شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو- سنڌ جو قابل فخر فرزند

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو- سنڌ جو قابل فخر فرزند
    تاج جويو

    شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو نالو عمر هو ۽ هن 25 مارچ 1896ع تي محمد خان دائودپوٽي جي گهر ۾ ٽلٽي، تعلقي سيوهڻ (ضلعي دادو، موجوده ڄام شوري) ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي نهايت سلجهيل ۽ سياڻو هو. ابتدائي تعليم سنڌي پرائمري اسڪول ٽلٽيءَ مان 1903ع کان 1910ع تائين حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ انگريزي تعليم اي. وي اسڪول ٽلٽيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد نوشهري فيروز مدرسي ۾ 1915ع کان 1917ع تائين پڙهيو. مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان شاندار پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر کڻڻ تي ايگزيبيشن انعام کٽيائين. 1917ع ڌاري هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ بي. اي (فارسي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، کيس ڪاليج جي ڊسڪائونٽ فيلوشپ 60 روپيا ماهوار حاصل ٿي. 1921ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جو امتحان ڏنائين ۽ فرسٽ ڊويزن ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين، جنهن تي کيس 1923ع ۾ چانسلر ميڊل حاصل ٿيو. 1924ع ڌاري ڪئمبرج يونيورسٽي لنڊن جي ايمبونيل ڪاليج ۾ داخلا وٺي، ٽي سال اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. هن ’عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر‘ عنوان هيٺ انگريزيءَ ۾ مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ جڏهن وطن واپس آيو ته کيس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتي 1927ع کان 1930ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 1928ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان فيلوشپ لاءِ نامزد ٿيو. 1930ع کان 1939ع تائين ڊاڪٽر صاحب کي اسماعيل ڪاليج انڌيري، بمبئيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. 1939ع کان 1950ع تائين ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عهدي تي فائز ٿيو. 1940ع ۾ کيس اعليٰ علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور شمس العلماءِ (عالمن جو سج) جو خطاب ڏنو ويو.

    ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو 1950ع کان 1955ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر رهيو. ڊاڪٽر صاحب 1956ع ۾ رٽائرمينٽ وٺي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. 1957ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر دائودپوٽو فواد يونيورسٽيءَ جو مراسل، پاڪستان ايران ثقافتي انجمن جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ جو باني ميمبر پڻ رهيو.

    هن عربي توڙي سنڌيءَ ۾ ڪيترا اهم ڪتاب تحقيق جي جديد بنيادن تي ايڊٽ ڪيا ۽ لکيا، جن ۾: (1) ’شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، (2) ’عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو ڪلام‘، (3) ’سنڌي نظم ۽ نثر‘، (4) ’بيان العارفين‘، (5) ’هندستان ۾ عام تعليم‘، (6) ’ابيات سنڌي‘ (عربي شرح سميت) وغيره شامل آهن.

    ڊاڪٽر دائودپوٽي ’شاهه جي رسالي‘ تيار ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي، خاص ڪري رسالي ۾ موجود عربي لفظن، اصطلاحن، قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ جي سلسلي ۾ وڏي مدد ڪئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، دائودپوٽي صاحب جو استاد هو، ۽ هن شاهه جي رسالي ۾ مدد ڪرڻ تي سندس شڪر گذاري پڻ ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪلام، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۽ ملفوظات ’بيان العارفين‘ تي جديد قسم جي تحقيق ڪئي. ’ابيات سنڌي‘ (ڪلام مخدوم محمد زمان لنواري) جي عربيءَ ۾ شرح به لکي. ان کان سواءِ شاهه جو رسالو به ترتيب ڏنو، جنهن جي 13 سرن تائين ڪم ڪري سگهيو، جنهن کي اڳتي هلي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ مڪمل ڪيو. ڊاڪٽر دائودپوٽي ’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي‘ به لکي، جنهن کي سندس وفات کان پوءِ سندس بيگم خديجه خانم دائودپوٽي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جي مضمونن جا ڪتاب ’مضمون ۽ مقالا‘ (ثقافت کاتي) ۽ ’سون برابر سڳڙا‘ (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي) ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.

    ڊاڪٽر دائودپوٽي 1958ع ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪئي. ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران حيدرآباد ۾ سندس نالي تي ’شمس العلماءِ دائودپوٽا لائبريري‘ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا حيدرآباد جي سڀ کان وڏي پبلڪ لائبريري آهي. هن عالم ۽ تعليمدان تي سنڌ کي صدين تي فخر حاصل رهندو. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، سنڌ کي هن عالم جي جنم ڏينهن تي مبارڪون، جنهن اهڙو لاکيڻو لعل پيدا ڪيو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو- سنڌ جو قابل فخر فرزند

