نثارابڙو
نائب منتظم
شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل اونداهون!

http://imageshack.us
لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي ايريا اندر ٽي سال اڳ، اتر سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سهولت لاءِ، ڊينٽل ڪاليج جي بلڊنگ ۽ او پي ڊي جو ڪم شروع ڪيو ويو، نيٺ 21 جون 2011ع تي صدر آصف زرداري ڊينٽل ڪاليج جو ۽ ڪجهه ڏينهن پوءِ قانون جي صوبائي وزير اياز سومرو او پي ڊي جو افتتاح ڪيو ۽ سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي واري ڊينٽل ڪاليج جو نالو ”بي بِي آصفه ڊينٽل ڪاليج“ رکيو.
جنهن کان پوءِ 30 آڪٽوبر 2011ع تي اين ٽي ايس نيشنل ٽيسٽنگ سروس پاران ضلعي لاڙڪاڻي سميت قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، دادو، سکر، جيڪب آباد، ڪشمور، خيرپور، نوشهروفيروز ۽ گهوٽڪي ضلعن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان ٽيسٽ ورتي وئي. 17 نومبر 2011ع تي آخري ميرٽ لسٽ پڌري ڪئي وئي، ٽيسٽ ۾ 55 شاگرد ۽ شاگردياڻيون پاس ٿيا. هن وقت پنج مهينا گذري ويا آهن، اتر سنڌ لاءِ منظور ڪيل ان واحد ڊينٽل ڪاليج ۾ هن مهل تائين نه شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ائڊميشن ليٽر مليا آهن ۽ نه ئي في الحال ڪلاس شروع ٿيڻ جو ڪو آسرو نظر اچي ٿو.
جڏهن ته ساڳي وقت جن شاگردن ڊائوميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج، ڪراچي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج ۽ لمس ڄامشورو ۾ داخلائون ورتيون هيون، انهن جا جلد سيميسٽر به ٿيڻ وارا آهن. صدر صاحب ڊينٽل ڪاليج جو افتتاح ته ڪيو، پر شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميه، سنڌ حڪومت توڙي لاڙڪاڻي مان چونڊيل نمائندن آڏو داخلائون حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين ڪيترا ڀيرا دانهيو آهي، پر صرف ٺلها آسرا ڏنا پيا وڃن. عملي طور ڊينٽل ڪاليج جا ڪلاس شروع ڪرائڻ لاءِ ڪو به سنجيده نظر نه پيو اچي.
هاڻي ته اها به خبر پئي آهي ته ذميوار آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻو PMDC پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل کان منظور به ناهن ڪرائي سگهيا! جيڪڏهن شهيد بينظير ڀٽويونيورسٽي انتظاميه ۽ سنڌ حڪومت ۾ اها اهليت نه هئي، ته پوءِ صدر کان افتتاح ڪرائي شاگردن ۽ شاگردياڻين جون داخلائون ڪري، انهن کي آسري ۾ رکي، انهن جو مستقبل تباهه ڇو پيو ڪيو وڃي!؟