فيسبوڪ جي دوست مٺل جسڪاڻي جي فرمائش تي شيخ اياز جي بيت جي ٺاهيل ڊزائن حاضر آهي۔ مان به ته تنهنجي آرسي، مون ۾ ئي ڏس پاڻ، اکيون اکين ساڻ ، ڳالهائن ٿيون ڳجهه ۾
جواب: اکيون اکين ساڻ ، ڳالهائن ٿيون ڳجهه ۾ اکين کي آهن عجب جيهون عادتون۔ اکين ئي اکين ۾ ڪيل ڳالهين جا راز ڪير ڄاڻي ۔۔۔ اصل اکين سان ڪيل ڳالهيون دل ۾ ائين جذب ٿي وينديون آهن جيئن پاڻي ٿئي واريءَ ۾ ۔۔۔ ۽ مٿان وري زبان سان چيل لفظ ممڪن سمجهه ۾ نه به اچن پر اکڙين جي ٻولي ڪير نه سمجهي ۔۔۔؟ شيخ اياز جو ننڍڙو پر تمام سهڻو بيت ۽ مٿان وري سليمان جي پيشڪش، مائيءَ جون اکيون ۽ حجاب ۽ ڪارا رنگ ۔۔۔۔ اصل مڏي ڪاتي تعريف ڪنهن ڪنهن جي ڪجي” اياز جي يا سليمان جي ۔۔۔ بس واه واه
جواب: اکيون اکين ساڻ ، ڳالهائن ٿيون ڳجهه ۾ تعريف ڪجي رب جي جنهن اهي اکيون ٺاهيون ۽ تعريف ڪيو اياز جي جنهن اهڙيون سٽون تخليق ڪيون۔۔۔۔۔۔۔ سائين نثار ٿورا
جواب: اکيون اکين ساڻ ، ڳالهائن ٿيون ڳجهه ۾ هاهاها ۔۔۔۔ ادا عرس ويل آهي ۔ ڳوٺ تنهنڪري هي ونڊ مون ئي موڪليو۔