    ادا توهان جي محنت قابل تعريف آهي۔ دادو جي ڇا ڳالهه ڪجي ،بقول استاد بخاري ته دادو سنڌ جي دل آهي، ( پنهنـــــــــــــــــــــ ـجي دل جي نالي
    منهنـــــــــــــــــــــ ــجي دل دادو آهي
    دادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهي
    ۽
    سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.“ دادو سنڌ لاڙڪاڻه گزيٽيئر موجب 1843ع ۾ قائم ٿيو۔ هي تعلقو پهرين ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو 1901ع ۾ دادو تعلقي کي ڪراچي مان ڪٽي ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ پوء 1931ع ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ دادو کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو، ۽ دادو ضلعي کي ست تعلقن ۾ ورهايو ويو۔ دادو، جوهي ، ميهڙ، خيرپورناٿن شاه ، سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولا خان ( محال ڪوهستان ) دادو ضلعي جي اتر ۾ ضلع لاڙڪاڻو، ڏکڻ ۾ ضلع ٽٽو، اولهه ۾ کير ٿر جبلن جون قطارون ۽ اوڀر ۾ نوشهروفيروز، نواب شاه، ۽ حيدرآباد اچي وڃن ٿا، 2004ع ۾ سابقه سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ دادو کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي، ۽ دادوء جي ٽن تعلقن سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولاخان کي گڏي ڪري هڪ الڳ ضلعو، ڄام شورو ضلعو بنايو ويو آهي۔ دادو شهر لاء اهيو چيو وڃي ٿو ته هي شهر سورهين صدي جي وچ ڌاري آباد ٿيو هوندو، هن شهر تي نالو سيد دادو شاه عرف دادن شاه جي نالي تي رکيو ويو آهي، ۽ دادو کي پهرين دادن شاه جا ڀاڻ ڪري سڏيندا هئا۔ ۽ دادو شهر جي آدمشماري تقريبن 140000 ٻڌائي وڃي ٿي، ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۔جهڙوڪ ۔۔۔ علامه آء آء قاضي، ، محترم سائين غلام مرتضه شاه جي ايم سيد ، تاج محمد صحرائي، علڻ فقير محسن ڪڪڙائي ، احمد ّخان مدهوش، ڪماالدين سولنگي، عبدالله شاه ، لياقت جتوئي، عبدالحميد جتوئي، منظور سخيراڻي، پير الاهي بخش، پير مظهرالحق، ڊاڪٽر قربان جهتيال، سڪينه سمون ٽي وي اداڪارا ، محمد سليم سولنگي، ماستر محمد اسماعيل وگهيوولد محمد قاسم وگهيو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد بخش سميجو ٽي وي پروڊيوسير ، نور محمد شاه لاشاري ٽي وي اداڪار ، سيد ثابت علي شاه سنڌي مرثئي جو پهريو شاعر، عوامي شاعر ۽ عظيم انسان احمد شاه استاد بخاري جناب علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه رح شامل آهن علامه دائود پوٽه رح جي شخصيت منهنجي پسند جي شخصيت آهي۔ سندس لکيل آتم ڪهاڻي پڙهي ڪري مون ڪراچي جو رخ ڪيو هو ۽ سندس محنتون تجربه ڏسي ڪري پاڻ ۾ همت پيدا ڪئي هئم، ۽ اچي ڪراچي ۾ محنت شروع ڪئي هئم، الله جو شڪر آ جو رب پاڪ ان محنت جو ڦل عطاء ڪيو، ۽ مان عزت جي روزي روٽي ڪري رهيو آهيان۔ ادا ڊاڪٽر دائودپوٽه جون ڪجهه تصويرون آهن اهي ۽ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ڏانهن علامه ڊاڪٽر نبي بخش جولکيل خط پڻ هتي ڏئي رهيو آهيان اميد ته ڳالهه پسند ايندي۔۔ ڊاڪٽر دائودپوٽه هون ته ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن مگر سندس مقالن ۽ مضمونن تي لکيل هي ڪتا هت پڻ ونڊ ڪجي ٿو، جنهن کي ڪلڪ ڪري توهان به مضمون ۽ مقالا پڙهي سگهو ٿا۔ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه جنهن پنهنجي پڙهائي لاء ان وقت جي وڏن ماڻهن جون کٽون واڻي ڪري بتيون صاف ڪري علم حاصل ڪيو ۽ پاڻ وڏين عهدن تي ته پهتو مگر سندس اولاد به وڏين عهدن تي پهتو ، سندس پٽن مان هڪ پٽ ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو هڪ آهي، ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو: شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر -بن- محمد دائودپوٽي جو وڏو فرزند ، 14 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو . شروعاتي تعليم سينٽ پئٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين . ڊي . جي . سنڌ ڪاليج مان پري انجنيئرنگ ۾ انٽرميڊيئيٽ پاس ڪيائين . 1950ع ۾ پاڪستان ايئرفورس ۾ شامل ٿيو . چئن سالن جي تربيت لاءِ رايل آسٽريلين ايئرفورس ۾ موڪليو ويو ، جتان فلائنگ انسٽرڪٽر ۽ فايرليڊر جا سرٽيفڪيٽ ورتائين . وطن واپس اچي سرگوڌا ۽ پسرور ۾ جنگي اسڪواڊرن جي اڳواڻي ڪيائين . کيس 1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ ۾ ” ستاره جرات “ جو اعزاز مليو . 1970ع ۽ 1971ع ۾ پاڪستان جي هوائي صلاحڪار جي حيثيت ۾ نئين دهليءَ ۾ مقرر ٿيو . وطن واپس اچي هوائي بچاءَ جي ڪمانڊر جي حيثيت سان ڊائريڪٽر آف آپريشن ۽ ريسرچ مقرر ٿيو . 1975ع ۾ رايل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز ، لنڊن ۾ شرڪت ڪيائين . 1976ع ۾ پاڪستاني فضائي فوج جي رفيقي ايئربيس ( شور ڪوٽ ) جو بيس ڪمانڊر ۽ پوءِ سرگوڌا جو ڪمانڊر رهيو . ايئر هيڊ ڪوارٽر ، پشاور ۾ اسسٽنٽ چيف آف ايئر ، ۽ پوءِ چڪ لالا ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين . 1981ع ۾ ايئر وائيس مارشل بڻايو ويو ۽ سول ڊفينس جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو . 1982ع ۾ زمبابوي جي هوائي فوج جي ڪمانڊر ۽ چيف آف ايئراسٽاف طور ٽن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنائين . کيس زمبابوي جو ” آرڊر آف ميرٽ “ مليو . 31 جنوري 1986ع تي پي . آءِ . اي جو چيئرمئن مقرر ٿيو ، تنهن کان پوءِ رٽائر ٿيو . حڪومت پاڪستان طرفان ” ستاره امتياز “ سان نوازيو ويو . ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽي کي 18 آڪٽوبر 1999ع تي سنڌ صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو . گورنريءَ جي عهدي تي فائز ٿيڻ کان اڳ هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو . 24 مئي 2000ع تي گورنر جي عهدي تان استعيفا ڏنائين . هن وقت ڪراچيءَ جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ رهي ٿو ۔


