• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توکان ننڊ بغير ڇو آئي ۔۔۔ غزل ۔ مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
غزل ۔ مجيب سنڌي

تنهنجي من ۾ مير ڇو آئي
ائين اچانڪ ڦير ڇو آئي

آئون گمانن ۾ ويڙهيل هان
سونهن ڪري آ دير ڇو آئي

سڀني جا هيئن هوش اڏي ويا
گوري پائي ڇير ڇو آئي

روشن رشتن جي هئي دنيا
آهي کڻي انڌير ڇو آئي

مجيب سپنن ۾ ٿو سوچي
توکان ننڊ بغير ڇو آئي
 
جواب: توکان ننڊ بغير ڇو آئي ۔۔۔ غزل ۔ مجيب سنڌي

مجيب سپنن ۾ ٿو سوچي
توکان ننڊ بغير ڇو آئي


سائين گهڻو سوچڻ ۽ ٿڪاوٽ کانپوء آرام ته ايندو

باقي آهي سوچڻ جي ڳالهه ته محبوب کانسواء ننڊ ڪيئن آئي ۔۔۔۔۔ خوبصورت شاعري
 
جواب: توکان ننڊ بغير ڇو آئي ۔۔۔ غزل ۔ مجيب سنڌي

واه ادا واه بهترين جاري رکو باقي اسان ته سنڌ سلامت تي آن لائن ٿيڻ لاء سڪون پيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: توکان ننڊ بغير ڇو آئي ۔۔۔ غزل ۔ مجيب سنڌي

تما خوبصورت شاعري آھي

پرمنھنجي ناقص ذھن مطابق
مير ڇو آيو،
ڦير ڇو آيو،
انڌير ڇو آيو ٿيندو
 
جواب: توکان ننڊ بغير ڇو آئي ۔۔۔ غزل ۔ مجيب سنڌي

محمد سليمان وساڻ
جان عالم
رياض حسين گلال
۽ عبدالواحد سومرو
اوهان سڀني دوستن جا قرب ، اوهان منهنجي غزل تي را ڏني ۽ پسند ڪيو ،
 
جواب: توکان ننڊ بغير ڇو آئي ۔۔۔ غزل ۔ مجيب سنڌي

تما خوبصورت شاعري آھي

پرمنھنجي ناقص ذھن مطابق
مير ڇو آيو،
ڦير ڇو آيو،
انڌير ڇو آيو ٿيندو

سائين سومرو صاحب
ماشاءَ الله اوهان بهترين نقاد آهيو، يقينن اسان جي پياري دوست مجيب صاحب جن اوهان جي ٽيڪا ٽپڙي تي توجه ڏنو هوندو.
سائين مجيب صاحب اوهان به جاري رکو، تمام سٺي ڪوشش...
 
جواب: توکان ننڊ بغير ڇو آئي ۔۔۔ غزل ۔ مجيب سنڌي

واه ادا واه بهترين جاري رکو باقي اسان ته سنڌ سلامت تي آن لائن ٿيڻ لاء سڪون پيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مجيب سنڌي ته شاعريءَ ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي ۔۔۔ ڪجهه جڳ بيتي ڪجهه آپ بيتي بيان ڪري شاعر ويٺا اسانجي جذبن کي جوان رکن ۔۔۔ شابس هجين پر يار جان عالم اوهانکي آنلائين ٿيڻ ۾ ڪا تڪليف آهي ؟ يا ڪو مسئلو، ممڪن بيان ڪيو ته ڪجهه سوچجي ۔۔۔

لک ٿورا
 
Back
Top