سنڌ جي شهر سجاول ۾ چئن تخليق ڪارن جي ڪتابن جي مهورت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ جي لاڙ پٽ جي خوبصورت شهر سجاول ۾ سنڌ جي چئين(4) تخليق ڪارن ، محترم سورج سجاولي جي ڪتاب ”اڃان سنڌ ڪاري ويس ۾“ محترم اياز امر شيخ جي ”ڪتاب ڪلا جِي ڪائنات“ محترم عبد سنڌي جي ڪتاب ” سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ ۽ محترما گُل بي بي شاهه جي ڪتاب” عڪس گل“ جي مهورت 31 مارچ 2012ع ۾ ٿي گُذري​


    رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز​


    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي
    دوستو سنڌ جي لاڙ پُٽ جي شهر سجاول جو ڀاڳ ان وقت جاڳي اٿيو جڏهن سنڌي شاعري جا يڪا سارا چار ڪتاب هن شهر ۾ سنڌي عوام اڳيان مهورت لا پيش ٿيا۔سنڌ سلامت جي جهوني جي حيثيت سان اها منهنجي خوشنصيبي آهي ته هن عظيم الشان مهورتن واري تقريب جي ڪوريج ڪرڻ جي دعوت مونکي ملي، مهورت جي تقريب کان علاوه سنڌ جي فنڪارن کي سرويچ سجاولي اڪيڊمي سجاول پاران سندن بهترين ڪارڪردگي عيوض ايوارڊ پڻ ڏنا ويا۔ ۽ سنڌ جي سريلي فنڪارن پنهنجي سُرن عيوضي هن ڪتابي مهورت واري تقريب ۽ ايوارڊن واري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، دوستو جيئن ته سجاول شهر منهنجي شهر کان ٻن ڪلاڪن جي مسافتن تي ڏکڻ طرف آهي ، 31 مارچ 2012ع تي ڏينهن جو اڍائي وڳي سجاول شهر وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هُئس [/JUSTIFY]


    پيش آهن هن تقريب جو ڪجهه تصويري احوال

    [​IMG]
    هڪڙو وڏو پينا فلڪس جو بينرآويزان ڪيو ويو هو

    [​IMG]
    ڪتاب سُڏڪا سُڏڪا سنڌ جو سرجڻهار محترم عبد سنڌي، ڪتاب عڪس گُل جي سرجڻهاره محترما سيد گل بي بي شاهه بُخاري ، سندس ور عنايت حسين بُخاري ۽ مًحترم ڪورائي صاحب ڪتابن جي مهورت ڪري رهيا آهن ڪتاب سندس هٿن ۾ آهن

    [​IMG]
    ڪتابن جي مهورت ويلي سنڌ جون نامور شخصيتون هڪ سنڌي شاعره محترمامريم مجيدي صاحبه ۽ ٻي سنڌ جي ڪوئل فنڪاره محترما ديبا سحر ٻه ڪتاب اڃان سنڌ ڪاري ويس ۾ ۽ سُڏڪا سُڏڪا سنڌ جي مهورت ڪرائي رهيون آهن

    [​IMG]
    سنڌ جي موجوده دور جو سچل ۽ سرمد شاعر حافظ محمد نظاماڻي، سنڌ جي مايا ناز شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي ۽ محترمه مريم مجيدي پڻ ڪتاب هٿن ۾ کڻي مهورت ڪرائي رهيا آهن

    [​IMG]
    محترم اياز امر شيخ ، سنڌ جو راڳي الهڏنو جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ڪتابن جي مهورت ڪرائي رهيا آهن

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڪتاب عڪس گُل جي سرجڻهاره سيد گل بي بي شاهه پنهنجي ڪتاب جي مهورت تي انتهائي خوش آهي

    [​IMG]
    ڪتاب سُڏڪا سُڏڪا سنڌ جو تخليق ڪار محترم عبد سنڌي پنهنجي ڪتاب جي مهورت واري موقعي تي نازان آهي

    [​IMG]
    ڪتاب “ ڪلا جِي ڪائنات جو سرجڻهار محترم امر اياز شيخ

    [​IMG]
    ڪتاب اڃان سنڌ ڪاري ويس ۾ جو تخليق ڪار محترم سورج سجاولي​
     
  2. Abdul Khaliq Gadani

    Abdul Khaliq Gadani
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 مارچ 2012
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ھاری
    ماڳ:
    خانپور مھر
    جواب: سنڌ جي شهر سجاول ۾ چئن تخليق ڪارن جي ڪتابن جي مهورت

    واھ ادا زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو