ڪي ڪي اکيون اوپريون ، توڙي ڄاڻ سڃاڻ،، ڪي ڪي اکيون آرسيون، جن ۾ نينهن نياڻ ،،ڇڪجي پنهنجو پاڻ ، جڙجي وڃن جيءَ ۾۔۔۔۔۔۔۔هي تمام خوبصورت سٽون آهن سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز صاحب جون۔۔۔ شيخ اياز صاحب جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ ٿيو،شڪارپور، لاڙڪاڻي ڊويزن جو ضلعو ۽ هڪ شهر آهي. شڪاپور سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ليکجي ٿو. ماضي ۾ هي شهر واپار لاءِ اهم رهيو آهي. قابل، قنڌار، سمر قند، بخارا ۽ تاشقند جا واپاري هتي ايندا هئا. شڪار پور 1843ع ۾ سنڌ جي ٽن ضلعن مان هڪ هو۔سڪارپور شهر سنڌ کي تمام انيڪ شخصيتون ڏنيون آهن، مثلن، سامي فقير، بيدل بيڪس،کيئلداس فاني ۽ شيخ اياز ۔۔۔۔۔۔ شيخ مبارڪ اياز سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس 3 مارچ 1928ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول نمبر 3 ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان 31 مارچ 1934ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. 31 مارچ 1939ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري 11 اپريل 1939ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اپريل 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1943ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ 1945ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين.48-1947ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. پهريائين هاءِ ڪورٽ ۾ عبدالحئي قريشي ۽ جمال صديقي سان ۽ بعد ۾ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان وڪالت ڪئي. ان کانپوءِ سکر ۾ پريڪٽس ڪرڻ لڳو. اياز هڪ ذهين نوجوان ٿي اڀريو. سندس اسڪول ۾ انقلابي خيال اسريا. سندس ويهن سالن جي ڄمار ۾ اشتراڪيت مطالعي جو خاص موضوع رهي. اسڪول ۾ استاد کيئلداس فاني۔۔ ( کيئلداس ”فاني“ ولد وليرام بيگواڻي جو جنم 4 اپريل 1914ع تي ”ميان جي ڳوٺ“ ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. اتان ئي سنڌي ادب جو معياري رسالو”سنڌو“ مسٽر” بولچند واسومل راجپال“ پنهنجي ادارت هيٺ ڪڍندو هو. ”فاني“ ابتدائي تعليم ورنيڪيولر اسڪول ميان جو ڳوٺ مان حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم هن شڪارپور جي مختلف علمي درسگاهن مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ايم اي انگريزي ادب ۾ پاس ڪيائين. کيئلداس ”فاني“ جو 1929ع ڌاري شعر وشاعري ڏانهن لاڙو ٿيو، سندس استاد مشهور شاعر اديب ۽ حاذق حڪيم آغا غلام نبي خان صوفي هو. علم و ادب جو گهوارو هجڻ سبب شڪارپور اندر ماضيءَ ۾ مشاعرا عام جام هوندا هئا. انهن مشاعرن ۾ ”فاني“ به شرڪت ڪندو هوکيئلداس فاني هڪ قابل شخص هو. وٽس علم جي ڄاڻ تمام گهڻي هئي، جنهن سبب ئي هن کي نيوايرا هاءِ اسڪول(هاڻوڪي قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول) ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري ملي. جتي هن نورالدين سرڪي ۽ مهان ڪوي شيخ اياز مرحوم سميت ڪيترن ئي شاگردن کي علم جي سوني زيور سان نوازيو. بعد ۾ جڏهن چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج ۾ سنڌي ليڪچراريءَ لاءِ جڳهه خالي ٿي ته فاني کي ”بيوس“ جي سفارشي خط سنڌي ليڪچراري ڏياري، بيوس جو خط هن ريت هو: ”مسٽر کيئلداس ــــ وــــ بيگواڻي ”فاني“ بي اي، شڪارپور سنڌ ڪاليج جي سنڌي پروفيسر لاءِ اميدوار بيٺو آهي. پروفيسري جي لياقت لاءِ ڪاليج جي ڊگريءَ سان گڏ جا کيس نازڪ خيال شاعريءَ جي ڏات عطا ٿيل آهي. سا مُنهنجي نظر ۾ اهڙي آهي جهڙي سوني مُنڊيءَ ۾ هيري جي ڪڻي. ههڙي اعلى شخصيت هٿ اچي ته سنڌي ٻوليءَ جو شان دوبالا ٿيندو“ ) سندس سوچ ۽ شاعراڻي فن کي اوج ڏنو. هن شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي. هن جو پهريون غزل شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”سدرشن“ جي جنوري - فيبروري 1938 واري شماري ۾ شايع ٿيو. سندس تخليق جو عنوان ”مرد خدا“ هو.اياز هڪ وڪيل جي حيثيت سان زندگيءَ جي ڪارزار ۾ گهڙيو. وڪالت سان گڏ سندس شاعريءَ جو دور به ڏينهون ڏينهن سنڌ ۾ نمايان نظر اچڻ لڳو. ٽه ماهي مهراڻ -1955ع ۾ سندس ٽيهارو کن بيتن شايع ڪري هڪ شاعر کي اثرائتو بڻايو ۽ هو شاعر جي حيثيت ۾ ايترو اڀري آيو جو مڃجي ويو ۽ رجعت پسند ڌرين کي صدمو رسيو. اياز ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ڇپجڻ سان هڪ وڏي شاعر واري مڃتا حاصل ڪئي. 1965ع ڌاري ڌرتي جي حقن جي حاصلات واري جاکوڙ جي ڏوهه ۾ کيس خطرناڪ قرار ڏئي گرفتار ڪيو ويو ۽ سکر جيل ۾ رکيو ويو. 1968ع ۾ ساهيوال جيل ۾ رکيو ويو ۽ ايوب جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين قيد ۾ رهيو. 1970ع ۾ هي شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو. شيخ مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش ٺهڻ تائين اياز کي جيل ۾ رکيو ويو. اياز جي پهرين شادي بيگم زرينا سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ 3 ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي ڄايون. هن ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪئي، جنهن مان کيس 3 ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايا. 1965ع ڌاري وراثت ۽ ٻين ڳالهين ڪري اياز ۽ بيگم اقبال ۾ جدائي ٿي وئي. 1976ع ۾ اياز کي ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ هن پنهنجو مدو چئن سالن تائين پورو ڪيو. انهن چئن سالن ۾ اياز کان ڪيترائي دوست رسي ويا. انهي دوران ڪن کي گهربل نوڪريون مليون ۽ ڪن وري داٻو ڏئي ورتيون. 1962ع ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، 1963 ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي 1963، 1964ع ۽ 1968 ۾ آمرن پاران ضبط ڪيا ويا.۔۔۔