مجيب سنڌي ڪورائي
سينيئر رڪن
ڏوٿيئڙن جي ڏيھ جو شاعر نظر پياسي
. مجيب سنڌي
هي سنڌ جي ڀلاريءَ ڀونءِ سڄي ئي هيرن جي کاڻ آهي ، شعر ۽ ادب جي حوالي سان مالا مال آهي ، اسان جو سنڌ دوست يار پياسي نظر چانڊيو به هيرن جي کاڻ ۾ هڪ هيرو آهي جيڪو سٻاجهو سادو سچو ۽ سيبتو شاعر آهي ، جنهن کي پرائي ڏيھ ۾ به پنهنجا سنڌ وارا سانگي ۽ جهانگي ناهن وسريا ، نظر پنهنجي هر شعر ۾ پنهنجي ماروئڙن کي ياد ڪري ٿو ۽ پنهنجي سڪ سچائي جو اظهار ڪري ٿو ، اڄ ڪلھ جي نوجون شاعرن کي ڏسبو ته پنهنجن محبوبن جو پيا ذڪر ڪندا ، پر نظر پياسي کي ڏسنداسين ته هو پنهنجي ماروئڙن جو ذڪر پيو ڪندي نظر ايندو ، جنهن جو پڪو ثبوت مرحوم عبدالرحمان مغل ( سرمد سنڌي ) احمد مغل ۽ ٻين سنڌي فنڪارن جي مڌر آوازن ۾ ڳايل سندس شاعري آهي ۽ شاعري جو مجموعو “ ڏوٿيئڙن جو ڏيھ “ جيڪو سريلي راڳي احمد مغل مون کي قرب منجهان تحفو ڏنو،
ڏوٿيئڙن جو ڏيھ ۾ جيڪا شاعري آهي سچ پچ ته اها ڪيڏاري مثل لڳي جيڪا سنڌ ۽ سنڌين جي ترجماني ڪري ٿي ،
عڪس يادن وري ساڳيا سپنا ڏنا
روز ساڳيو حشر ڪجھ ٿئي ئي نٿو ،
انهن سٽن کي پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته هن جو پنهنجو هڪ الڳ ٿلڳ انداز ۽ اسلوب آهي ، هن جي شاعري ۾ بلڪل نئون رنگ سمايل آهي ، هن وٽ نوان نوان استعارا ۽ تشبيهون آهن ، ٻين کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪرڻ لئه هي لفظن سان راند ٿو کيڏي ۽ شعر ٺهي ٿا پون ،
هن ياد آهي ته صرف پنهنجي ديس واسين جي ۽ سنڌ جي گهٽين جي جيڪي هن کي سعودي عرب ۾ تڙپائن پيون ۽ اهڙيون سٽون لکرائن پيون ، هن کي پنهنجي ڌرتي جي هر شي اکين ۾ آهي ، ڪنڊيون ، ڪرڙ ، کٻڙيون سڀ منظر هن جي اکين جي آڏو ڦرندا رهن ٿا ۽ تانگھ وڌي هن کي ستائي پئي ، پنهنجي ٿر جي مسڪين ماروئڙن جون يادون هن جي دل ۾ اڃا به آهن ، هڪ سچي شاعر وٽ هن پوري دنيا ۾ ڌرتيءَ ماءُ کان وڌيڪ مقدس ٻي ڪا به حقيقت نه آهي ، شاعري هر قوم کي جاڳائي ٿي ، جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ٿي ، جيئن استاد بخاري چوي ٿو ته سونهن ، سچ ۽ شاعري جو پاڻ ۾ اهڙو تعلق آهي جهڙو چنڊ ، سج ۽ روشني جو ، جهڙو سنگيت ، گيت ۽ ناچ جو ، جهڙو جواني ، جذبي ۽ پيار جو ، پر پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن کان الڳ رهي به ڪو شاعر يا تخليقڪار عظيم نٿو بڻجي سگهي ، ڌرتي ۽ سرتي ٻه الڳ شيون آهن ، پر ڌرتيءَ تي جنهن ڪونه لکيو اهو ڪهڙو شاعر آهي ، جيڪو جتي رهي ٿو اتان جي ڳالھ نٿو ڪري ، ڌرتيءَ به هڪ ماءُ آهي جنهن اسان کي پنهنجي گود ۾ جاءِ ڏني ، اهڙي طرح نظر پياسي جي شاعري ۾ به قومي رنگ ڀرپور جهلڪ ڏيندي نظر اچي ٿو ،
جيئڻ سکيا هون ، مرڻ سکيا هون
اڙي او ظالم وڙهڻ سکيا هون
گهڻو اسان ڀي ڪيو صبر آ
حقوق پنهنجا وٺڻ سکيا هون
ڌرتيءَ جي دشمن کي للڪاريندڙ سٽون واقعي به ويٽنامي شاعر وانگر کيسن ۾ رکڻ جهڙيون آهن ، ائين وري ديس جي غدارن کي للڪاريندي چوي ٿو ،
او رئيس وڏيرا تون منهنجو نه ڪڏهن ٿيندين
تون ته غدار آهين غدار سدا رهندين
هن پنهنجي ڌرتي کي ۽ پنهنجي ڌرتي وارن کي سجاڳ ڪرڻ وارين سٽن لکڻ کان سوءِ پنهنجي سرتيءَ تي به لکيو آهي .
28 مئي 2005ع تي
روزاني سوڀ اخبار ۾ ڇپيل