    [​IMG] [​IMG]


    خط موءرخ حيدر آباد 11،12،1957، جناب قبله ڊاڪٽر صاحب
    وعليڪم السلام و رحمت الله و برڪات و بعد ،
    اوهان جو خط موءرخ 8 فيبروري پهتو. اوهان جي پهرين خط جو جواب نه ڏيئي سگهيو آهيان. تنهن لاء معافي طلب آهيان. پنج ڇهه ڏينهن موڪل تي رهيس ۽ ان بعد ڪاليجن جي انسپيڪشن جي سلسلي ۽ مشغولي سبب هيء ڪوتاهي ٿئي وئي. اوهان جا احسان جو سراج المصله بابت گڏيل معلمات موڪليو. ان مدد جو شڪريو ادا ڪيو ويندو. سنڌي لغت کي پريس ۾ موڪلڻ توڙي پروف پڙهڻ وقت، ڪيترائي دفعا ڏسڻو پوي ٿو. لغت جي سلسلي ۾ جيتري ڌڻي توفيق ڏني هئي اوتري محنت ڪئي وئي آهي.البته ڪارڪن ۽ ڪاتب پنهنجي معيار موجب ئي ڳهن وهن ٿا. توهان ڪنهن بهتر ڪاتب رکڻ جو مشورو ڏنو آهي.مگر ماڻهو ملڻ مشڪل آهن.ڪتابت جون غلطيون به درست ٿي سگهنديون.اوهان اصولي طور جيڪي اضافا ڪندا سيئي خاص طور مفيد ٿيندا.اوهان ڪافي تنبيهون ۽ ڏوراپا لکيا آهن. مون کي اوهان سان ڪدورت ڪانهي باقي ــــــــــــــــــــــــــــ من يوسوس في صدورالناس ـ جو علاج ئي ڪونهي. علامه قاضي صاحب جن سان محبت ـــ الحب الله ـــ جي جذبي تي مبني آهي نه ذاتي غرض جي بنياد تي. مون تي قاضي صاحب جن جا اوترائي احسان آهن، جيترا اوهان يا ٻين بزرگن جا آهن. منهنجي ناقص خيال ۾ علانه صاحب جن انهن ٿورن شخصن مان آهن جي فيورس جي قطعن خلاف آهن
    قاضي احمد پنهنجي ڪئي جو پاڻ مالڪ آهي. آء نيڪ نيتي سان تسليم ڪريان ٿو ته علامه قاضي صاحب جن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ هن يونيورسٽي جي وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ هن يونيورسٽي اڃان سندن خدمتن جي محتاج آهي. انهيء جذبي جو اهو مقصد نه آهي ته آء ڪنهن بزرگ جي خلاف آهيان.جاء خالي هجي ته ٻئي بزرگ لاء به ڪوشش ڪجي ها. اوهان اسان کان وڏا آهيو ۽ استاد جي حيثيت رکو ٿا. مگر ڪافي اهي ماڻهو جن توهان جي خوشامد ڪئي يا دلاسا ڏنا سي منافق آهن. سندن محبت توهان سان نه هئي پر سندن پنهنجي ذاتي غرضن سان هئي. سنڌين جا پاڻ ۾ نفاق اسا جي حقيقي مقام توڙي وقار جو خاتمو ڪندا.انهي حال تي البته افسوس ٿئي ٿو . ذاتي طور منهنجي طرف کان ڪنهن به زيادتي جو اوهان کي احساس هجي ته ان لاء تهدل سان بخشائيندس.باقي وچ وارن ماڻهن جون نيتون صاف نه آهن. انهن جي شر کان شل ڌڻي پناه ۾ رکي.
    مخلص نبي بخش
    (علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ )
    ڪتاب سڄڻ ساريندي ( ڊاڪٽر بلوچ جا لکيل خط) تان کنيل
    انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
     
  3. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو- سنڌ جو قابل فخر فرزند

    عظيم هستي، محنت سبب مقام ٺآهيائين

    سلام دائودپوٽو صاحب کي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو- سنڌ جو قابل فخر فرزند

    هائو، اهي چئبيون اٿئي قومي شخصيتون، جن جي علمي ڪاوشن سبب اڄ سنڌ ۾ ٿورو گهڻو سوجهرو موجود آهي، سنڌ هميشه سهڻا انسان پئدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڏات ۽ ذات مان سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت پئي ڪئي آهي ۔۔۔

    دائود پوٽي صاحب جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيل آهي ۽ جيستائين سنڌ ۽ سنڌي ٻولي رهندي دائود پوٽي صاحب جو نالو زنده رهندو

    لک ٿورا ادا سليمان ۔۔۔۔ دل خوش ڪري ڇڏيندا آهيو ۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تعليمدان ، اسڪالر ، عالم
    شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي
    جي ورسيء تي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي
    [​IMG]
     
  6. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    ڊاڪٽر علامه عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر علامه آ آ قاضي، ڊاڪٽر علامه نبي بخش خان بلوچ، مرزا قليچ بيگ، ۽ ٻيا کوڙ سارا محقق اسان سنڌين جو قومي ورثو آهن انهن کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جي ڏنل خزاني کي سنڀالڻ اسان جي ذميواري آهي۔
     
