• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
m8372a.jpg


مونکي خوشي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن اسان جا نوجوان سنڌي ٻولي جي ترقيء لاء ڪاوشون ڪندا آهن۔ اهڙو ئي هڪ نوجوان ۽ با همت ساٿي سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل آهي جيڪو هر وقت سنڌي ٻولي ۽ خاص ڪري انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر سان منسلڪ ليک ۽ ٽپس ونڊ ڪندو رهندو آهي۔ اهو باهمت نوجوان دوست آهي فاروق سومرو۔ ادا فاروق سومرو اسڪول ۾ پڙهندي سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيو ۽ هاڻي ماشاء الله مختلف سنڌي فورمن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ هڪ ٻئي سنڌي فورم سنڌ سجاڳ جو سپر ايڊيٽر ۽ اهم انتظامي رڪن آهي۔

ان سان گڏ پاڻ بلاگنگ طرف به ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو اٿن۔ اسان سنڌ سلامت سٿ پاران کيس 1000 تحريرون ۽ 200 موضوع مڪمل ٿيڻ تي کيس واڌايون پيش ڪيون ٿا۔

 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

با همت ۽ جاکوڙي دوست محترم فاروق سومرو کي سلام
مسلسل سچائي سان مواد سهيڙيندڙ فاروق سومرو کي جس هجي جنهن ڪافي سٺيون ۽ ڪارائتيون لکڻيون ونڊ ڪيون
کيس 1000 تحريرون ۽ 200 موضوع مڪمل ٿيڻ تي واڌايون ۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

اسان جي دوست ۽ هڪ سٺي ليکڪ فاروق سومرو کي سنڌ سلامت تي 1000 تحريون ۽ 200 موضوع لکڻ تي دل جي محبت سان مبارڪون هجن
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا مبارڪون واقعي اوهان جون خدمتون تعريف لائق آهن
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ننڍڙي، پياري، سهڻي سنڌ دوست فاروق احمد سومري کي 1000 ليک ۽ 200 موضوعن پوري ڪرڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون ۔۔۔ قبول پون

هي دوست سنڌي انٽرنيٽ جي جهنگ ۾ ڪڏ ڏيندڙ هرڻ جيئان ڊوڙون پائيندو رهي ٿو ۔۔۔ ننڍڙي عمر ۾ پڪو پختو ذهن رکندڙ هي دوست اسانجي وچ ۾ هميشه رهيو آهي، پنهنجن پنهنجين ننڍڙين همٿ افزائين ۽ ڪارائتن مشورن سان پاڻ ملهائيندو رهندو آهي ۔۔۔ سندس جيڪا عمر آهي ان حساب سان ته چنچل ۽ شوخ هجڻ کپندو هيس پر هي سهڻو ننڍڙو ڀائڙو اخلاق ۽ اخلاص سان صبر ۽ سونهن سان سنڌي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ گهمندو رهي ٿو ۔۔۔

سهڻا ڀائڙا، اوهانجي خدمتن جو اسان وٽ ته ڪو معاوضو ناهي پر ها حب الوطنيءَ جو معاوضو ڪير ڏئي به ته ڪيئن ڏي ۔۔؟؟؟

بس اسان طرفان پپيون، پيار ۽ سلام قبول ڪندا۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سائين سليمان وساڻ توهان جي وڏي مهرباني جو مون کي ناچيز کي ڀيٽا پيش ڪئي مهرباني توهان جي
سائين نثار ابڙي۔سائين مجيب سائين عبدالرحيم ۽ ادا يونس ملڪاڻي توهان جي وڏي مهرباني
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا فاروق هڪ ڏاهو ۽ سلڇڻو انسان آهي سندس سنڌي ٻولي ۽ سنڌين سان ڪافي محبت اٿس اسانجي طرفان به ڀا کي مبارڪباد
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ننڍڙي فاروق جي ڪوششن ۽ محنتن کي ڏسي مون کي پنهنجو ننڍپڻ ياد ايندو آهي۔۔۔ سندس سنڌي ٻولي کي اڳتي وڌائڻ جا جذبا به شاندار لڳندا آهن۔۔
يقينن هن عمر ۾ ڪمپيوٽر گيمز بجاءِ سنڌيت طرف لاڙو ثابت ڪري ٿو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جو مستقبل شاندار آهي۔۔۔
بلاگنگ طرف سندس جستجو مون کي به مجبور ڪيو آهي ۽ جلد ئي سنڌ سلامت طرفان پنهنجي خاص رڪنن کي سنڌ سلامت طرفان بلاگ ٺاهڻ ۽ انهن کي اڳتي وڌائڻ جي سکيا ڏني ويندي۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

مهرباني ادا رشيد ۽ ادا عبدالغني ڀيٽا پيس ڪرڻ جي
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا فاروق سومرو صاحب اسلام عليڪم۔الله پاڪ شل اوهان کي بري نظر کان بچائي۔هن ننڊي عمر ۽ ٿوري وقت ۾ 200 موضوع ۽ هزار ليک هن فورم تي چٽڻ ڪا مزاق واري ڳاله نه آهي۔شابس آهي اوهانکي جو پنهنجي تعليمي سرگرمين مان وقت ڪڍي هن فورم کي پنهنجي خوبصورت ۽ معلوماتي ليکن سان سنوريندا رهندا آهيو۔هميشه خوش رهو۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا فاروق سومرو صاحب کي 1000 تحريرون ۽ 200 موضوع مڪمل ٿيڻ تي واڌايون ۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

مهرباني سائين غلام ميمڻ ۽ عدالواحد قرب
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا فاروق سومرو توهان کي اسان جي طرفان مبارڪون ۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي فاروق سومرو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا فاروق توهان کي مون فقير طرفان به لک لک واڌايون

توهان جي اهڙي محنت جاري رهي ته فورم هڪ ڏينهن ترقين جي بلندين تي هوندو

توهان جهڙي دوست جي محنت کي سلام اهي ادا

جاري رکجو

سدائين گڏ
 
Back
Top