1980ع ۾ وائيس چانسلري جو مدو مڪمل ڪرڻ بعد اياز سکر ويو. 1980ع ۾ سندس شعري مجموعو ”لڙيو سج لڪن۾ “ ڇپيو جنهن ۾ سندس طبع تي مايوسي، قنوطيت ۽ موت ڏي توجهه نمايان آهي. هن جواني وارن ڏينهن ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم کي آجپي جو ذريعو ڄاتو پئي پر آخري عمر ۾ هن جي خيالن ۾ ڦيرو آيو ۽ هن دعائون چوڻ شروع ڪيون. ان جو اهو به سبب ٿي سگهي ٿو جو سوويت يونين قائم نه رهڻ ڪري هيڏي وڏي تبديليءَ اياز جي سوچ تي اثر وڌو. اياز زندگي جو گهڻو عرصو سکر ۾ رهيو. آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ رهيو. دل جي بيماري ۽ ٻين عارضن سان جنگ ڪندو رهيو. هي علاج لاءِ لنڊن به ويو، پر اتان موٽڻ بعد به مڪمل طور صحتياب نه ٿيو. 28 ڊسمبر 1997ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين ۽ 29 ڊسمبر تي کيس ڀٽ شاهه تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اياز سنڌ جي جديد شاعري جو باني آهي. هي بيت، دوها، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، هائيڪا ڏيڊ سٽا، ڪهاڻين سميت نثر جا بيمثال نمونا ڇڏي ويو آهي. انهن جو ادبي ۡڪٿ اياز جي جي وڃڻ بعد ساڻس پيار ڪرڻ وارن لاءِ وڏو آٿت آهي. اياز کي سندس لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا آهن شيخ اياز سنڌ جو اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي وقت ۾ جديد شاعري سان اڀريو ۽ آسمان جي بلندين تائين پهتو، شيخ اياز صاحب جي شاعري جي مڃتا لاء ته ڪنهن کي به ڪو انڪار ڪونهي، مگر سندس شخصيت لاء مختلف ماڻهن جا مختلف خيال آهن، ڪن ماڻهن لاء ته اياز هڪ شفيق سٻاجهڙو ۽ نفيس انسان هو، ۽ ڪنهن لاء هڪ تڪبر ڪندڙ ۽ ماڻهن سان ملڻ نه پسند ڪندڙ هٺ ۽ وڏائي رکندڙ انسان ۽ شاعر هو،سنڌ سلامت جا دوستو هتي هڪ وڊيو پڻ پيش ڪجي ٿي جنهن ۾ پڻ شيخ اياز جي زندگي تي ڪجهه روشني وڏي وئي آهي،۔۔۔۔ نوٽ شيخ اياز صاحب جي ڪجهه ڪتابن کي پڙهڻ لاء هن عنوان ( شيخ اياز ڪارنر ) تي ڪلڪ ڪندا ، شيخ اياز صاحب جون مختلف تصويرون ڏسڻ لاء هن عنوان ( شيخ اياز جون يادگار تصويرون هڪ نظر ۾ ) تي ڪلڪ ڪندا ۽ شيخ اياز جي شاعري آواز ۾ ٻڌڻ لاء هن عنوان ( شيخ اياز جي شاعري وڊيوز ۾ ) تي ڪلڪ ڪندا ان کان علاوه ڪجهه ٻيا ڪتاب پڻ هت ونڊ ڪجن ٿا جن مٿان ڪلڪ ڪري توهان اهي ڪتاب پڙهي سگهو ٿا ۔۔ ڪتاب پڙهڻ لاء ڪتاب مٿان ڪلڪ ڪريو ڪُلهي پاتم ڪينرو (شاعري) ڪي جو ٻيجل ٻوليو (حصو اول، شاعري) وڄون وسڻ آئيون (شاعري) ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون (نوٽ بُڪ جا ورق) شاعريءَ جو سجدو تمام ڪتاب PDF فائل فارميٽ ۾ آهن ۽ انهن کي پڙهڻ لاءِ توهان کي ايڊويب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري توهان شيخ اياز صاحب جي ڪتابن کي آساني سان پڙهي سگهو ٿا۔ .
جواب: موجوده صدي جو عظيم سنڌي شاعر ۽ مفڪر هڪ نظر ۾ سنڌ جي سهڻي شاعر شيخ اياز جو تعرف انجا ڪتاب ۽ وڊيو جي صورت ۾ سندس شخصيت جو منظر۔۔۔ تمام ڪارائتو ۽ سهڻو ونڊ لک ٿورا
جواب: موجوده صدي جو عظيم سنڌي شاعر ۽ مفڪر هڪ نظر ۾ شيخ اياز سنڌي ٻوليء جو مهان شاعر ۽ شايد دنيا جو به سڀ کاب وڏو شاعر آهي جنهنجي شاعريء جا ايترا ڪتاب ڇپيا هجن۔ اياز شاعر به هيو ته ڪهاڻيڪار به ۽ سندس نثر ۾ به گهڻو ڪم ڪيل آهي۔ اياز سنڌي شاعريء جي هر صنف تي ڪمال جي شاعري ڪئي آهي ۽ هن جي ڄاڻ به تمام وسيع هئي۔ اوهان سنڌ جي عظيم هستي بابت هي خوبصورت ونڊ موڪليو آهي۔
جواب: موجوده صدي جو عظيم سنڌي شاعر ۽ مفڪر هڪ نظر ۾ مهان شاعر شيخ اياز سندس شخصيت ۽ شاعري جي باري ۾ سهڻي ونڊ سٺو ڪم ۔