نثارناز
سينيئر رڪن
اسانکي تلاش آهي، هڪ فقير جي جيڪو پنهنجي پاڻ کي ڦلپوٽو سڏائيندو آهي، عيد تي ايترو ڪمايو اٿس جو هاڻ سنڌ سلامت تي تمام گهٽ نظر پيو اچي، آخر ته سنڌي پُٽ آهي، پورو مهينو ڪمايو اٿس، جيسين ٻه مهينا اها نيڪ بابا نيڪ مائي واري ڪمائي کائي چٽ نه ڪندو تيستائين هُو مجال آهي ڪنهن ٻي ڪمائي جو سوچي سگهي۔ باخبر ذريعن کان خبر پئي آهي، ته هُن کي آخري دفعو لي مارڪيٽ ويجهو ڪراچي کان ٺٽي وڃڻ واري بس اسٽاپ تي صدائون لڳائيندي ڏٺو ويو هو۔ جنهن به نيڪ مائي ۽ سنڌ سلامت جي نيڪ بابا کي فقير جي خبر هُجي ته وڏي ائڊمن سنڌ سلامت کي فوري آگاهه ڪيو وڃي ته مهرباني ٿيندي۔ اطلاع ڏيڻ واري کي ڀاڙو ۽ خرچ پتو ڏيڻ جي بدران ڀاڙو ۽ خرچ پتو ورتو ويندو۔ جي فقير خود پڙهي ته هو هليو اچي ۔ هُن کي ڪجهه به ڪونه چيو ويندو۔ سنڌ سلامت واري ايڊيٽري کي سندس جُدائي ۾ غشيءَ جا دورا پئي رهيا آهن۔
عطيه اشتهار؛
پاران ؛ نثارناز ؛ سرپرستي وارو پٽڪو پهريل، ڊبليو ڊبليو ڊبليو ڊاٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام۔
عطيه اشتهار؛
پاران ؛ نثارناز ؛ سرپرستي وارو پٽڪو پهريل، ڊبليو ڊبليو ڊبليو ڊاٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام۔