  7. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi


    سائين تاج صاحب جي مهرباني جو سليمان صاحب جا ٿورا جو اسان جي ڄڻ ته شڪايت ئي ختم ٿي وئي جو پنهنجي هن هيري کي ڀيٽا ڏيئي مان ڏنو اها ئي اسان جي سنڌي سماج جي زنده دلي آهي ۽ اورچائي آهي جو پنهنجن سنڌ جي سڄڻن کي ياد ڪري پيا فخر محسوس ڪندا آهيون ۽انهن جي رهنمائي ۾ آئندي جو استقبال ڪندا آهيون ۔۔۔ ٿورا ۽ مهربانيون لک لائق
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سنڌ سلامت تي جيترو فخر ڪجي اهو گهٽ آهي هي اسان جي سماج جي جوڙجڪ جو ۽ سنڌي ساهت کان وٺي هر موضوع ۽ اشو تي هڪ جامع ويهڪ فورم جي صورت ۾ آهي جنهن ۾ ڪئي انيڪ گڻ آهن جيڪي ٻين ويب سائيٽس تي بنه ڪين آهن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو (علامه صاحب جو فرزند)

    [​IMG]

    ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو: شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بنمحمد دائودپوٽي جو وڏو فرزند، 14 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. شروعاتي-تعليم- سينٽ پئٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مانپري انجنيئرنگ ۾ انٽرميڊيئيٽ پاس ڪيائين. 1950ع ۾ پاڪستان ايئرفورس ۾ شاملٿيو. چئن سالن جي تربيت لاءِ رايل آسٽريلين ايئرفورس ۾ موڪليو ويو، جتانفلائنگ انسٽرڪٽر ۽ فايرليڊر جا سرٽيفڪيٽ ورتائين. وطن واپس اچي سرگوڌا ۽پسرور ۾ جنگي اسڪواڊرن جي اڳواڻي ڪيائين. کيس 1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ ۾ستاره جرات“ جو اعزاز مليو. 1970ع ۽ 1971ع ۾ پاڪستان جي هوائي صلاحڪار جيحيثيت ۾ نئين دهليءَ ۾ مقرر ٿيو. وطن واپس اچي هوائي بچاءَ جي ڪمانڊر جيحيثيت سان ڊائريڪٽر آف آپريشن ۽ ريسرچ مقرر ٿيو. 1975ع ۾ رايل ڪاليج آفڊفينس اسٽڊيز، لنڊن ۾ شرڪت ڪيائين. 1976ع ۾ پاڪستاني فضائي فوج جي رفيقيايئربيس (شور ڪوٽ) جو بيس ڪمانڊر ۽ پوءِ سرگوڌا جو ڪمانڊر رهيو. ايئر هيڊڪوارٽر،-پشاور- ۾ اسسٽنٽ چيف آف ايئر، ۽ پوءِ چڪ لالا ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع ۾ ايئر وائيس مارشل بڻايو ويو ۽ سول ڊفينس جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1982ع ۾ زمبابوي جي هوائي فوج جي ڪمانڊر ۽ چيف آف ايئراسٽاف طور-ٽن- سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. کيس زمبابوي جو ”آرڊر آف ميرٽ“ مليو. 31 جنوري 1986ع تي پي. آءِ. اي جو چيئرمئن مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ رٽائرٿيو. حڪومت پاڪستان طرفان ”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو. ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽي کي 18-آڪٽوبر- 1999ع تي سنڌ صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. گورنريءَ جي عهدي تي فائز ٿيڻکان اڳ هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو. 24مئي 2000ع تي گورنر جي عهدي-تان- استعيفا ڏنائين. هن وقت ڪراچيءَ جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ رهائش اٿس


    هڪ دفعه مون علامه ڊاڪٽر دائود پوٽه جي گهر واري بيگم خانم خديجه دائودپوٽه کي خط لکيو هو ( جيڪا ان وقت اسلام آباد ۾ رهندي هئي، الله کيس جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطاء فرمائي آمين ) ته مون کي علامه ڊاڪٽر دائودپوٽه صاحب جي پنهنجي لکيل آتم ڪهاڻي گهرجي جيڪا مارڪيٽ م ڪو نه ٿي ملي۔ ۽ محترمه خانم خديجه صاحبه مهرباني ۽ احسان ڪري مون ڏانهن علامه صاحب جي لکيل آتم ڪهاڻي (جيڪا بقول محترمه جي ته اسان وٽ پنهنجي آخري ڪاپي هئي ) پوسٽ ڪري موڪلي مگر اها پوسٽ آفيس ۾ ئي گم ٿئي وئي۔ ۽ مون تائين ڪانه پهتي۔ جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڏک آهي۔
    [​IMG]
    .[​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سائين محترم ممتاز وگهيا صاحب وڏا ٿورا لک لائيق جو اسان جي هن سنڌ جي عظيم شخصيت جاندار انسان ڪلي پروفيشنل ماڻهو کي ياد رکيو جيڪو اسان سنڌي سماج جي هڪ مهان آدرشي انسان عمر بن محمد دائودپوٽه جي باقيات آهي جنهن به پنهنجون هنري ڪاريگرين ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ۽ سنڌ سان وفادار رهيو ۔۔توهان جا لک لائق قرب ڀا سدان خوش هجو جيئو جيئندا جهان ۾
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو

    پروين موسيٰ ميمڻ


    تعارف

    ”شمس العلما“ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو 25 مارچ 1896ع تي دادو جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسته الاسلام مان مئٽرڪ ڪيائين. ايم . اي کان پوءِ ڪئمبرج يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري وطن واپس موٽيو. سندن وفات 22 ڊسمبر 1958ع ۾ ٿي ۽ کين سندن وصيت مطابق ڀٽ شاهه تي شاهه صاحب جي روضي ڀرسان دفن ڪيو ويو.

