نوشهرو فيروز ، سنڌ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نوشهرو-فيروز.(سنڌُ).
    جوکيو شفيق احمد جي ٿورن سان.

    [JUSTIFY]ميان آدم شاه ڪلهوڙي جي اولاد مان ميان نصير محمد خان (ڪلهوڙي) کان وٺي ڪلهوڙن فقيرن جي حڪومت جو سلسلو ميان عبد النبي خان تائين جاري رهيو.

    ميان نصير محمد ابتداء ۾ ساهتي پرڳڻي (ڪنڊيارو، نوشهرو-فيروز ۽ مورو) تي قبضو ڪيو پوء سيوهڻ تائين جهڙو زرخير علَائقو پڻ هٿ ڪيائين. سندس مريدن مان فيروز نالي هڪڙي فقير پنهنجي نسبت سان نوشهرو-فيروز جو شهر تعمير ڪرايو جيڪو نون (9) ڀاڱن ۾ هو ۽ ان ۾ جدا جدا قومن (قبيلن ذاتين) جا ماڻهو وهاريا (آباد ڪرايا) ويا هئا.

    تنهن ڪري نوشهرو نالو پِيُسِ. اهڙي ريت ميان نصير محمد (ڪلهوڙو) پنجويه سالن جي عرصي ۾ فقيرن جي هڪڙي قسم جي حڪومت کڙي ڪري سن 1103هه / 1696ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مقبرو خيرپور ناٿن شاهه ۾ آهي.

    حوالو ڪتاب:
    (امام) شيخ محمد حيات السندي (سنڌي محدث)

    ليکڪُ
    ڊاڪٽر پروفيسر رفيق احمد مڱريو
    بازيدپوري-ڪنڊياروي.[/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Abdul Khaliq Gadani

    Abdul Khaliq Gadani
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 مارچ 2012
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ھاری
    ماڳ:
    خانپور مھر
    جواب: نوشهرو فيروز ، سنڌ

    ادا سائین تمام زبردست معلومات آھی
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو