي محسوس ڪيائين ... پٺيان ڪمري ڏانهن ڊنل هرڻي جيئان ور ور ٿي ڏٺائين ... ڄڻ شڪارين جي اوچتي حملي مان نڪري اچي گھاٽن وڻن جي جھڳٽي ۾ پناه ورتي هجيس ... ٿوري دير ۾ وڏيرو ڪپڙا پائي ٻاهر نڪتو ... موران کي زهريلي مرڪ سان ڏسندي هليو ويو ... جيئن تيئن ڪري ڏينهن گذريو ... رات جو سانئڻ جي حڪم تي هوءَ گھر آئي ... جانڻ جي ڀرِ ۾ وڃي ويٺي ... سندن کَٽَ ٻين گھرڀاتين کان پرڀرو پڌر تي رکي ويندي هئي ... ”دير ڪيئي ! “ ” ها ... سانئڻ حڪم ڪيو ته آيس “ ڏکويل لهجو ” ڇآهي؟ ٿڪي آهين ڇا ؟ “ ” نه“ بيدليو جواب ” پوءِ به ... “ ” سڀاڻي کان حويليءَ ڪونَ وينديس “ ” هون ... چري ته نه ٿي آهين ... ڀوتار ماري وجھندو ...“ ” ڇا ڪندو؟ ماريندو نه ... پوءِ به آءُ ڪونه وينديس ...“ جانڻ جي ذهن ۾ وڄ جو ڪڙڪو ٿيو ... اٿي ويهي رهيو ۽ موران کي گھورڻ لڳو ... سندس اکين ۾ لڙڪ چمڪي رهيا هئا ... ”اڙي ڳالهه ته ڪرِ ... ڇا ٿيو؟ “ ”بس ڀوتار کان ڊپ ٿو لڳي ... “ پنهنجو سِرُ جانڻ جي ڇاتيءَ تي اڇلائيندي چيائين جانڻ جو مٿو ڦرڻ لڳو ... کيس ڪي سمجھه نه ٿي آيس ... ...ڀوتار ... موران ۽ موران ... ڀوتار ... ذهن ۾ ڪنهن چڪري جيئان ڦرڻ لڳا ... ” موران ، ” جي “ ” رئيس ڪجھه ... ؟ “ موران جا لڙڪ تيز ٿي سڏڪن ۾ بدليا ... ڪجهه چوڻ ٿي گھريائين پر لفظ سندس نڙيءَ ۾ ڳوڙهي جيئان اٽڪي پيا ... جانڻ ٿڌو شوڪارو ڀري هوا ۾ ڦهلائي ڇڏيو ... ٻنهي اها رات اکين ۾ ڪاٽي ڇڏي هئي ... ٻي ڏينهن شام ڌاري وڏيري جو نياپو آيو ... جانڻ ويچارو مجبور ... وڃڻو پيس ! سلام ڪري بيهي رهيو... ” جانڻ ويهين نٿو ڇا؟ “ ” حڪم ڪيو ڀوتار “ ” تو واري جوءِ ڪم تي نه آئي ڇو؟ “ ” سائين ڪجھه طبيعت ....“ ” رناڻا نخرا ... سڀاڻي موڪلجانس “ جانڻ جهڙو ڀتِ ... ڪڇيو ئي ڪين ...“ ” ڇو اڙي جانو ؟ ڪڇين ڪونه ٿو ...“ ” ڀوتار هوءَ ڪم ڪونه ڪندي ...“ جانڻ پنهنجي سموري طاقت گڏ ڪندي جواب ڏنو هو ” مٿو ته خراب نه ٿيو اٿي ... چوين ڇا ٿو؟ “ ” جي ڀوتار ... ننگن تان نثار ٿيڻ پنهنجو وڙُ آهي ... اسان مردن ۾ ڪو ڪم هجي ته حاضر اکين سان انڪار ناهي پر پنهنجي عورت ڪم نه ڪندي ...“ جانڻ جي غيرت ۽ موران جي محبت کيس اهو سڀ چوڻ تي مجبور ڪيو هو منور علي خان حقيقت پرکيندي ... پڪ رن ڪچي ڪئي هوندي ... ” چڱو چڱو ... هل هتان ته جوتن سان نور نه وڃائي وجھانءِ “ جانڻ پوئين دروازي مان ايئن نڪتو ويو جيئن ڪو هوا جو تيز جھوٽو ڪکن کي اڏائي ٻاهر ڦٽو ڪري ... منور علي خان جي حالت ان شڪاريءَ جيئان هئي جنهنجي هٿن مان تازو شڪار ڇڏائي ڀڳو هجي ... ان