    سنڌي ادب ۾ مضمون جي صنف سنڌي الف ب ٺهڻ کان پوءِ هڪدم رائج ٿي ويئي ۽ مرزا قليچ هن صنف جو باني هو، پر ٻين ڪيترن کيس هن فن ۾ هٿ ونڊايو جن ۾ ميران محمد شاهه اول، مولانا دين محمد وفائي، عثمان ڏيپلائي جن کان سواءِ اهم نالو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي صاحب جن جو آهي. سندن مضمون ۽ مقالا سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، پاڻ ڪيترن ڪتابن جا مصنف ۽ عالم هئا. کين مغربي ۽ مشرقي زبانن جي ادب جو ماهر مڃيو ويندو آهي. انگريزي، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ تي مڪمل دسترس هين. سندن ٻاهرين ملڪن جي مقالي جو موضوع آهن. ”عربي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ انهيءَ مان دائودپوٽي صاحب جن جي عربي ۽ فارسيءَ جي ڄاڻ جي واضح خبر پوي ٿي. ڊاڪٽر صاحب مختلف هنڌن تي پروفيسر رهيو ۽ سنڌ مدرسته الاسلام جو پرنسپال پڻ رهيو. سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڊي پي آءِ (ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن) مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ سنڌ ۽ اولهه پاڪستان ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿيو.

    درسي ڪتابن ۾ مضمون

    ڊاڪٽر صاحب جن درسي ڪتابن تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو. سندن خيال مطابق سنڌ ۾ درسي ادب بهترين هئڻ گهرجي. سندن شاندار مقالا ۽ مضمون نصاب ۾ شامل آهن. ”سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب“ ۾ پاڻ سنڌي زبان جي قدامت و قديم شاعري ۽ شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام جي باري ۾ تفصيل ڏني اٿن. مختلف ادبي دؤرن جي باري ۾ ذڪر ڪري سنڌي ادب ۾ هيستائين ٿيل ترقيءَ جو جائزو پيش ڪيو اٿن. ”باران رحمت“ ڊاڪٽر صاحب جو بارش پوڻ جي ڪيفيت تي ثقيل ۽ ڏکين لفظن ۾ سينگاريل مسجع سنڌيءَ ۾ لکيل آهي. ”باران رحمت“ مضمون ”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“ ڪتاب ۾ ڏنل آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي طرفان بي اي جي نصاب ۾ شامل آهي. هن مضمون ۾ فارسي شعر پڻ آهن ته فارسي ۽ عربي اڪيچار لفظ پڻ آهن. بارش جي ڪيفيت کي تمام سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي مضمون ۾ ”باران رحمت“ بهترين مضمونن ۾ شمار ٿئي ٿو. ”سچ آهي ته هيءَ خوشي مدام نه آهي، يار جو وصل پابند نه آهي، مجازي دوست وانگي دلبر حقيقي به خفا جي جلبات ۾ مخفي آهي، يعني پنهنجي عاشق صادق تي مهر جي نظر ڪري ان جي صدق ۽ لنو ڏسي پرده کان منهن ٿو پسائي.“

    تصنيفات

    ڊاڪٽر صاحب ڪئين مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. انسان ڪامل شاهه لطيف جي نظر ۾، شاهه جو صوفياڻو شعر، شاهه ۽ رومي، شاهه جي تصوير، ڀٽ تي ڀيرو، شاهه کان اڳ جا شاعر، سنڌي شاعري سنڌي شعر، سنڌي ادب جي تاريخ، ادبي ذوق، شيخ عبدالرحيم گروهڙي، بيڪس سنڌ جو مشهور شاعر، شاهه ڪريم شريعت، طريقت جو روشن ستارو، قاضي قادن، خواجه زمان، آخوند لطف الله، عيد الفطر، حج، عورت ۽ اسلام، باران رحمت، برٽن صاحب جي سنڌي ادب تي نظر وغيره سندن ٻولي سليس ۽ با محاوره آهي پر ڪجهه هنڌن تي فارسي ۽ عربيءَ جو استعمال آهي. دائودپوٽي صاحب جن ڪافي ڪتاب لکيا پر هيٺيان ڪتاب مشهور آهن. سندن مقالو عربي شعر جو فارسي شعر تي اثر (انگريزيءَ ۾)، هندوستان ۾ عام تعليم (انگريزيءَ ۾) تاريخ معصومي (فارسيءَ ۾) چچ نامو (فارسي ۾)، شاهه جو رسالو (ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سان گڏ)، شاهه عبدالڪريم بلڙائي جو احوال، سرها گل (مهاڳ)، ابيات سنڌي، منهاج العاشقين، ڪلام گروهڙي، منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي، شاهه جو رسالو جيڪو پاڻ الڳ ترتيب ڏنائون. سو اڃان ڇپجي نه سگهيو آهي، پاڻ پوري زندگي علم و ادب جي حيثيت سان اعليٰ علم پرائي ”شمس العلما“ جو خطاب حاصل ڪيائون.

    پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“ ۾ لکن ٿا، ”بابا کي مدد ڏيڻ خاطر هنري ۽ جنڊي اسڪول ۾ داخلا ورتم، واڍڪي ۽ جنڊيءَ جي ڪم ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪيم جو کٽون، منجيون ۽ چيڪلا ٺاهي ويندو هوس ۽ اهي شهر جي هندن کي وڪڻي پيسا بابي کي پهچائيندو هوس، جنهن ڪري مون کي پڙهڻ کان ڪڏهن به ڪو نه روڪيائين.“ اڄڪلهه جي شاگردن کي دائود پوٽي صاحب جن جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. پاڻ پڙهڻ جي شوق ۾ هنر جا ڪم شام جي وقتن ۾ ڪري پئسن جي پورت ڪئي ۽ متان خرچ جي ڪميءَ سبب مائٽ پڙهائيءَ کان روڪي ڇڏين. ڊاڪٽر صاحب جن اڻ ورچ ۽ محنتي هئا. پيرين پنڌ اسڪول ويندا هئا. پنهنجي آتم ڪهاڻي انتهائي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان بيان ڪئي اٿن. سنڌ مدرسته الاسلام جي هاسٽل ۾ رات جي مانيءَ جو ذڪر هن ريت ڪيو اٿن. ”رات جو مانيءَ جو گهنڊ وڳو ۽ سڀ ڪو ڊائنگ هال ڏي ڀڳو، ان وقت مانيءَ جا ٽي قسم هئا. غريب، متوسط ۽ شاهوڪار درجي جا شاگرد جدا جدا ميزن تي ويهاريا ويندا هئا، اهو ڪلاس بنديءَ جو طريقو ڏسي دل کي سخت نفرت آئي.“

    اهڙين حالتن ۾ به هن علم جي مجاهد تعليم حاصل ڪرڻ جي جهاد کي جاري رکيو ۽ آخرڪار اهڙي اوج تي پهتو جيڪو ٿورن کي نصيب ٿيندو آهي.

