ان بحث ۾ فيسبڪ تي منهنجا ڪجهه رايا۔
1
غاصب ۽ قابض ڪڏهن به محسن ٿي نه ٿو سگهي، ڀل اهو فرشتو ئي ڇو نه هجي ...
انگريز جي اصول پرستي يا ترقي پسندي سندس چهري تان سنڌ دشمنيءَ جو داغ نٿي ڌوئي سگهي . سنڌين جو قتلام ڪري انهن جي آزاد ديس واري حيثيت ختم ڪري غلام ڪرڻ کي ڪڏهن به قدر جي نگاهه سان ڏسي نٿو سگهجي ...
2۔
عرساڻي ۽ ٽالپر صاحب جو بحث پنهنجي جاءِ تي وڻندڙ رهيو ۽ اخلاق جي اندر رهيو، ۽ بحث براءِ بحث نه پر تنقيدي بحث رهيو ... عام طور تي ڏٺـو ويو آهي ته ڪجهه دوست بحث ڪندي بد اخلاقي ڪندا آهن ۽ جذباتي ٿي ٻين کي لقب ڏيڻ شروع ڪندا آهن ...
پر اوهان دوستن پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلجهيل دوستن وارو ڪردار ادا ڪندي بحث ڪيو آهي ... دل خوش ٿي.
عام طور تي سنڌ جي تاريخ لکندڙن يا وري محترم جي ايم سيد پڻ سنڌ تي بحث ڪندي ميرن کي مقامي حڪمران چيو آهي، انجو سبب ميرن جو سنڌين سان ملي وڃڻ، سنڌين سان گڏجي ڪئي ويڙهيون وڙهڻ ۽ ڪلهوڙن جو ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪرڻ جا خطاب مليل آهن ... ڪافي عرصو سنڌ ۾ رهڻ سبب سنڌي ٿي وڃڻ ۽ مقامي ثقافت ۽ سنڌ کي پنهنجي ڌرتي ڪرڻ سبب کين سنڌي سمجهيو وڃي ٿو ....
پر انگريز ست سمنڊ پار کان آيل هو ۽ آهستي آهستي پنهنجن مفادن کي هندستان جي پوري سرزمين تي مختلف طريقن سان قبضو ڪيو ۽ انهن ملڪن مان تمام گهڻو سرمايو انگلستان منتقل ڪيو ويو ... هو صرف حڪمران هيا پر قومي طور تي ڌرتيءَ سان منسلڪ نه هيا ... ڏٺو وڃي ته هندستان ۾ سڀ کان آخر ۾ سنڌ تي قبضو ڪيائون ۽ اهو به ويڙهه جي ذريعي ... ٻي ڳالهه ته شاه شجاع کي حڪمراني واپس ڪرائڻ کانپوءِ جڏهن موٽيا ته خيرپور کان وٺي حيدرآباد تائين فتح ڪندا ويا ۽ ڪجهه سنڌين بشمول ميرن جي غداري ڪئي ته ڪجهه وڙهي شهيد ٿيا ....
انگريزن سنڌ جا حڪمران ٿي ويا ۽ هي اهو وقت هو جڏهن صنعت يورپ جي ملڪن ۾ تمام تيزيءَ سان وڌي رهي هئي، ٻاڦ انجڻيون ايجاد ٿي چڪيون هيون، جنهن سبب ريل ۽ ڊيزل انجڻيون ايجاد ٿيڻ سبب موٽر گاڏيون ايجاد ٿي رهيون هيون. اهو ئي سبب هو جو انگريزن پنهنجي رابطي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نه فقط هندستان ۾ بلڪ آفريڪا، آمريڪا ۽ ايشيا يورپ جي ملڪن ۾ ريل ۽ ريلوي پٽڙيون وڃايون بلڪ روڊ رستا پڻ ٺهرايا ... انگريزين پوري دنيا ۾ حڪمران ٿي ويا نه ڪي قومي طور منتقل ٿيا انڪري انهن کي پنهنجي ٻولي رائج ڪرڻ جي ضرورت نه هئي بلڪه هنن مقامي ٻولين کي رائج ڪيو ...
3۔
اهو رويو انگريزن پنهنجن سڀني ٻيٽڪيتن ۾ رائج ڪيو هو ... پر آخر سڀني قومن ممڪن نمونن سان آزادي حاصل ڪئي ۽ هن وقت جيڪي به آزاد قومون آهن اهي انگريزن کي ڌاريو ۽ غاصب سمجهن ٿيون پنهنجو محسن نٿيون سمجهن.
4
هاڻ اسين انهن جي ان ضرورت مطابق ڪيل ڪمن کي سنڌ جي سڄڻائپ چئون ..؟؟؟ پر جيڪڏهن هنن ڪجهه ڪم ڪيا به ته انجي بدلي سنڌ مان تمام گهڻا فائدا حاصل ڪيا ۽ مال ميڙيائون ... قتل عام ڪرايائون، مقامي سورهين کي ڦاسيون ڏنائون، انهن ۾ ويڙهايو راڄ ڪيو وارو نظام رائج ڪيائون ... هي ته شڪر جو ٻي عظيم جنگ ۾ انگريزن جي مالي ۽ نفسياتي شڪستن سبب هندستان کي آزادي ملي پر ويندي ويندي ظلم ڪري ويا ۽ هندو مسلم قوم جو بي منطق نظريو ڏِئي هن خطي کي آتش فشان تي کڙو ڪري ويا.
سندن سياسي بصيرت ته اها هئي جو هنن پاڪستان کي آزاد ڪندي هڪ اهڙو ملڪ ٺاهيو جو هڪ حصي ۽ ٻي حصي جي وچ م هيڏو وڏو هندستان، جنهنجو منطقي نتيجو ٿورن ئي سالن ۾ آيو ۽ پاڪستان ٽٽي ويو ...
خئير اهي ته ٿيون تاريخ جون ستم ظريفيون جيڪي سنڌين سان ٿينديون رهيون آهن ۽ سنڌي به انهن ستم ظريفين ۾ نچندا رهيا آهن ...پر اصل مسئلو ته هاڻ آهي؟ ڇاڪاڻ ته لکن جي تعداد ۾ ايترا ماڻهون قبول ڪيا ويا ۽ انهن کي کير پياري سنڌ ۾ آندو ويو آهي، جن جي نه ثقافت اسان سان ملندڙ نه ٻولي ملندڙ ۽ نه وري ڪنهن به صورت ۾ اسان سان ملڻ لاءِ تيار آهن ...
اصل ۾ سنڌين جي ڏاهپ ۽ سورهيائي جو امتحان هاڻ ٿو شروع ٿئي ... ڏسجي ته سنڌ جي ڏاهپ ڪهڙا حل ٿي ڪڍي ....؟