ڏينهن کان جانڻ ۽ موران جي زندگي زهر ڪئي وئي ... ڪڏهن موران تي من گھڙت الزام ته ڪڏهن جانڻ تي ڪٽڪو ... ڪڏهن پوليس ته ڪڏهن ڪمدار ... آخر کين پنهنجي ڪٽنب سميت ڳوٺ ڇڏي ساهرين ڳوٺ لڏڻو پيو هو ... پر ڀوتار چوي ته جن ڇڏي ڀوت ڇڏي آءُ نه ڇڏيان ... آخر ڪاريهرُ وارو ويرُ جانڻ جي جان وٺي پورو ٿيو ... جانڻ جي ناحق خون موران ۾ بدلي جي باه ڀڙڪائي وڌي ... نانگڻ وارو نيهن نروار ٿيڻ لڳو ... ڪارو ويس ۽ ڪاري چادر سندس اوڍڻ ٿي پيو ... محنت مزوريءَ جا پئسه گڏ ڪري دنالي ۽ ڪارتوس ورتائين ... هر روز سانوڻ کي دناليءَ سان کيڏڻ سيکارڻ لڳي ۽ سانوڻ جي وڏڙي ٿيڻ جو اوسيئڙو ڪندي رهي... وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو ... سانوڻ اڄ ننڍو صبح وڏو ۽ هاڻ هو بندوقچي پڻ سڏجڻ لڳو هو ... سندس جهڙو توبچي ڪو ورلي هو پوري تر ۾ ... موران جي اميدن جو ڏيئو هاڻ سج جي ڏيک ڏيڻ لڳو هو ... هن ڀوتار جي خبر وٺڻ شروع ڪئي ... کيس خبر ملي ته هو اڄڪلهه جون شامون، ڳوٺ جي ريلوي اسٽيشن جي عياش ماستر سان، اسٽيشن تي ئي گذاريندو آهي ... جت هو کائڻ، پيئڻ سان گڏ رات جو مجبور عورتن جو تماشو لائي لطف اندوز ٿيندا آهن ... اڄ موران جي ڊگھي اوسيئڙي جي رات جو صبح ٿيڻ تي هو ... سانوڻ سان سموري حقيقت سلي، اسٽيشن تي وڃڻ جي رٿا تيار ٿي ... ريل گاڏي اچي اسٽيشن تي بيٺي ... ڪي مسافر لٿا ته وري ڪي چڙهيا ٿي ... اڄ ڪجهه رش به سرس هئي جو ٻروچن جي ڄڃ لٿي هئي ... هي ٻئي اچي ماستر جي آفيس جي ٻاهران اچي بيٺا ... ” سانوڻ! جھاتي پائي ڏس، وڏيرو ويٺو آهي “ موران ڪمري ڏانهن اڇارو ڪندي چيو سانوڻ جھاتي پاتي ... وڏيري جي هٿ ۾ جام هو ۽ ٽهڪ ٿي ڏنائين ” جي امڙ ويٺوآ “ موران در جا ٻئي طاق کوليا ... ٻنهي دروازي ڏانهن نهاريو ” سانوڻ بسم الله ڪرِ“ ڌماڪو ٿيو ... وڏيرو ميز تي ڪريو ... ٻيو ڌماڪو ٿيو ... وڏيري آخري ساه کنيو ۽ ٿڌو ٿي ويو ... ” سانوڻ اچ پنهنجي فتح ٿي وئي آهي“ ” امڙ مبارڪون “ ” اڙي او لنگھا .. هو جمالو وڄاءِ ... “ لنگھي ڏڪندڙ هٿن سان دهل تي جمالي جي ڌن جا ڌڪ هڻڻ شروع ڪيا ۽ ماءُ پٽُ جمالي جي جھمر هڻڻ شروع ڪئي ... اهڙي خوشيءَ واري جھمر تر وارن ڪا ورلي ڏٺي هوندي ... موران پاڻ سنڀالي پُٽَ کي ساڻ ڪري ڊوڙ پاتي وڏيري جي حويليءَ ڏانهن ... دروازي تي پهچي رڙ ڪندي چيائين ” اڙي او سانئڻ “ پنهنجي مٿي تان ڪاري پوتي لاهي حويليءَ اندر اڇلائيندي ” هاڻ هن ڪاري پوتيءَ پائڻ جو تنهنجو وارو آهي ... مون گھڻي ئي پاتو“ ۽ هو ٻئي، پاسي واري ٻيلي ۾ گم ٿي ويا ...[/JUSTIFY]