    شاهه لطيف جي شاعريءَ تي گهڻو ڪم ڪيو اٿن ۽ سنڌ جي صوفي بزرگن جا حال احوال ۽ شاعريءَ جو تجزيو سهڻو ڪيو اٿن. ادب جو هيءُ ناميارو نانءُ هر صنف ۾ تاڪ هو. پر مضمون نويسيءَ ۽ مقالا نگاريءَ ۾ سندس ڪو مٽ ۽ ثاني نه هو. اهم موضوعن تي سنڌيءَ ۾ مضمون لکيائون جيڪي سنڌي ادب ۾ مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيا ۽ ايئن سنڌي ادب جي لغت ۾ اضافو ٿيو. دائود پوٽي صاحب جن فلاسفر هوندي به سليس ۽ عام فهم مضمون لکي سنڌي ادب ۾ مضمونن جو سٺو واڌارو ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ جي بانين مان هئا. ”مهراڻ“ رسالي جي جاري ٿيڻ ۾ سندن خاص هٿ هو. شاهه ڪريم جي ڪلام کي مرتب ڪرڻ ۾ گهڻي جاکوڙ ڪيائون.

    مقدمه نگاري؛

    مقدمه نگاريءَ لاءِ جيڪڏهن اسين شاهه ڪريم، خواجه زمان ۽ گروهڙيءَ تي لکيل سندن مقدما ڏسنداسين ته سندن علميت جي معيار کان مستعرف ٿينداسين. تنقيدي تاريخ ۾ به کين وڏي اهميت حاصل آهي. علامه صاحب کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان تمام گهڻي محبت هئي، پاڻ شاهه ڀٽائيءَ جا عاشق هئا. ان ڪري سندن ڀرسان مدفون ٿيڻ جي وصيت ڪيائون ۽ شاهه ڀٽائيءَ ۽ ٻين صوفي بزرگن تي ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيائون. سنڌ جو هيءُ فلاسفر، ڏاهو، سڄاڻ نقاد ۽ مضمون نگار پنهنجون ڪئين تصنيفات و تاليفات، مقالات ۽ تحقيقات، سنڌي زبان ۾ لکي سنڌي ادب کي اونچو مقام ڏيئي ويو.
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌي ادب جو وڏو خدمتگار شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽو جي 121 سالگره مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ کي علم ادب جي سر زمين ڪوٺيو ويندو آهي هن ڌرتي تي دنيا جي تخليق کان وٺي اڄ تائين ڪيترن ئي هيرن املهه ماڻڪن کي پنهنجي گود ۾ جنم ڏيندي پئي اچي ۽ اهيو سلسلو دنيا جي وجود ختم ٿيڻ تائين جاري ۽ ساري رهندو انهن ماڻڪ موتين املهه انسانن پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ ڪردارن جي ڪري هو سدائين عوام ۽ انسانن جي دلين ۾ ياد آهن اهڙو شرف سونهاري سنڌ جي ٽلٽي شهر کي حاصل آهي ته هن ڳوٺ جي معزز شخصيت محترم محمد خان دائود پوٽي صاحب جي گهر کان 25 مارچ 1896ع اربع جي سڀاڳي صبح پرهه ڦٽي مهل سنڌي ادب جو محسن ، عظيم محقق، تاريخدان ، سنڌي ٻولي جو وڏو ڄاڻو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي تعلقي سيوهڻ ۾ پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو سندس خاندان شاهي زماني جو عروج پسي ورتو هو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي ڪٽنب جو تعلق به انهي ئي سان سلهاڙيل هو . سندس خاندان سال 1955ع تائين رياست بهاولپور تي حاڪميت ڪندو رهيو آهي .هن عظيم انسان جي وڏن منجهان سندس ڏاڏو محترم عبدالمطلب هڪ خوشحال آبادگار هو جنهن جي وفات کان پوءِ سندس جي ملڪيت جا مالڪ ان زماني جا هندو قرضدار کڻي ويا سندس ڏکن اچي پاسو ورايو جنهن سبب جي ڪري خاندان مٿان سڃائي اچي گهر ڪيو ، ان زماني منجهه هن جي والد فصلن تي به وڏي محنت ڪئي مگر سندن طاڳ نه جاڳو ويتر غريبي اچي وراڃن مجور ٿي (واڍڪو ) ڪم ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو سهارو بڻجي ڪم پئي ڪيو ايتري ۾ سندس ذهين صفت جو پٽ عمر به پڙهائي جي ڄمار کي اچي پهتو ننڍي عمر جي ڇهن سالن جي پٽ کي هن پنهنجي ڳوٺاڻي اسڪول منجهه داخل ڪرايو جتي هن زبردست محنت سان انگريزي جا چاردرجا پاس ڪري پڙهي پنهنجي والد جو نالو روشن ڪيو ، هڪ ڏينهن جڏهن اسڪول منجهه قاضي عبدالوهاب بوبڪائي اسڪول جو امتحان وٺڻ سانگي آيو هو ته ان زماني ۾ عمر به محمد دائود پوٽي جا اکر ڏسي سندس کي چيائين ( اکر لکيا اٿي يا ماڪوڙي جون ثنگون ) ان لفظي جملن جو دائود پوٽي تي ايترو ته سخت اثر ڇڏيو جو مشق مٿان مشق لکي اکر موتين جهڙا بڻايائين تنهن بعد هي ذهين طالب علم ڳوٺ جي اسڪول کي الوداع ڪري ڳوٺ جي ڀرسان ڪرم پور جي اسڪول ۾ داخلا ورتي اتي محمد ابراهيم سومرو صاحب جيڪو ان زماني ۾ انسپيڪٽر اسڪولس جڏهن امتحان وٺڻ پهتو ته عمر به محمد دائود پوٽي جي ذهانت ڏسي خوش ٿيو ۽ ان اسڪول جي هيڊ ماتر صاحب کي حڪم ڪيائين ته (اهڙو املهه ماڻڪ هتي تعليم پيو پرائي ) هن کي وڌيڪ تعليم لاءِ انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي ان زماني ۾ ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عمربن محمد دائودپوٽي سال 1914ع ڌاري لاڙڪاڻي جي مدرسي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ محنت سان پئي پڙهيو .