يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
پنهنجي ڄمار جو وڏو حصو ماڻهن جي مُک تي مرڪ پکيڙي، آخري عمر ۾ گهر جي ڪنڊ ۾ ساهه جي بيماري سان جهيڙيندڙ سنڌ جو ڪاميڊي ڪِنگ نٿو ڪهيري به گذاري ويو. بيماري ۽ مفلسي جو جهان اکين سان ڏسندڙ هي فنڪار ويچارا، پنهنجي دل جي دردن کي لڪائي ماڻهن جي وندر ۽ تفريح جو وکر دنيا جي بازار ۾ مرڪن ۽ ٽهڪن جي صورت ۾ وکيرين ٿا ۽ موٽ ۾ سندن جهريل اجها ۽ پيٽ بکايل ٻچا ان اميد ۾ سندن منتظر هوندا آهن، ته شايد اڄ سندن فن کي ماڻهن جي سٺي موٽ پلئه پوندي ۽ هو نما شام ويلي لهندڙ سج جيان معصوميت سان سندن راهه تڪين ٿا. نٿو ڪهيري گذريل پنجن ڏهاڪن کان ميلن، ملاکڙن، شادين ۽ محفلن ۾ ٽهڪ وکيري ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪندو آيو، پر گذريل اربع ڏينهن شام جو سندس گهر جي اڱڻ تي انڌاري شام جو کٽ تي پيل لاش سندس گهر ڀاتين کي روئاڙڻ لاءِ ڪافي هو. ڪيسٽ ڪمپنين کي 400 کان مٿي ڪيسٽون ڏيندڙ نٿو ڪهيري جي جنازي ۾ 30 کن ماڻهن مس شرڪت ڪئي. غريبن جي گهرن مان نڪتل جنازا الائي ڇو ايترا ڳرا ٿي ويندا آهن، جو ماڻهن جي ميلي ۾ هي سنڌ جا املهه ماڻڪ، جن جي حياتي ۾ ته سار نٿي لڌي وڃي پر مئي پڄاڻان به ڪنهن وڏي ماڻهوءَ ۽ فنڪارن جي سرپرستي ڪرڻ جي دعويدار ادارن کي تڏي تي اچڻ، توڙي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ جي مهلت نٿي ملي. مفلسي جي زندگي سان ويڙهه وڙهندڙ نٿو ڪهيري پنهنجي پويان چار بيروزگار نوجوان پٽ ڇڏي ويو آهي، مگر کين رهڻ لاءِ اجهو به نه آهي. هاڻوڪي ٻوڏ ۾ سندس گهر، جيڪو بدين جي کوسڪي روڊ تي ڪچي آبادي ۾ ڪافي جهڪاڻ ۾ آهي، اهو جڏهن جهري پاڻي هيٺ اچي ويو، تڏهن هو پنهنجا ٻچا وٺي روڊ ڀرسان اچي ويهي رهيو. بدين شهر جي وچ ۾ هئڻ باوجود ڪنهن به امدادي اداري يا سرڪار جي قدرتي آفتن کان بچاٰءَ جي منصوبن جي ڌڻين جي هن تي ڪا به نظر نه پئي. نٿو ڪهيري جيتوڻيڪ انهن وڏين وڏين عمارتن ۽ ان جي ڀرسان ٺهيل عاليشان روڊن تي ڪافي چڪر ڏنا، مگر بدين جي جيم خاني ۾ پيل هزارن جي تعداد ۾ ٽينٽ سندس سردي ۾ ٿڙڪندڙ ٻارن جي اوٽ ۽ پناهه لاءِ نه ملي سگهيا. ماڻهن جي هجومن ۾ به، حياتي ۾ ئي اڪيلو ٿي ويل هي شخص انهن ڪردارن جي جوڙ جو هو، جيڪي پنهنجي فن جي دنيا ۾ اسو شيدي، ملڪ انوکو، محمد فقير مسخرو وغيره جي نالي سان سڃاتا ٿي ويا. جيستائين اهي حياتيءَ هئا، تيستائين هو پنهنجي سڃاڻپ پاڻ هئا، جڏهن هو هيءَ دنيا ڇڏي ويا، تڏهن سندن پوئنيرن جي ڪنهن به سار نه لڌي. نٿو ڪهيري سان جيئري جيڪي اسان جي سرڪار مهربانيون ڪيون، اهي ته سڀني کي ياد آهن، مگر هن جي وڃڻ کان پوءِ سندس پوئنيرن کي ته اجهي ۽ لٽي جي مسئلي کان آجو ڪري سگهجي ٿو. ڇا سرڪار وٽ سندس بيروزگار پٽن لاءِ هڪ پٽيوالي جي نوڪري به ناهي؟ جنهن سان هو پنهنجو وقت صحيح گذاري سگهن.