هاءِ اچي پيو اڀاڳو نڀاڳو مهينو اپريل 4 اپريل 1979 ع جو ڪارو ڏينهن ، جنهن ڏينهن تي هِن خطي جي غريب عوام کي زِبان ڏيندڙ اڳواڻ کي مُحسن ڪش اداري بيدردي سان ڦاهي چاڙهيو ۔ پهرين اپريل تي 1982 تي اسانجي سنگت ۾ وري ماتم برپا ٿيو جڏهن سائين پيرحُسام الدين راشدي جي لاڏاڻي جي خبر لاڙڪاڻي ۾ باهه وانگر پکڙي ۔ 25 اپريل 1995 تي ڪوئيٽه جي ڇانوڻي ۾ تڏو وڇايوسين سڄڻن سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي جو اطلاع ڏنو ۔ ۽ اپريل مهيني ۾ ڪي ٻيا بزرگ ڏاها به ڪافي اسان کي نڌڻڪو ڪري ويا هوندا ۔
جواب: اڀاڳو مهينو اپريل بيشڪ ادا سنڌ جي تاريخ جي هن صديءَ جون تمام عظيم هستيون آهن 1۔ جي ايم سيد 2۔ ذوالفقار ڀٽو 3۔ پير حسام الدين راشدي انا لله وانا اليه راجعون سڌ مردم خيز زمين رهي آهي، هاڻ به هٿ مٿي آهن ته سنڌ جي ڇوٽڪاري جي راهه جا ڪي ڏاها ڪي جنرل ڪي سورهيه پئدا ٿين ته اوندهه مان جان آزاد ٿئي۔ لک ٿورا ياد ڏيارڻ جا۔ سچ پڇو ته اسانجي ٽهيءَ جون اهي ٽي فوتگيون اسانجي اندر جا وڍ آهن، ڪي يادون ڪيتريون نه ڏکوئيندڙ هونديون آهن۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اڀاڳو مهينو اپريل بيشڪ اپريل سنڌ لاء اڀاڳو رهيو آهي۔ هن مهيني ۾ ڪجهه هيٺيون اهم شخصيتون به اسان کان وڃڙيون آهن ۔1 شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 4 اپريل 1979 2۔ جي ايم سيد 25 اپريل 1985 3۔ علامه آء آء قاضي 13 اپريل 1968 4۔ طارق اشرف 14 اپريل 1992 ياد رکو ته هن ئي مهيني ۾ وري ڪجهه عظيم سنڌين جي پيدائش پڻ ٿي آهي علامه آء آء قاضي عابده پروين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ نذير عباسي آغا سليم مشتاق ڦل