سڀني هم ڪلاسي شاگردن کان گوءِ کڻي ويو ، ان زماني لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪليڪٽر پاران کيس مفت رهائيش گاهه جي منظوري پڻ ڏني ، دائودپوٽو صاحب خوش قسمت شاگرد هو جو ان زماني ۾ نوشهروفيروز مدرسي منجهان هڪ محنتي استاد (حاجي محمد ميمڻ) صاحب لاڙڪاڻي مدرسي ۾ بدلي ٿي آيو هو ، جنهن دائودپوٽو جي غربت ، ۽ ذهانت ڏسي نوشهروفيروز جي مدرسي ۾ سال 1915ع ڌاري اتي داخل ڪرايو ۽ ترت مسلم_فنڊ منجهان (ٽن روپين) جو وظيفو وٺرائي ڏنو تنهن بعد عمر بن محمد ڊائودپوٽي صاحب وڌيڪ تعليم حاصل ڪندو رهيو ،هن علم دوست شاگرد ايتري ته محنت سان پئي پڙهيو جو پهرين ڏينهن سندن هم ڪلاسي شاگردن سندس پنيچ تي سڀني کان آڏو ويهارڻ جو اعزاز ڏنو ، هي محنتي شاگرد محنت منجهان هٿ نه ڪڍيا هو، دائودپوٽوصاحب روزانو اٺاويهه ميلن جو پنڌ پنهنجي ڳوٺ کان نوشهروفيروز مدرسي تائين (اٺ) تي ويهي پهچندو هو ، سندس پڙهائي منجهه اهڙي دلچسپي ۽ غربت ۽ مفلسي ڏسي نوشهروفيروز مدرسي جي پرنسيپال مسٽر (جي _اين_ قاضي ) صاحب سندس همدردي ڪري سموريون فيون جلد ئي معاف ڪري ڇڏيون ،اهو دائودپوٽي صاحب لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڳالهه نه هئي تنهن بعد دائودپوٽو صاحب وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي منجهه (مفت بورڊ شب) ملي ۽ هن اتي داخلاورتي ،جڏهن عمربن محمد دائودپوٽو صاحب نوشهروفيروز جي سڀني شاگردن ۽ استادن کان اتان (اٺ) تي چڙهي ڪراچي روانو ٿيو ته سندس شاندار نموني سان الوداعي پروگرام ڪيو ويو ،هن محنتي شاگرد جو ڪراچي رواني ٿيڻ وقت سڀني شاگردن ۽ استادن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ، سادي طبت جو ٻهراڙي جو شاگرد نيٺ سال 1917ع ڌاري سنڌ مدرسيه الاسلام منجهان بهترين نمبرن ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ورتو دائودپوٽي صاحب ان زماني ۾ ان امتحان سڄي سنڌ منجهان (پهريون نمبر کڻي )سنڌ ايگزيبيشن پرائيز پڻ کٽي ورتائين ، هي محنتي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو صاحب ڪراچي پڙهڻ دوران هاسٽل ۾ زندگي جا پل گذاريندو هو ان سان گڏ هي اتي پاڻ (کٽون واڻي ، ڪتابن جا جلد سازي ڪري ۽ ٽيوشن ڏيئي پنهنجي زندگي جي گاڏي کي ڌڪي پنهنجو خرچ جو پورائو ڪندو هو ۽ پنهنجي والد صاحب کي به اتان ڪجهه پيسا پڻ ڏيندو هو ته جئين گهروارن جي زندگي به بسر ٿي سگهي عمر بن محمد دائودپوٽو صاحب سال 1917ع ڏاري ڊي _جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتان سال 1921ع ڌاري بي _اي جو امتحان سڄي سنڌ منجهان پهريون نمبر کڻي پاس ڪري ( ڊڪشنا فيلوشب) ماهوار (سٺ روپيه) به حاصل ڪندو رهيو ، سال 1923ع ڌاري سڄي بمبئي يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ (ايم _ اي) جي امتحان پڻ اول نمبر ۾ پاس ڪري (چانسلر ميڊل ) پڻ حاصل ڪيو نيٺ هن ذهين انسان کي سال 1924ع ڌاري هندستان سرڪار ولايت منجهان اعلي سند (پي _ايڇ _ ڊي ) ڪرڻ لاءِ برطانيه موڪليو جتان ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي صاحب مسلسل ٽن سالن جي محنت سان هڪ تحقيقي مقالو عنوان (فارسي شاعري تي عربي شاعري جو اثر ) لکي ڪمبرج يونيورسٽي منجهان پي _ايڇ_ڊي جي ڊگري حاصل ڪري سيپٽمبر مهيني سال 1927ع ڌاري پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان اچي پهتو ، تنهن بعد ستت ئي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جو پرنسپال جو منصب ماڻيائين ، سال 1930ع ڌاري وري اسماعيل ڪاليج انڌيري بمبئي منجهه عربي جو پروفيسر مقرر پڻ ٿيو ۽ مسلسل نو سال ان منصب سان سلهاڙيل رهيو ، تنهن بعد هو تيزي سان ترقي ڪندي سال 1939ع ڌاري سنڌ صوبي جي تعليم کاتي جو (ڊائريڪٽر (ڊي _ پي _آءِ) جو عهدو ماڻيائين جنهن تي سال 1950ع تائين ڪم ڪندو رهيو ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي صاحب کي علمي ، ادبي خدمتن عيوض سال 1940ع تي مڃتا طور کيس سرڪار ( شمس العلماءَ ) جي لقب سان نوازيو ويو تهن بعد سندن اعلي عهدن جان نه ڇڏي سال 1950ع کان 1955ع تائين (سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ) جو