سڀ کي پهريان سڄي سنڌ سلامت السلام عليڪم
۽ عيد مبارڪ
سڄڻئو اميد ته توهان خوش هوندا ۽ الله رب العزت توهان ڏانهن هر وقت خير جو گذاريو هوندو، ۽ عيدون پنهنجن پيارن سان گڏ ڪيون هونديون۔
منهنجي ڪافي دوستن کا خبر آهي ته هن وقت هي ناچيز منسٽري آف ايجوڪيش (وزارت تعليم) گورنمنٽ آف پاڪستان، اسلام آباد ۾ وزيرِتعليم جو پرسنل اسسٽنٽ طور خدمتون سر انجام ڏيئي رهيو آهي، پرسنل اسسٽنٽ جي ڪم جي ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته ڪيترو نه ڏکيو ڪم آهي ٻيو ته وري وزيرتعليم، اهو ئي سبب هو جو هن محبتن ڀريي اڱڻ کان دور ٿي ويس۔
پر سهڻا ساٿيو مان فورم تي پاڻ کي ايڪٽو رکڻ لاءِ سڀ کان پهريان پنهنجي ڪمري ۾ انٽرنيٽ جو ڪنيڪشن لڳرايم۔ ڪنيڪشن لڳڻ کان بعد ڪجهه ڪمپيوٽر جي سيٽنگس ڪئي سون۔ ته مٿان وري ايتري ۾ عيد اچي وئي۔
عيد پنهنجي گهروارن سان ڪئي سون، عيد جون موڪلون پوريون ڪري پهرين ڏينهن ئي سنڌ سلامت کي وزٽ ڪري هڪ ٻن پوسٽن جا جواب ڏنا سين۔
فورم تي ڪافي تبديليون، نوان چهرا، نوان رنگ روپ، مطلب تي فورم جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي۔
انشاءَالله هاڻي باقائدگي سان فورم تي اچبو پيو، سڄڻن سان پيون محبتن ڀريون ڪچهريون ٿينديون۔
توهان جي دُعائن جو طلبگار
راجا عبدالوهاب قمبراڻي
اسلام آباد