جواب: آفيس 95 ۾ ڪمپوز ڪيل سنڌي جو مسئلو
دوست يونس ملڪاڻي صاحب! ونڊوز 98 عربڪ ورزن، ونڊوز 95 عربڪ ورزن يا وري ونڊوز 3.11 جي سنڌي ڊيٽا ونڊوز ايڪس پي ۾ ڪنورٽ ڪرڻ لاءِ اوهان کي مئڪرو انسٽال ڪرڻو پوندو. جيڪو اوهان هن لنڪ تان ڊائون لوڊ ڪريو:
http://www.4shared.com/zip/3vPLa1Aa/98_to_XP_CONVERTER.html
مئڪرو اپلاءِ ڪرڻ جو طريقو
اوهان ايم ايس ورڊ کوليو. ان کان پوءِ
Tool جي مينيو مان
Macro تي اچي
Security کي ڪلڪ ڪريو. وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ جي مدد وٺو.
[/CENTER][/IMG]
هاڻي اوهان هيٺئين اسڪرين شاٽ جي مدد وٺو.
[/CENTER][/IMG]
ڏنل آپشن کي ڪلڪ ڪري انٽر ڪريو. هاڻي اوهان مائڪروسافٽ ورڊ کي بند ڪري ٻيهر کوليو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر
Tool مينيو جي آپشن مان
Templates and Add-Ins کي ڪلڪ ڪريو. وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو.
[/CENTER][/IMG]
ان کان پوءِ اوهان کي هن قسم جو اسڪرين شاٽ نظر ايندو:
[/CENTER][/IMG]
هتي اوهان کي ڪلڪ ڪريو ۽ مٿي ڏنل لنڪ مان ڊائون لوڊ ڪيل فولڊر مان
As_Converter کي سليڪٽ ڪري ايڊ ڪرايو. هاڻي اوهان ڏسندا ته ايم ايس ورڊ جي ساڄي طرف
As_Converter جي نالي سان هڪڙو بٽڻ ٺهيل نظر ايندو۔
[/CENTER][/IMG]
اوهان ان بٽڻ کي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان جي ڊيٽا ورڊ 2003 ۾ ڪنورٽ ٿي چڪي هوندي. صرف اوهان پنهنجو گهربل فونٽ بدلائيندا.