ميمبر پڻ ٿي رهيو ، سال 1955ع ڌاري بلد امين مڪي ۽ مديني شريف جي اڪير لڳي ڪجهه عرصو سرڪار کان موڪل وٺي پنهنجي گهر ڀاتين سميت حج ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهتو حج ڪرڻ بعد ٻيب اسلامي ملڪن دمشق ، بيروت ، يروشلم ، قاهرهه، پڻ سيرسفر ڪرڻ بعد واپس موٽندي رستي ۾ ڪجهه عرصو بغداد ، ڪربلا ، نجف، ۽ بحرين پڻ گهميا تنهن بعد هو واپس وطن پهتو سال 1956ع تائين اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو پڻ ميمبر رهيو سال 1956ع ڌاري رٽائرمينٽ وٺي ڪراچي ۾ پنهنجي زندگي جا پل پئي گذاريا سنڌ ادب جو هي هڏڏوکي انسان ، اعلي پاپي جو اديب ، محقق، عالم ، تعليمدان لطيف سائين جو پارکو سال 1957ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ رسالي ايڊيٽر ۽ شعبه تصنيف، وتاليف جو پڻ نگران مقرر ٿيو مهراڻ رسالو سندس سوچ جو عڪس هو جيڪو اڄ ڏينهن تائين پڌرو ٿيندو پيو اچي هي عظيم انسان زندگي جا چاليهه ورهين سنڌي ، عڳربي ، انگريزي ، فارسي ، زبانن ۽ تاريخ سنڌ ، شاعري ، تحقيق ، مذهب ، تنقيد ، علم ادب ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح تي پنهنجي قلم سان سندي ادب کي آسودو ڪندو رهيو پاڻ ڪافي انداز ۾ سنڌي ادب کي ڪتاب ڏئي سندي ادب جي جهول ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جن منجهان مرشد المبتدي ، منهاج العاشقين ، شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام ، ڪلام گرهوڙي ، ابيات سنڌي ، منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي ، سرها گل ، هندستان ۾ عام تعليم ، سنڌي نظم ، بيان العارفين ، چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم ، سليڪشن فرام حافظ اينڊ عارف وعيرهه قابل زينت آهن ان کان علاوهه سنڌي ٻولي دنيا جي مهّب ۽ سڌريل ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي ، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب زبردست مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا جنهن کي سندن شريڪ حيات خانم خديجه دائودپوٽي ترتيب ڏئي (مضمون ۽ مقالا جي نالي سان سال 1978ع ڌاري شاهه عبداللطيف ڀٽائي مرڪز حيدرآباد پڌرو ڪرايو جنهن منجهه تقريبن ڇاليهه کن مضمون مقالا مختف عنوانن سان ڏنل آهن ،سنڌي ادب جي هن عظيم اديب تعليمدان ۽ سنڌي ادب جو سچو خمتگار ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو دل بيهي وڃڻ سبب نيٺ زندگي جون 62 بهارون ڏسي سنڌي ادب جا سڀ ادبي ڪم ۽قلم بند ڪري راهه رباني ٿي ويو اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو اڄ 25 مارچ جي ڏينهن هن نامياري اديب ۽ لطيف شناس ، محقق ۽ سنڌي ادب جي سچي خد متگار جي اڄ 121سالگرهه نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي سندس جسم کي وصيت موجب ڌرتي جي وڏي مان وڏي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي پيراندي منجهه ڀٽ شاهه تي دفن ڪيو ويو ، حڪومت سنڌ سند س مرتي کان پوءِ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران حيدرآباد منجهه سندس جي نالي پويان ( شمس العلماءَ دائودپوٽا ) لائبريري قائم ڪئي وئي آهي جيڪا حيدرآباد شهر جي سڀ کان وڏي پبلڪ لائبريري مڃي وڃي ٿي



    _____________________________________________​
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  14. اياز علي لغاري

    اياز علي لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جولائي 2015
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    سنڌي ٻولي جو ماھر استاد
    ماڳ:
    سکر
    سونھاري سنڌ ڪيترن ئي عظيم پٽن کي جنم ڏنو آھي، سڀني جو پنھنجو پنھنجو مقام ۽ مرتبو آھي، پر مونکي لڳي ٿو ته انھن مان سڀني کان وڌيڪ عظمت واري شخصيت شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽي جي آھي. اسان ان کي شخصيت چونداسين ته ان سان ناانصافي ٿيندي. ھو ھڪ ادارو ھو. امير ۽ صاحب حيثيت ماڻھن ۾ گھڻو ڪجھ ڪرڻ جي صلاحيت ھوندي آھي، پر ڊاڪٽر صاحب جنھن غربت ۽ افلاس کي منھن ڏئي سنڌ کي روشني ڏني سا ڪڏھن به ختم ٿيڻ واري نه آھي.
     
  15. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    لک قرب پيارا اياز علي لغاري صاحب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو